Friday, December 23, 2022

وڏي جي پڳ - دريا خان شنباڻي

وڏي جي پڳ

ننڍڙي ڪهاڻي

دريا خان شنباڻي



ويچاري معصوم کي ننڊ مان ڌونڌاڙي ڌونڌاڙي اٿارڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ چوندا رهيا؛ “اٿ وڏي جي پڳ ٻڌ، وڏي جي پڳ ٻڌ!” ٻار ننڊ جي گهيرٽ ۾ چوندو رهيو؛ “ڇڏيو مون کي. . . . ڇڏيو مون کي!” پر سندس هڪ به نه ٻُڌي وئي ۽ کنڀڙاٽين مان وٺي کڻي ڪچهريء ۾ آندائون ۽ جيئن تيئن ڪري پڳ ته ٻڌرايائون پر پڳ جي وزن سبب ٻار ويچارو ڪنڌ جهلي نه پيو سگهي سو ڪي سال ته گهروارا، ڀروارا همراھ ٽيڪا شيڪا ڏئي ٻار جي ڪنڌ کي جهليندا پي آيا. پر جڏھن جوان ٿيو ۽ سمجهيائون ته هاڻي پڳ جي وزن سبب ڪنڌ جهليندو سو کڻي ڪنڌ مان هٿ ڪڍيائون. پر ھو هريل هيو ٿوڻين ٽيڪن تي، سو جيئن ئي هٿ ڪڍيائون ته ڪنڌ لڙڪي پيس!!!

 

(دريا خان شنباڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment