Thursday, December 15, 2022

ڪهاڻي ڪتاب “خوشي”

ڪهاڻي ڪتاب “خوشي”

مطالعي جي ميز تان: ڪھاڻيءَ ۾ زندگي.

ڪهاڻيڪار: زاھد منگي.

تجزيو: رزاق سهتو



زاهد منگيءَ جي مھرباني جنهن پنهنجو تازو ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب، ليکڪ، خوبصورت جوان رياض ابڙي جي هٿان پهچرايو. هڪ ڪم ٻه ڪاج جي مثل، ڪهاڻي ڪتاب به مليو ۽ رياض ابڙي سان شناسائي به ٿي ۽ ادب، آرٽ، تاريخ تي دلچسپ ڪچهري به ٿي. ڪهاڻي ڪتاب جو تعارف هن طرح آهي ته نالو”خوشي” جيڪو هڪ ڪهاڻي تان کنيو ويو آهي. ڇپايو پيڪاڪ پبلشرس وارن آهي. پس ورڪ عبدالستار منگي جو لکيل آهي. جملي ويهه ڪهاڻيون ڪتاب ۾ آهن. انهيءَ کان علاوه اداري پاران ۽ مهاڳ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، ٻه ليک ڪهاڻيڪار زاهد منگي بابت شفيق منگي ۽ رياض ابڙي کانپوءِ ڪهاڻيڪار پنهنجي پاران مختصرن لکيو آهي.


مهاڳ ڪنهن به ڪتاب جو آئينو هوندو آهي. منهنجي راءِ آهي ته مھاڳ لکڻ آرٽ آهي. مواد کي ڌيان سان پڙهي. انهيءَ جي پرک ڪرڻ وري آيل مواد کي عالمي تناظر ۾ ڀيٽڻ، مختلف ڌارائن جي تحت مواد کي جاچڻ، وري جنهن سماج ۾ ليکڪ رهي ٿو ان جي معروضي حالتن کي جاچي پوءِ ئي مهاڳ اندر جان پيدار ڪري سگھبي آهي. مشاهدو اهو ئي ٿو ٻڌائي ته اڪثر پڙهندڙ ڪتاب شروع ڪرڻ کان پهريائين مهاڳ لکندڙ جو نالو پڙهندا آهن. پوءِ مهاڳ پڙهي ڪتاب شروع ڪندا آهن. ڪهاڻي ڪتاب، ناول، شاعري وغيره ڪتابي صورت ڏيڻ کانپوءِ، ليکڪ لاءِ وڏو مرحلو مهاڳ لکرائڻ جو هوندو آهي. هرڪوئي ڪوشش اهائي ڪندو آهي ته مهاڳ ڪو ناميارو ليکڪ، جھونو ليکڪ ئي لکي. هُنن کي جڏهن مسودو ڏبو آهي ته ڪيترائي مهينا پاڻ وٽ رکي اهو تاثر ڏيندا آهن ته مصروفيت آهي. وقت نٿو ملي اوهان کي لکي ڏيندس. اهڙي صورتحال ۾ ڪيترن جا ڪتاب گم ٿي ويا. ۽ ڪيترا ڪتاب ۽ ليکڪ پوڙها ٿي ويا. پنهنجي تجربي جي روشني ۾ ٻڌايان ٿو ته مهاڳ هميشه همعصر ليکڪ کان لکرائڻ گھرجي. هُن جي حوالي به تڏهن ڪجي جڏهن اوهان کي پڙهيو هجي يا اوهان جي ڪم کان واقف هجي. جيڪڏهن مهاڳ جاندار ناهي ته سمجھو ڪتاب جو ڪارج پورو ٿي ويو. ڪتاب مهاڳ کانسواءِ ڇپرائڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. سو ڪهاڻي ڪتاب “خوشي” جو مهاڳ مبارڪ لاشاري لکيو آهي. منهنجي ساڻس ڄاڻ سڃاڻ فيس بوڪ تي سندس لکڻين ۽ راين جي ذريعي ٿي. پوءِ ڪورانا جي ڏينهن ۾ لائيوىپروگرام ڪندو هئو فلسفي جي باري ۾ جنهن ۾ اڪبر لغاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا. مون پڻ ان ۾ سوال ڪرڻ جي حوالي سان شرڪت ڪئي. ڏاڍو سٺو پروگرام هيو. اسان وٽ سٺيون شيون جلدي ختم ٿي وينديو آهن. سو انهيءَ روايت تي هلندي هي پروگرام به پڄاڻيءَ تي پهتو. ساڻس ملاقات ڪجھ سال پهريون آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ انجمن ترقي پسندس مصنفين جي پروگرا م ٿي جنهن ۾ اڪبر سومرو ساڻ هيم اسان گڏجي آرٽس ڪائونسل جي ڪيفي ۾ چانهه پيتي هئي. مبارڪ لاشاري جي سڃاڻپ حقيقي نقاد واري آهي جيڪا “خوشي” ڪهاڻي ڪتاب جي مھاڳ ۾ واضع نظر اچي رهي آهي. اسان جي جهوني نقادن خلقيق ٻگهي ۽ ممتاز مهر کان بلڪل مختلف جيڪي ڪنهن به تخليق تي ليڪ واري نپوڙي ساهه ڪڍي ڦٽو ڪندا آهن. ڪنهن به تخليق کي تي ليڪ وارڻ نقاد جي ڪم علمي ۽ انا کي ظاهر ڪريٿي. پر پيارو مبارڪ لاشاري هلندڙ دور جو اڀرندڙ نقاد آهي. جنهن جي پهچ عالمي ادب جي تنقيديلي اصولن جي عين مطابق آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته مهاڳ ڪنهن به نقاد کان نه لکرائڻ گھرجي. بلڪي نقاد کي اڪيڊمڪ بحث لاءِ ۽ ڪتاب جي اوک ڊوک لاءِ ڏيڻ گھرجي. هونئن به نقاد ڪنهن به تخليق کي شَهڪار يا هيٺائين سطح جي تخليق ڄاڻائي نٿو سگھي.

مبارڪ لاشاري “خوشي” ڪهاڻي ڪتاب جي مهاڳ جي شروعات ائين ٿو ڪري جيئن جديد نقاد ڪن پيا. هو ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي جي هنن جملن سان مهاڳ لکڻ شروع ڪري ٿو.

“سڀ قطار ٺاهي بيهو، واري واري سان سڀني کي پيسا ملندا”

“ملاز م جو آواز ٻڌي عورتون ۾ هلچل مچي وئي. هڪ ٻئي کي لتاڙي اڳ ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيون. سندن ڪڇ تي کنيل ٻارڙن ۾ رانڀاٽ پئجي ويا. بئنڪ جي اڳيان ڄڻ جنگ لڳي وئي. ڪلثوم به جيئن تيئن ڪري قطار ۾ جاءِ ٺاهي بيٺي. اڄ کيس چوٿون ڏينهن هو جو مسلسل پئي آئي. رڳو چوٿون ڏينهن ته هو چوٿون سئو به هو جو هو ڪرايو ڪري آئي هئي. “

هي زاهد جي ڪهاڻي “قطار” مان کنيل ٽڪرو آهي.

اڳتي لکندي مبارڪ مجموعي طور تي ڪهاڻيءَ بابت جاندار راءِ ڏئي ٿو هو چويٿو:

“ڪهاڻي زندگي آهي ۽ زندگي ڪهاڻي آهي. پر ڪهاڻي ۾ زندگي وجھڻ هڪ فن آهي. جنهن کي اهو فن ايندو آهي اهو سماج کي بهترين آئينو ڏيکاري سگھي ٿو. سماجي حقيقت نگاري وارين ڪهاڻين ۾ وڏا وڏا نالا موجود آهن جن کي مختلف سماجي، فڪري، فلسفيانه ۽ نظرياتي لاڙن سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. ان کان پهرين زندگي کي سمجھڻ جي ضرورت پڻ آهي. زندگي صرف ڪتابن ۾ يا لفظن ۾ نه هوندي آهي جيتوڻيڪ ڪتابن ۽ لفظن ۾ اڪريل زندگي به جاندار آهي پر حقيقي زمين تي موجود زندگي اهو مواد مهيا ڪري ڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪتابن کان ٻاهر زندگي پيڙهيل ۽ بي حس بڻايل آهي ته ڪهاڻي ۾ اها زندگي خوبصورت نٿي ٿي سگهي. منٽو چيو هو ته اگھاڙپ منهنجي ڪهاڻين ۾ نه آهي. اها حقيقي زندگي ۽ سماج ۾ آهي. جيڪو سماج کيس ڏئي ٿو هو اهائي زندگي ڪهاڻين ۾ چٽي ٿو.

ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري جي مهاڳ پڙهندي اها خبر پئي ٿي ته زاهد منگي، سماجي حقيقت کي ظاهر ڪرڻ وارو ڪهاڻي ڪار آهي. سندس ڪهاڻين جا گل حقيقت نگاري جي گلدستي ۾ سجايل آهن. ڪهاڻيڪار پنهنجي ڪهاڻين بابت رڳو ايترو پنهنجي پاران ليک ۾ چئي ٿو ته”ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين مان ڪجھ ڪهاڻيون منهنجي شروعاتي دور جون ڪهاڻيون آهن. “ جڏهن ڪتاب ڇپرايو پئي ويو ته شروعاتي ڪهاڻين کي وري لکڻ پرکڻ جي ضرورت هئي ڇو ته انهن ڪمزو ڪهاڻين ئي ڪتاب ۾ جھول پيدا ڪري وڌو آهي. ڪهاڻي ڪتاب جي شروعات “پڙ” ڪهاڻي سان ٿئي ٿي. پڙ تي زير زبر ناهي. تنهن ڪري پهرين نظر ۽ پڙهڻي مان خبرڪان ٿي پئي ته اصل لفظ ڪهڙو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ هڪ پوڙهي عورت ۽ جوان ڇوڪري مُراد پڄڻ تي، ڪُٽيءَ جو ٿالهه ۽ پَڙُ کڻي پير تي پهتيون آهن. ٿڌ به ڏاڍي آهي. هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري سيءَ ۾ ڏڪي رهي آهي. جوان ڇوڪريءَ کي هن تي رحم اچي وڃي ٿو. پير تي پڙ وجھڻ جي بجاءِ پڙ دڪاندار کي واپس ڪري لوئي وٺي هن ٿڌ ۾ ڏڪندڙ ڇوڪريءَ کي پارائي ڇڏي ٿي. ڪهاڻيءَ جو تت آهي ته انساني همدري وغيره ان ڪهاڻيءَ جا ڪجھ دلچسپ جملا:

“ماسي پٽ يا ڌيءَ ۾ ڪو فرق آهي ڇا. ؟ ٻئي برابر آهن، الله ٻنهي کي هڪ جهڙو ساهه ڏنو آهي. “

“اڙي ــ امان تو کي شابس هجي ڪاٿي مڙد ڪٿي مائي. ان جي شان سان ٿي اسان کي ڀيٽين ٻه اکر پڙهيل ٿي ڏسجين تڏهن ته شناس ئي ختم ٿي وئي اٿئي. نظيران جي ڳالهه ٻڌي ڪراڙيءَ کي خار وٺي وئي. “

“ماسي ٻه اکر پڙهيم ته ڪو گناهه جو ڪم ڪون ڪيم پڙهي آهيان، تڏهن ته سمجھان ٿي ته مائي مرد ٻئي هڪ جهڙي حيثيت رکندڙ آهن. ٻنهي ۾ ڪو فرق ناهي. “

ڪهاڻي “نيئن پيڙهي” خوشي ڪهاڻي ڪتاب جي سڀ کان بهتر ڪهاڻي آهي. جملن جي بيهڪ، بيان ڪرڻ جي انداز، منظر نگاري ۽ ورتاءُ ڪهاڻي سان ڀلو ٿيل آهي. هي ڪهاڻي ناسٽيلجيا جي زمري ۾ اچي ٿي. ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار پنهنجي وڏڙن جي شين کي سنڀاليندو رهي ٿو. سندس اولاد ۽ زال پراڻين شين جو پويان پيل آهن. جيڪي انهيءَ کي ڪٻاڙ سمجهي کپائڻ چاهن ٿا. پر ڪهاڻي جو ڪردار ماضيءَ ۾ جيئڻ ٿو چاهي. مثال جو طور تي ڪهاڻي جو هي جملو:

“هن پَکي ۾ بابي جي پگهر جي خوشبوءِ شامل آهي. مان اهو ڪڏهن به نه کپائيندس. “ ٻيو جملو ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار زال کي چئي ٿو:

آهستي آهستي تون ۽ مان به پراڻا ٿيندا ٿا وڃون، ڊڄ ان ڏينهن کان جڏهن اسان کي به پراڻي سامان جيان ناڪارهه سمجهي ٻاهر اڇلي ڦٽو ڪري ڇڏيندا. “

ڪهاڻي”خوشي” ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي آهي. سٺي پيرائي ۾ ترقي پسند سوچ تي آڌاريل ڪهاڙي آهي. جنهن ۾ عورت جو مڙس ڇُورن جو شوقين آهي. زال ڏانهن توجع ئي نٿو ڏئي. آخر سندس زال مجبور ٿي. ٻين مردن ڏانهن سوچڻ لڳي ٿي. ڪهاڻيءَ جا ڪجھ جملا:

“ياسمين جي خيالن جو گھوڙو نورل جي اڱڻ تي اچي بيهي رهيو. نورل جو گھر سندس ويڙهي ۾ اندر ئي هيو. “

*

“نورل جي نالي سندس جذبن جي شدت کي آٿت ڏئي ڇڏي ۽ هن جي اک لڳي وئي. “

*

“شاديءَ جي پهرين رات ئي مڙس خيالن جي ابتڙ نڪتو. هئس نه ڪا ڳالهه ٻولهه نڪو پيار ڀريو انداز، بس ڄڻ ٻه گونگا جانور پاڻ ۾ مليا هجن. “

ڪهاڻي “ٽڪيٽ” ۾ سنڌ جي روايتي پير پرستيءَ کي اظهاريو ويو آهي. جنهن مان ڪجھ جملا:

ها! سائين بيشڪ ابي سڄي حياتي درگاهه جي ڊيوٽي دل وجان سان ڏني. خدمت کي عبادت سممجھي ڪيائين. “

“بروبر ابا سچ ٿو چوين. خليفي ولي محمد جي ڳالهه جي تائيند ڪئي. “

“سائين هڪڙو عرض آهي. “ “ها با با حڪم ڪر “ “سائين ابو وصيت ڪري ويو هو ته مران ته جنازي نماز سائين مرشد ڪريم پڙهائين. “ “ها بابا ڇو ته فقير سڄي عمر درگاهه جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ان جو صلو ته هن کي ملي نه” خليفي مرڪندي وراڻيو. “هائو سائين پر قربڙو ڪيو مرشدن کي عرضڙو ڪيو ته هلن” ولي محمد عاجزيءَ مان چيو.

“حاضر ابا حاضر مرشد کي عرض ڪيون ٿا. پر ابا جناري لاءِ نذرانو آندو اٿئي؟” “نذرانو” ولي محمد حيرانگيءَ مان چيو

 ڪردار ولي محمد پيءُ جي جنازي پڙهائڻ لاءِ نذراني جا پئسا ڪٿان ڪري جو مرشد کي جنازي پڙهائڻ جا پئسا ڏئي هو پنهنجي زال ڪزبانوءَ وٽ اچي ٿو. کيس ڪنن ۾ پيل والين جي لاءِ چويٿو اهي ڏي ته مرشد کي نذراني طور ڏيان جيئن مرشد بابي جي جنازي نماز پڙهائي. “

“واليون” هن جي زبان مان بي اختيار نڪري ويو” “ها بس اهي واليون ئي لاهي ڏي ته مرشد کي ڏيان” ولي محمد پنهنجا ٻئي هٿ زال جي ڪنن ڏانهن وڌايا. “اڙي هي واليون “ ڪزبانوءَ کان رڙ نڪري وئي. “ “هي واليون ته مون ٽڪو ٽڪو گڏ ڪري مس وڃي ٺهرايون آهن. اهي ڪيئن ڏيان؟” “نڀاڳي رن رنج نه ڪر هنن والين جي بدلي جي ابي کي جنت جي ٽڪيٽ ملي پوي ته باقي ڇا گھرجي تڪڙ ڪر لاهي ڏي. “

ڪهاڻي”ڪک پتي” ۾ هڪ جوان شبو نالي گھر ۾ گھڙي دلاور جي زال سان بُهه جي پلي ۾ ملي ٿو. کيس مڙس ڏسي وٺي ٿو. شبو ڀڄي وڃي ٿو. فيصلو وڏيري جي اوطاق تي ٿئي ٿو. ڪهاڻي جا جملا:

“ابا دلاور گھٻراءِ نه جيڪا ڳالهه تو ڏٺي سان سڌي ڀائرن کي ٻڌاءِ” “ڪالهه شام جو ٽيپهريءَ ڌاري مان جيئن ئي گھر ۾ داخل ٿيس ته بُهه جي پَلي وٽ صابوءَ جي پٽ شبوءَ کي پنهنجي زال سان گڏ ڏٺو. مان هڪل ڪري ڪهاڙي کڻي هن ڏي ڀڳس پر هو ڀت ٽپي ڀڳو. مان هن جي پويان ويس پئي پر چاچو ولڻ ۽ ٻيا وچ ۾ اچي ڀاڪر ۾ جھلي بيهي رهيا. “

چڱي مڙس ولڻ سان مخاطب ٿيو”ولڻ ڪر خبر دلاور صحيح ڳالهه ٿو ڪري؟” “ها سائين اسان پاڻ به ڏٺوسين صابوءَ جو پٽ شبو ڀڳو پئي ويو. “ وڏيرو فيصلو ٿو ٻڌائي” دلاور جي ڳالهه ۽ ولڻ جي شاهديءَ مان اها ڳالهه پڌري ٿي ته شبوءَ ناجائري ڪندي پرائو لوڙهو لتاڙي ٻچن ۾ هٿ وڌو آهي. هاڻي راڄ رسمي منهنجو فيصلو آهي ته شبو ڏهه لک ڏنڊ ڀريندو. ۽ تڏي تي ميڙ وٺي ڏوهه بخشرائيندو. ڏنڊ مان ٽي لک ميڙجا ۽ ٻه لک اوطاق جا معاف اٿس. باقي بچيل پنجن لکن مان صابوءَ جي ڌر ٻه لک ايندڙ جمعي تي ادا ڪندي بقايه پيسا ٽن قسطن ۾ ڏيندا. “

دلاور خوش تي گهر اچي ٿو ته زال جي عزت ويندي رهي پر لکين روپيا ته ملن ٿا هو گھر اچي ٿو زال کي چوي ٿو

“لهين ته ٽڪو به ڪون پر وري به شابس هجئي ڪک پتيءَ مان لک پتي بڻائي ڇڏيئي. “

ڪهاڻي لکڻ آرٽ آهي. خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته ڪهاڻي ڪتاب”خوشي” جي ليکڪ زاهد منگيءَ وٽ آرٽ آهي. پر ڪهاڻي لکڻ لاءِ رڳو آرٽ جي هجڻ ڪافي ناهي. ڪهاڻيءَ جون ٻيون به گھرجون آهن. جن جي ميلاپ سائين ڪهاڻي وڃي مڪمل ٿئي ٿي. مثال جي طور تي مطالعو، مشاهدو، تجربو، موضوع جي چونڊ ۽ ڪهاڻي سان موضوع جي آڌار نڀاءُ، ڪهاڻيءَ کي هڪڙو ئي جملو جياري ڇڏيندو آهي ته ساڳي وقت هڪڙي جملي سان ئي ڪهاڻي مري ويندي آهي. ڪهاڻي لکڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي. آنءُ ڪهاڻي، ناول، ڊارمو لکي چڪو آهيان پر ڪهاڻي درياهه تَري پار پوڻ جي برابر آهي. ٿوري ڀل چڪ تاروءَ کي ٻوڙي ڇڏيندي. سو ڪهاڻيءَ ۾ ڀل چڪ پڻ ڪهاڻي مان ڪهاڻيپڻو ڪڍي ڇڏي ٿي. زاهد منگي جي ڪهاڻين جي مطالعي کان پوءِ اهو احساسُ شدت سان ٿئي ٿو ته ڪهاڻي ڏاڍي بهترين پيرائي ۾ کڻي ٿو پر ڀل چڪ سندس ڪهاڻيءَ کي ڌڪ ٿي رسائي. مثال جي طور تي ڪهاڻي”ڪميڻي” جنهن جو عنوان ڪهاڻي تاڃي پيٽي سان ٽهڪي ئي ڪون ٿو. ٻي ڳالهه ته منظر نگاري سموري بئنڪ ۾ ڪم جي آهي. ڪردار ڇوڪرو ۽ ڇوڪري خوشي خوشي بازار مان خريداري ڪندا رهن ٿا. آخر ۾ جڏهن ڪردار مرد هڪ هوٽل جي ٻاهران گاڏي بيهاري ٿو ته ڪومل ڇوڪري پريشان ٿي چويٿي “اڄ ڪجھ نه ٿيندو مان تنهنجي ميلاپ جي ڪابل ناهيان. جنهن تي مرد چويٿو “هل ڪميڻي. “ پوري ڪهاڻيءَ ۾ ڪٿي مرد ۽ عورت جي ڪردار بابت ذڪر ئي ڪون ٿو ملي. عورت ۽ مرد جي نفسيات ڪردار، ماحول عادتون سڀ غائب آهن. ڪهاڻي.

ٽائٽل ڪهاڻي” خوشي” ۾ جھولَ آهن. هڪ پاسي ڪهاڻيڪار ٻڌائي ٿو ته شاديءَ واري رات کان وٺي مڙس زال ۾ دلچسپي ڪون ٿو ڏيکاري ڇو ته هو ڇُورن سان ياري جو هيراڪ آهي. وري اڳتي هلي ٻڌائي ٿو ته سندس زال مڙس طرفان سنجوڳ نه ڪرڻ تي ڪاوڙجي ڌيءَ سان وڃي سمهي پئي. ڪهاڻيڪار ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ کي جسٽيفاءِ نه ڪري سگھيو آهي. ڇو ته پڙهندڙ کي اهو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته جڏهن زال ڏانهن وڃي ئي نٿو ته ڌيءَ ڪيئن پيدا ٿي.

 “قومي شهيد”، “فارملٽي”، “قومي غيرت”، “ڪڙم قبيلو” وغيره پڙهندي منظر نگاريءَ ۾ جھول ملندا، ڪهاڻي جو تاڃين پيٽي ۾ منظر نگاري ڪجھ ٿي ٻڌائي ۽ ڪهاڻي ٻئي طرف هلي ٿي وڃي. اهڙا اهڃاڻ لڳ ڀڳ اڌ کان مٿي ڪهاڻين ۾ ملندا. ڪهاڻين جا عنوان موضوع ۽ ڪهاڻيءَ بڻ بنياد سان ٽهڪن ئي ڪون ٿا.

ٻيو ته انهيءَ ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته ان موضوع تي ڪهاڻي نٿي لکي سگھجي جن تي اڳواٽ جهونا ڪهاڻيڪار لکي چڪا آهن. انهيءَ تي لکجي پر واقعو بنهه مختلف هجڻ گھرجي. جيئن زاهد جي ڪهاڻي”ٻوٽي” انهيءَ سان مشابهت رکندڙ ڪهاڻي بادل جمالي جي موجود آهي. جيڪڏهن مان ڀلجان نٿو ته خيرالنساءِ جعفريءَ جي ڪهاڻي به موجود آهي. جن ۾ ڪتامار مهم جو ذڪر آهي. يا سندس هڪ ڪهاڻي منٽو جي ڪهاڻيءَ سان مشابهت رکي ٿي. ائين ڪيترن ئي ڪهاڻين تي جهونن ڪهاڻيڪارن جا اولڙا نظر اچن ٿا. لڳي ٿوته ڪهاڻيڪار جهونن ڪهاڻيڪارن جو اثر وڌيڪ ورتو آهي. ڪهاڻيڪار کي پنهنجو دڳ ئي ڪا سـڄاڻپ بخشيندو آهي.

ڪهاڻيڪار زاهد منگي ڪهاڻين ۾ ڪي لفظ يا جملا اهڙا استعمال ڪيا آهن. جن جو ڇيد ڪرڻ ضروري آهي. ڪهاڻي “قومي شهيد” ۾ آهي: “پنهنجي گھر جي چلھ کي ڪوسو پئي رکيو. “ اسان جي علائقي يعنى وچولي سنڌ ۾ چلهه چوندا آهن. سياري ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ وڏي مٽيءَ جي چلهه ٺاهي ان جي چوڌاري ويهي. هٿ سيڪيندا آهن ۽ ڪچهري به پئي هلندي آهي. باقي رڌڻي ۾ چلھو هوندو آهي جنهن تي ٻوڙ ۽ تئو رکي ماني پچائبي آهي. لفظ “ڪوسو” به ٺهڪندڙ ناهي. ڪهاڻي “قطار” ۾ لکي ٿو: “ڪلثوم پاڻ سنڀالي نه سگھي ۽ وڃي هيٺ ڪري. ڌڪ جي ايذاءَ سندس اکين جي بندن کي ٽوڙي وڌو. “ هتي عورت ڪري ٿي ان بابت “ايذاءُ” استعمال ٿيل آهي. ايذاءُ لفظ تڏهن استعمال ٿيندو جڏهن ڪو ٻيو ڌڪ هڻي يا ڪا چهنڊي پائي. جڏهن عورت زمين تي ڪرندي ته ڌڪ سبب زخمي ٿيندي يا سورُ ٿيندس. لفظ سور ٺهڪي ٿو. ڪهاڻي”ٽڪيٽ” ۾ چويٿو:

ڪردار جڏهن خليفي کي ٻڌائي ٿوته منهنجو پيءُ مري ويو آهي. ڪهاڻيڪار لکي ٿو: “اناالله وانا اليه راجعون خليفي جي زبان مان دعا نڪتي” اناالله دعا ته ناهي. ڪهاڻي “ڀوري مينهن” ۾ آهي: “ڀوري مينهن جو اوهه ڇلڪيو پئي سا هڏ ماس ۾ ڀريل هئي. ڏسڻ ۾ ئي وڏي ڪشش هيس” هن جملي ۾ ڇلڪڻ ۽ ڪشش ڌيان طلبن ٿا. ڇلڪندو ڪو ڀريل ٿانو آهي. مينهن جو کير اوهه ۾ بند هوندو آهي ته اهو ڇلڪندو ڪيئن. وري مٿان ڪشش لفظ ٺهي ڪون ٿو مينهن ۾ موهه ٿي سگھي ٿو. وڻندڙ ٿي سگھي ٿي. ڪشش مخالف جنس ۾ ٿي سگھي ٿي.

مجموعي طور تي ڪهاڻي ڪتاب “خوشي” پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ ڪهاڻيڪار جو هڪ ڪمزور پهلو مشاهدي، تجربي جي کوٽ ۽ جملن ۽ لفظن جو اڻ ٺهڪندڙ استعمال آهي. مطالعي جي حوالي سان ڪهاڻيڪار پرائمري درجي تي بيٺل لڳي ٿو. پر ڪهاڻيڪار وٽ ڪهاڻي لکڻ ۽ ڪهاڻي کڻي هلڻ جو آرٽ موجود آهي. مٿين ڳالهين جو پوراءُ ڪندو ته مستقبل ۾ بهتر ڪهاڻيون لکي سگهي ٿو. سندس ڪهاڻي ڪتاب کي پهرين وک طور قبول ڪيون ٿا.

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

خوشي

نواڻ سان ڀرپور ڪهاڻيون

ناشاد شوڪت شنباڻي

ڪهاڻيءَ جي شروعات انسان جي خلقجڻ واري ڏينهن کان ئي ٿي آھي، ڪهاڻي جيڪا درد بڻجي سامهون ايندي آھي ۽ ڪهاڻي جيڪا ذهن جي بند دروازن کي کولي ڇڏيندي آھي. مون ڪٿي پڙهيو هو ته ڪهاڻيءَ ۾ گم ٿي لکڻ ايستائين جو وقت جي خبر نه پوي، اُها ئي ڪهاڻي مڃتا ماڻيندي آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي سگهارا ۽ برجسته ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا آھن، جن جڏهن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن، غريبن جي ڏونگر جيڏن ڏکن ۽ ڪُڌين ريتن رسمن کان بغاوت ڪري پنهنجي قلم سان ان کي ڪهاڻي ۾ اهڙو ائين بيان ڪيو جو احساس رکندڙ ماڻهن جڏهن پڙهيو، بي حس ماڻهن جڏهن ٻڌو ته انهن جي اکين تان ڪاري پٽي پاڻمرادو لهي وئي.

اهڙو ئي هڪ سچو ڪهاڻيڪار، سچو آئون کيس ان ڪري سڏيان ٿو، جو هو ڪهاڻيءَ سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هو پنهنجي ڌرتيءَ سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ هتي رهندڙ ماڻهن سان وفا ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هونءَ به پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن سان وفا ڪندڙ ئي سچو ڪهاڻيڪار ۽ تخليقڪار آھي.

سندس ڪهاڻي پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳندو آھي ته ڪهاڻيءَ کي هُن پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي پنهنجي سماج جو پنهنجي زندگيءَ چٽو عڪس بڻائي لکيو آھي. اهو برجستو ڪهاڻيڪار زاهد منگي آھي.

زاهد منگي پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪجھه لکيو آھي يا لکندو آھي اهو هن سماج ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ عوام جي ڏکن جو عڪس آھي. سندس ڪھاڻين جا موضوع ڪنهن رومانيت جي غير حقيقتي ڳالهين تي ٻڌل ناهن پر، زاهد جي ڪهاڻين جا موضوع مور کنڀن جهڙا حسِين آھن، جن ۾ خوشين جا ٽهڪ به آھن، سڏڪن جا پڙلاءُ به، زاهد منگي کي جڏهن پهريون چڪر پڙهيم ته منهنجي دل ۾ اُها آس پيدا ٿي ته زاهد جون ڪهاڻيون منهنجي دل جو آواز آھن. زاهد منگي انهن ڪهاڻيڪارن مان آھي جيڪي پنهنجو درد لڪائي پهرين ٻئي جو درد لکندا آھن، جيڪي پنهنجي ڏکن کان اڳ ۾ سماج جي ڏکن کي لکندا آھن. اصل ۾ ائين کڻي چئجي ته اُهي دلين جا ترجمان ڪهاڻيڪار آھن تيئن ئي زاهد منگي به دلين جو ترجمان ڪهاڻيڪار آھي. جنهن جا لکيل سمورا خيال کيت مان گل چونڊيندڙ ان ڇوڪري جا سڏ آھن جيڪو پنهنجي پيارَ کي ساريندو آھي، ۽ ان جا سڏڪا پياري زاهد جا موضوع هوندا آھن.

حقيقتن جا ڪيترائي روپ ڪهاڻين ۾ شامل هوندا آهن، جن ۾ سچ جي صدا، وڇوڙي جا وڍ، يادن جا ڳرا روپ ۽ ڪنهن غربت ۽ مسڪينيءَ جو درد. هونءَ به ڪهاڻين جا موضوع ڀلي ڪيڏا به وسيع ڇو نه هجن پر جيڪڏهن ڪهاڻيڪار ان ڪهاڻيءَ سان نٿو نڀائي ته ڪهاڻي سڏڪندي آھي ڇو ته ڪهاڻيڪار ڪهاڻيءَ ۾ روح ڦوڪيندو آھي. ان کان پوءِ ئي ڪهاڻي جنمن تائين زنده رهندي آھي. زاهد جون ڪهاڻيون به اهڙيون آهن سندس جيڪي به ڪهاڻيون لکيل آھن. اُهي پڙهندڙ کي گواهي ڏينديون آهن ته زاهد ساٿ نڀايو آھي، پر ڪهاڻي کان اڳ ئي پڙهندڙ کان اُهي لفظ زبان مان نڪري ويندا ته زاهد ڪهاڻيءَ سان نڀائڻ ڄاڻي ٿو.

ڪهاڻيءَ جو پلاٽ کڻي ڪهڙو به هجي پر ڪهاڻيڪار جڏهن ان سان نڀائي ٿو ته ڪهاڻيءَ سان گڏ ڪهاڻيڪار کي به سوين سالن جو جنم ملي ويندو آھي پوءِ ڀلي هو هتان عارضي طور تي هِن دنيا مان هليو ڇو نه وڃي، پر هو دلين ۾ زنده رهندو آھي. پياري زاهد جي مختصر ڪهاڻين ۾ جاندار ۽ سگهارو ٿيم هجڻ سان گڏ ڪلائيمڪس به ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هوندو آھي. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي موضوع اهڙا آھن جيڪي اڻ ڇهيل آھن جن کي هو پنهنجي ڏانءُ سان اهڙي ريت لکندو آھي جو پڙهندي اهو احساس ٿيندو آھي ته پياري زاهد وٽ جيڪو ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ آھي اهو ڪنهن به مونجهاري جو شڪار ناهي. هو جڏهن چاهي ڪهاڻي لکي سگهي ٿو.

مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي صنفون تخليق ٿيون آھن پر جڏهن انهن صنفن مان ڪهاڻي، شاعريءَ ۽ ناول جو نالو کڻبو آھي ته اسان کان هر صنف وسري ويندي آھي. اُهو ڀل پوءِ افسانو هجي، نثر هجي يا ڪا ٻي صنف پر ڪهاڻي شاعريءَ ۽ ناول جون صنفون انسان جي زندگيءَ سان مشابهت رکندڙ آھن. اُهي ڪڏهن به اسان جي دلين جي احساسن مان نٿيون نڪري سگهن.

اهڙيون ڪيتريون سگهاريون ۽ ڀلوڙ ڪهاڻيون زاهد لکيون آھن. جن ۾ حلالو، مٺائي، نئين پيڙهي، تنهنجي سڪ سڄڻ، لک پتي، لهندڙ سج ۽ ويندڙ وهي، قابل ذڪر آھن. سندس ٻيون به ڪهاڻيون خيالن جي بلندين کي ڇُهن ٿيون.

پياري زاهد جي ڪهاڻي “حلالو” جنهن کي چانڊوڪي سٿ طرفان ايوارڊ لاءِ پڻ چونڊيو آهي. حلالو ڪھاڻيءَ جو موضوع اهڙو اڻڇهيل آهي جو زاهد هي ڪهاڻي لکي هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن موضوع ۾ قاسم ۽ ساران جي درد جو اهڙو داستان آهي جنهن کي پڙهي خيال درياهه جي سِير ۾ غوتا کائين ٿا. قاسم جي بيوفائي ۽ ساران جي وفا جو قصو اکين ۾ آب هارڻ تي مجبور ڪري ٿو. پياري زاهد جي هِن ڪهاڻيءَ ۾ وڏو سبق ڏنل آھي ڪنهن جي معصوم جذبن سان هرڀرو کيڏڻ جو.

سندس هڪ ٻي ڪهاڻي “مٺائي” به موضوعاتي حوالي سان ڏاڍي جاندار آھي جنهن ۾ اڄ جي ماڻهن جي ايمان جي خبر پوي ٿي، جيڪي پنهنجي ايمان کي پئسي جي لالچ ۾ ٻوڙي ڇڏين ٿا. هونءَ به ڪهاڻيڪار اهو آھي جيڪو اهڙا موضوع کڻي جيڪي سندس سماج پنهنجي ڳوٺن ۾ ۽ اوسي پاسي ۾ ڏسي ٿو، جنهن کي هو محسوس ڪري ٿو ۽ لکي ٿو. اهڙا ئي موضوع ڪهاڻيءَ ۾ روح وجهي ڇڏين ٿا.

زاهد جي ڪهاڻي، “لک پتي” تي سنڌي ڪهاڻيءَ جي هڪ سگهاري نانءُ هڪ موچاري ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو لکيو ته “هِن ڪهاڻيءَ جو موضوع نئون ڪونهي، گٺل پيٺل ۽ روايتي موضوع آھي. پر زاهد موضوع جي اڻ ڇهيل رخ کي پڌرو ڪري موضوع کي نواڻ ڏئي ڇڏي آھي. هن اينٽي ڪلائمڪس ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ آهي، اُها ائين آھي، ڄڻ سموري ڪٿا کي هڪ جملي ۾ سمائي ڇڏيو آھي، ڀلوڙ ڪهاڻي آھي”.

“تنهنجي سڪ سڄڻ” ڪهاڻي هڪ طرفي پيارَ تي لکيل اينٽي ڪلائيمڪس ڀلوڙ ڪهاڻي آھي، نئون موضوع ۽ اهڙو موضوع جنهن ۾ هڪ طرفي پيار جي باهه ۾ پڄرندڙ پياري زاهد پنهنجي اندر جي اڻ ڇهيل ڪهاڻي پيش ڪئي آھي. خوبصورت ٻوليءَ جي نڀاءُ سان گڏ هي ڪھاڻي موضوعاتي حوالي سان ڏاڍي جاندار آھي.

“لهندڙ سج ۽ ويهندڙ وهي” هي ڪهاڻي رومانيت تي لکيل اُها ڪهاڻي آھي جنهن ۾ روبينه جي سچي پيار کي عبدالڪريم پنهنجي خواهش پوري ڪرڻ کان پوءِ بيڪار سمجهي ڦٽو ڪري آھي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ سان گڏ روبينه جي ويندڙ وهي ۽ لهندڙ سج جو سڏڪو به سمايل آھي. پياري زاهد منگي ان موضوع تي قلم کڻي ڏاڍي ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي لکي آهي.

ڪهاڻيءَ جو روپ ڀلي ڪهڙو به هجي، ڪيترو به ورجايل موضوع هجي پر ڀلوڙ ڪهاڻيڪار جي اُها سڃاڻپ هوندو آهي جو هو اُن موضوع کي اهڙي نواڻ ارپيندو آهي جو پڙهندڙ دنگ رهجي ويندو آھي. پياري زاهد جون ڪھاڻيون ڪڏهن ڪڏهن ڇهيل موضوع تي لکيل هونديون آھن پر پيارو زاهد پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ سان انهن موضوعن کي اهڙي نواڻ سان ڀرپور ڪري لکندو آھي جو پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کي ڪهاڻيءَ ۾ گم ٿيندي محسوس ڪندو آهي.

هاڻوڪي جديد دور ۾ توڙي جو ماڻهوگهر تائين محدود ٿي ويا آهن ۽ اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ۾ اهڙو سوگهو ٿي ويا آهن جو اُنهن کي لکڻ ته پري جي ڳالھه پر سوچن جون سوڳواريون ئي وسري ويون آھن. تنهن هوندي به ڪهاڻي کيتر ۾ نوجوان ڪهاڻيڪارن جي ڪمي ناهي ٿي، جيڪي پاڻ نڀائين پيا ۽ جيڪي ڪهاڻيءَ کي سماج جو سچو عڪس سمجهي لکن ٿا.

زاهد منگي پنهنجي وس آھر ڪهاڻي کيتر ۾ نوَنَ ڪهاڻيڪارن جي مدد ڪري پيو ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ لاڀائتو ڪردار ادا ڪري پيو، جيڪا هڪ خوشي جھڙي ڳالھه آھي ڇو ته هڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي ڀرپاسي ۾ ٿيندڙ ظلم، ڏکن ۽ خوشيءَ جو اهڙو چٽو عڪس پيش ڪندو آھي جو سماج ۾ ڪا اٿل پٿل جنم وٺڻ لڳندي آهي.

زاهد منگي پنهنجو خوبصورت ڪهاڻين جو ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيو آھي جيڪو “خوشي” جي نالي سان ويجهڙ ۾ ڇپيو آهي. زاهد جي پهرين ادبي پورهئي تمام سٺي مقبوليت ماڻي آھي، جنهن ۾ سمايل ڪهاڻيون دلين جي ترجماني ڪن ٿيون، جن ۾ سڏڪن جا سڏ به آھن ته مرڪن جا ميلا به، اُهي مختصر به آھن ته الاهي وسيع به، ۽ اُهي خوبصورت به آھن ته من کي وڻندڙ به. ائين کڻي چئجي ته زاهد پنهنجي ڪهاڻين ۾ جيڪي پل ۽ موضوع ارپيل آھن. اُهي ڏاڍا خوبصورت آھن ۽ اُها ڳالهھ سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ خوش آئيند پڻ ڳالهھ آھي جو زاهد ڪهاڻيءَ سان پيارَ وانگر نڀائي ٿو.

زاهد جي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪردار ڏيکاريل آھن، سي جاندار آھن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي ٿيم کي ڏاڍو سگهارو بڻائين ٿا. زاهد جي ڪهاڻين کي پڙهي اُها اميد ڪري سگهي ٿي ته سنڌي ڪهاڻيءَ جي آسمان تي پنهنجو نالو چنڊ وانگر روشن ڪندو.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment