Saturday, December 24, 2022

سو سالن جون سنڌي ڪهاڻيون - ڪليم ٻٽ

سؤ سالن جون سنڌي ڪهاڻيون

ڪليم ٻٽ

 


سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان ڳالهه ڪجي ته ان جي وڏي ۾ وڏي خوش نصيبي اها آهي ته ان جي خدمت لا ٻه سپوت سائين شوڪت شورو ۽ سائين مدد علي سنڌي اهڙا آهن، جن پنهنجو نور نچوئي سنڌي ڪهاڻيءَ جي خدمت ڪئي آهي. هنن ٻنهي ليکڪن جون ڪهاڻيون ته پنهنجي جا تي اهم آهن ئي آهن ۽ سندن ڪهاڻين جو ذڪر حوالي طور به ايندو رهندو آهي، پر ان کان وڌيڪ هنن ٻنهي سنڌ جي مانوارن ليکڪن، بنا ڪي وڏا نعرا هڻڻ جي چُپ چپات ۾ اهڙو ته ڪم ڪري ڏيکاريو آهي جيڪو صدين تائين ياد رکيو ويندو. ان ۾ سڀ کان پهرين شوڪت صاحب سو سالن جي سنڌي ڪهاڻين کي ترتيب ڏئي ڇپرايو هو. اهو ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڇپرايو هو. ان کان پو ورهاڱي جهڙي اهم موضوع تي “سرحد جي آر پار سنڌي ڪهاڻي” جهڙي ڪتاب جي پڻ مرتب ڪيو هو. اهي ٻئي ڪتاب مون جهڙن نئين نسل جي پڙهندڙن لا ڪنهن خزاني کان گهٽ نه آهن ۽ انهن ڪهاڻين کي پڙهندي اها به سرهائي ٿي ته اسان جو سنڌي ڪهاڻيڪار دنيا جي هر موضوع تي شاندار ڪهاڻي لکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

 

اسان جي ادبي حلقن ۾ اڪثر اهو بحث هلندو رهندو آهي ته سنڌي ادب کي ٻين ٻولين خاص ڪري انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيئن دنيا کي سنڌي ادب کان روشناس ڪرائي سگهجي. اسان جا اڪثر دوست ڳالهيون ته وڏيون وڏيون ڪري ويندا آهن، پر جڏهن ڪم ڪرڻ جو وارو ايندو آهي ته ان ۾ هر ڪو هٿ وجهڻ کان پيو ڪيٻائيندو آهي. ان هوندي به ڪي ڪي وري سائين مدد علي سنڌي جهڙا عظيم ڪردار به آهن، جيڪي ڳالهيون ته گهٽ ڪندا آهن پر ڪم وڏا وڏا ڪري ڏيکاريندا آهن، بلڪل ايئن جيئن سال ۲۰۲۲ع ۾ مدد علي سنڌي صاحب جو انگريزيءَ ۾ ترتيب ڏنل ۽ ايڊٽ ڪيل ۱۹۱۴ کان ۲۰۱۴ع تائين سو سالن جون سنڌي ڪهاڻيون.

هي ڪتاب محمد ابراهيم جويو ٽرانسليشن بيورو (MIJTB) پاران ڇپرايو ويو آهي. سهڻي نموني سان انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل هنن سنڌي ڪهاڻين کي پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي ڪيڏي نه شاهوڪار آهي.

جڏهن هي ڪتاب ڇپائي جي آخري مرحلن ۾ هو ته هڪ ادبي پروگرام ۾ مون مدد صاحب کان ان حوالي سان پڇيو ته، هن ٻڌايو:

“هن اهم رٿ کي پورو ڪندي ڪندي ٽي سال لڳي ويا آهن، ان دوران جيڪو سڀني کان ڏکئي ۾ ڏکيو مرحلو هو، اهو ڪهاڻين کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرائڻ هو، اهو ڪم مختلف ترجمي نگارن تي رکيل هو. مون هن ڪتاب ۾ چونڊ ڪيل ڪهاڻين کي ميرٽ تي جا ڏني آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي پنهنجا نوازي يا سفارش نه ٻڌي آهي. هي هڪ اهم رٿ آهي جيڪا دنيا کي سنڌي ادب خاص ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جي ويجهو ڪري ڇڏيندي، هن رٿ جو پهريون ڀاڱو تيار آهي ۽ ٻيا ڀاڱا به ايڊٽنگ جي مرحلي ۾ آهن.”

هن ڀاڱي ۾ هند ۽ سنڌ جي مخلتف ليکڪن جون ۷۳ ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي شروعات لعل چند امر ڏنو مل جي ڪهاڻي “حُر مکي جا” سان ڪئي وئي آهي. هن ڪهاڻي کي پهرين جديد سنڌي ڪهاڻي سمجهيو وڃي ٿو. هي ڪهاڻي ۱۹۱۴ع ۾ ڇپي، اها ڪهاڻي انگريزن خلاف شروع ڪيل پهرين حُر تحريڪ (۱۸۹۸ع) جي پس منظر ۾ لکيل آهي، جڏهن ته هن ڀاڱي جي آخري ڪهاڻي علي بابا جي ڪهاڻي آهي.

هن ڪتاب ۾ مدد علي سنڌيءَ جو لکيل مهاڳ به شاندار آهي ۽ جيڪڏهن ڪو محقق سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان تحقيق ڪندو ته ان لا هي مهاڳ هڪ اهم دستاويز طور ثابت ٿيندو. مهاڳ ۾ هر ڪهاڻيڪار جي حوالي سان ذڪر ڪيل آهي، ويندي اڄ جي دور جي ڪهاڻيڪارن جو ذڪر پڻ ملي ٿو.

مدد صاحب مهاڳ ۾ هڪ هنڌ ڄاڻايو آهي ته ورهاڱي تائين سنڌي ڪهاڻي ڀرپور انداز ۾ لکجي رهي هئي، پر ورهاڱي کان پو سنڌي ادب ۽ ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو ۽ ايئن ڄڻ سنڌي ڪهاڻي مفلوج ٿي پئي هجي. ليکڪن جو وڏو انگ لڏپلاڻ ڪري هندستان هليو ويو ۽ علم ادب سان گڏ ڇپائيءَ جو ڪم به ٺپ ٿي ويو، جنهن جي ڪري هڪ خلا پيدا ٿي پيو. ڪجهه ئي سالن کان پو وري سنڌ ۾ رسالا ڇپجڻ شروع ٿيا، انهن ۾ ماهوار فردوس، نئين زندگي ۽ خاص ڪري ٽي ماهي مهراڻ، جن جي ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. جمال ابڙو کان ويندي ابن الياس سومرو تائين، ڪهاڻيڪارن جي هڪ کيپ تيار ٿي. مهاڳ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته امر جليل اهڙو ڪهاڻيڪار آهي جنهن ڪنهن به سنڌي ڪهاڻيڪار جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن. جڏهن ته علي بابا وري اهو ڪهاڻيڪار هو جيڪو چوندو هو ڪهاڻيءَ کي ڪهاڻي سمجهي لکجي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي اجائي پروپيگنڊا نه هجڻ گهرجي.

جيڪڏهن هن ڪتاب ۾ ڏنل ڪهاڻين جي موضوع تي غور ڪجي، انهن ۾ اسان کي ڪيترن ئي موضوعن جا رنگ نظر ايندا. مثال طور، حقيقت نگاري، سماجي حقيقت نگاري، تاريخي پس منظر ۾ لکيل ڪهاڻيون، جديديت ۽ وجوديت تي لکيل ڪهاڻيون، رومانويت، ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جي حوالي سان لکيل ڪهاڻيون. ڪتاب ۾ ڏنل هر ڪهاڻي پنهنجي موضوع ۽ فني گهرجن جي حوالي سان پڙهندڙ کي حيرتن جي هڪ الڳ جهان ۾ وٺي وڃي ٿي.

ڪهاڻيءَ سان چاهه رکندڙ جي حيثيت ۾ جڏهن مون هي ڪتاب هٿن ۾ کنيو ته هڪ عجيب قسم جي خوشي جو احساس ٿيو ۽ اهو به لڳم ته جيتري تائين مدد علي سنڌي جهڙا سنڌي ڪهاڻيءَ جا سپوت آهن، ايتري تائين سنڌي ڪهاڻيءَ کي عالمي سطح تائين پهچائڻ جي رستا روڪ ڪير به نٿو ڪري سگهي ۽ سنڌي ڪهاڻي وهندڙ پاڻي جيان پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي، دنيا آڏو پاڻ مڃرائيندي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


Sindhi Short Stories

Gul Mohammad Umrani

This remarkable work compiled and edited by eminent writer and researcher Madad Ali Sindhi encompasses One Hundred years of Sindhi short story from 1914-2014, right from Lalchand Amar Dino Mal, Jethmal Parsram , Mirza Nadir Beg ,Amar Lal Hingorani to Amar Jaleel , Noor ul Huda Shah and Ali Baba, a veritable treasure of Sindhi socio _political history in one volume here. The Preface by Madad Ali Sindhi is scholarly and thoroughly professional, thought provoking with an unaltered reality with an insightful deeply penetrating narrative reflective of dissemination of literary episodes, a must read for the keen students and critical pundits worth their salt . Sindhi cultural heritage of rural and urban milieu was the best kept secret now absolutely transparent here before the readers, an indubitable work rather indispensable and a necessary document in the great form published by Muhammad Ibrahim Joyo Translation Bureau affiliated to Culture Department under the personal commitment of Madad Ali Sindhi who has deep philosophical roots in the genre since his adolescence and had intellectual growth as writer per se. I agree with him that making a choice of the stories covering a period of a Hundred years is a gigantic endeavor. The quality of translation is metamorphic, varied and interesting, but reflects the individual dint of labour of the the translators who no doubt deserve credit and kudos despite having the challenge far larger than their capacity. The Sindhi Society is here fully threadbare and depicted in its entirety whether good, bad or indifferent. The whole process is awesome and has been really rendered effectively and efficiently by the best compilation so far presented by the dedicated editing painstaking mind of Madad Ali who has left no stone unturned in making this happen for the connoisseurs of modern Literature in English, who need more such heritage books. Well done everyone friends associated with book of the Year.

(گل محمد عمراڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


No comments:

Post a Comment