Saturday, December 24, 2022

ڪتو ڪڙم جو ويري - غفار سومرو

ڪتو ڪڙم جو ويري

مختصر ڪھاڻي

غفار سومرو



اُس ۾ سڙي ويل ڪاراڻ مائل سانوري رنگت، اڌ گول چهرو، ڏاڙھي مُڇن جي هلڪي ساوڪ، ننڍڙيون سُرمي بنان رکيون اکيون، اڻڀا وار، منڌرو قد، سنهڙو جسم، رنگ ڇڏي ويل چتيون لڳل قميص شلوار، پيرن ۾ پراڻي ڇڳل راٻڙي چپل، پراڻي کتل ڪاري ڪپڙي جي پڳڙي، مٿي تي ڪانن جي ننڍي ٽوڪري جنهن ۾ ٿوري مقدار ۾ کٽمٺڙا، لائي ڀڳڙا ۽ تنهن کان سواءِ ڇوڪرين جي شوق جون شيون جهڙوڪ ڪانٽا، بڪل، واليون، جھمڪيون، شيشي پلاسٽڪ جون چوڙيون، منڊيون، ڦڻيون، آئينا ۽ ٻيون هارسينگار جون سستيون شيون. ان سواءِ ڇوڪرن لاءِ ننڍڙا سستا رانديڪا، گاڏيون، جيپون، ڪارون، پستول، ڦٽاڪا سجايون محلي جي گهٽين ۾ هوڪا ڏيندو پير گسائيندو گهمندو، ننڍڙن ٻارڙن ۾ وڪڻندو خوشيون ورهائيندو، هڪ هٿ ۾ سنهڙو لڪڻ لوڏيندو، صبح جو گهران نڪتل شام جو واپس گهر ورندي گهٽي مٽي جيئن ئي سامهون چوڪ ويجهو پهتو ته هڪدم ڌٻڪي اتي ئي بيهي رهيو. وڌندڙ قدم رڪجڻ سان گڏ سندس هٿ ۾ جهليل لڪڻ جي لوڏ به بند ٿي وئي.


ڪيترائي پل بيٺي بيٺي سوچيندو رهيو ته اڳتي وڌندي چوڪ ڪراس ڪري بازار وچان گذرندي سودو سبزي وٺي ڪچي بستي ڏانهن جلد گهر پهچجي، پر هيڏانهن هن اوچتي آفت کي ڪيئن منهن ڏجي!؟ ٻيو خيال سندس ذھن ۾ گهمي ويو ته واپس ٿيندي ساڳئي محلي جون ساڳيون ئي گهٽيون لتاڙيندي تمام وڏو چڪر ڪاٽي مٿين پاسي کان ڦري وري بازار مان ٿيندو پوء گهر پهچجي!

“ائين ته ڪافي دير ٿي ويندي. سج به لهڻ وارو آھي! گهر جو چلهو ٻرڻ ڪاڻ منهنجي اوسيئڙي ۾ هوندو. “

سامهون جتي گهٽي ختم ٿي چوڪ سان گڏجي ٿي ويئي اوڏانهين نهاريندي کيس ڊپ ورائيندو پئي ويو. هن ڪنڌ ڦيري پٺتي نهاريو. ان اميد سان ته من ڪو ماڻھو ڇيڻو ايندو هجي ته جيئن هو ساڻس گڏجي گهٽي اُڪري چوڪ وٽان خير خيريت سان گذري وڃي! پر گهڻي دير تائين اهڙي ڪا پهر ڪونه آئي.

هو بيٺو سوچيندو رهيو ته هاڻ ڪيئن ڪجي. اڳتي وڃجي يا پٺتي موٽجي. ڪيترا ئي پل هو بيٺو رهيو. نيٺ هڪ ڏھن ٻارنهن سالن جو ڇوڪرو ڀر واري گهر جي دروازي تي نڪري اچي بيٺو. هن جي اکين ۾ اميد جا ڪرڻا جاڳي پيا. ڊپ جيڪو کيس وڻ ويڙھيءَ جيان وڪوڙي ويو هو سو لهندو ويس. گهر سهي سلامت پهچڻ جو خواب ساڀيان ٿيندي محسوس ڪيائين. هٿ جو اشارو ڪري ڇوڪري کي سڏ ڪيائين. هو در جو ڏاڪو لهي سندس ويجهو آيو.

ذري گهٽ التجا ڪندي چيائينس، “ڇوڪر! مون کي هي گهٽيءَ مٽائي چوڪ جي هن پار پهچائيندين؟ سامهون گهٽيءَ جي منڍ ۾ بجليءَ جي کنڀي وٽ ڪارو ڪتو ويٺو ڏند ڏيکاري! مان سمجهان ٿو اهو ڇتو ڪتو آھي ڪٿي مون کي ڏاڙھي نه وجهي!”

ڇوڪري هڪ وڏو ٽھڪ ڏيندي وراڻيو، “اڙي ڪاڪا! هن ڪاري ڪتي کان ٿو ڊڄين!؟ پر ادا هي ڪتو ڇتو ٻتو ڪونهي! هي ته صفا لوسي ڪتو آھي، بس ڏسڻ ۾ خوفناڪ نظر اچي ٿو. تون چپڙي ڪري پاسو وٺي هليو وڃ، هو تو کي ڪجھ ڪونه ڪندو. “

“نه ابا. . . ڀلائي ڪري مون کي رڳو گهٽي پار ڪرائي. ڏسين ڪونه ٿو هو ڪارو ڪتو بڇڙين اکين سان پيو تڪي!”

“اڙي يار! قسم سان بلڪل لڍ ڪتو اٿئي. ٻڌو ڪونه اٿئي ته ڪتا ڀونڪندا رهندا فقير رمندا رهندا. تون بي فڪر ٿي هليو وڃ. “ ڇوڪري کيس دلجائي ڏيندي چيو.

“نه با! مان ائين ڪونه ويندس. مون کي هن جي بڇڙي شڪل مان ئي چوري چڪ پائڻ جو ڊپ ٿو لڳي. هو پنهنجا تيز تکا ڏند منهنجي ٽنگن جي ماس ۾ کپائي رتورت ڪري ڇڏيندو. ٻيلي منهنجي پوڙهي امڙ ۽ ننڍڙا ڀائر ڀينرون انتظار ۾ هوندا. مون کي رات جي کاڌي لاء سيڌو به وٺڻو آھي. تون مون سان ڀلائي ڪر، بس رڳو او هن مانڊڻي وٽ ڇڏي اچ!”

“اُف تون به نه اصل ڊڄڻو آهين!”، ڇوڪرو وڌي سندس ويجهو ٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، “ڏس! ڳالھ سمجهڻ جي ڪوشش ڪر، هي هڪ لوسي، لڍ ڪتو آھي ۽ صفا ڊڄڻو بزدل ۽ ڪانئر پُڻ آھي. هي پاڙي جي ان چوڪ وٽ بجلي جي کنڀي هيٺان ويهي رڳو ڀونڪندو رهندو آھي. سو به رڳو پنهنجي پاڙي وارن تي. “

“پوءِ به الاءِ ڇو مون کي ڊپ ورائي ويو آھي، بس تون هڪ ڀيرو مدد ڪر رڳو گهٽيءَ جي ڇيڙي تائين ساڻ هل. “

“ڀائو ڳالھ ٻڌ!”، ڇوڪرو ڪجھ سوچيندي چوڻ لڳو، “هي ڪارو ڪتو بيشڪ حد درجي جو حرفتي، حيلي باز ۽ ڪمينو آھي. هميشه رستي جي هڪ پاسي عام لنگھ وٽان هر ڪنهن پاڙي واري تي ڀونڪندو ۽ گرڪندو رهندو آھي. يقين ڪر هي ڌارين اڳيان ڪنڌ سٽي پڇ لٽڪائي هلندو آھي. تون هن کان ڪوبه ڊپ ڊاءُ نه ڪر. مون کي پڪ آھي ته هو تو کي ڪجھ به نه ڪندو. “

“پوءِ ڀلا مون ڏي لڳاتار بڇڙين اکين سان ڏسي جو رهيو آھي ان جو مطلب ته ضرور مون کي پٽي کائيندو!”، هو پنهنجي جسم ۾ ڪنبڻي محسوس ڪندي روئڻهارڪي لهجي ۾ چوڻ لڳو.

تڏھن ڇوڪري سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ کيس دلداري ڏيندي چيائينس، “نٿو مڃين ته هل ڀلا! پر ياد رک ڪارو ڪتو جڏھن ڪنڌ مٿي ڪندي ڀونڪي ته سمجهي وڃجانءِ ته اهو مون تي ٿو ڀونڪي. تون بس ماٺ ڪري هلندو هلجانءِ!”

ڇوڪرو سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهيو ساڻس گڏ هلندو رهيو. هو جڏھن ڪاري ڪتي وٽان گذريا ته ڪارو ڪتو ستي پئي ئي رڳو منهن مٿي کڻي ڀونڪڻ لڳو، پر ڇوڪري هن ڏانهن توجه ئي ڪونه ڏني. جڏھن هو ٻئي گهٽيءَ جو موڙ مٽي سامهون مانڊڻي وٽ اچي پهتا ته ڇوڪري چيس، “ڏٺوئي مون نه چيو ٿي ته هي ڪارو ڪتو لوسي ۽ لڍ ڪتو آھي. جيڪو رڳو پنهنجن تي ڀونڪي ٿو. هاڻ تون وڃ مان به پوئتي گهر ٿو واپس وڃان!”

هو مٿي تي رکيل ٽوڪري سنڀاريندي پڇڻ لڳو، “ ادا! هڪ ڳالھ ته ٻڌاءِ؟ ائين ڇو ڀلا هي ڪارو ڪتو پهرين ته رڳو بڇڙيون اکيون کڻي نهاري پيو پر تو کي ڏسي هو ڀونڪڻ ڇو شروع ٿي ويو!؟”

ڇوڪري کلندي وراڻيو، “ڇو ڀلا! ٻڌو ڪونه اٿئي ڇا ته ڪتو ڪڙم جو ويري ٿيندو آھي. هي به ته نيٺ ڪتو ئي آهي! تڏهن رڳو پنهنجن تي ئي ڀوڪندو رهي ٿو. “

 

(ماهوار هزار داستان آگسٽ ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment