Saturday, December 24, 2022

رت جو چڪر - غفار سومرو

رت جو چڪر

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



دير ئي ڪونه ٿي ڇوڪرو کنڀجي آيو. اوطاق واري گهاٽي نم جي ٿلهي مضبوط ٿڙ سان ٻڌجي ويو. ٻارنهن تيرنهن سال عمر، ڪڻڪائون رنگ، بت ۾ ڀريل، گول گول چهرو، ڊگهو نڪ، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ سان ڀريل وڏيون اکيون، ميرا گدلا ڪپڙا، پيرن ۾ ڦاٽل راٻڙي چپل.


ڀيل ٿي ڪري ڳوٺ جي وڏيري جي پٽ جي سامهون ٿيندو، موٽ ۾ گاريون ڏيندو ۽ ٿپ هڻندو ته بچي ويندو!

جنهن وڏيري جي ڇپر ڇانو ۾ رهي، پڻس پوکي راهي ڪري، اوطاق تان بچيل ٽڪر کائي پيٽ پالي ان جي پٽ جي اها مجال جو وڏيري جي پٽ جي ڪالر ۾ هٿ وجهي!.

نوڪرن اچي چنبن سان ورتس. منهن ئي منهن ڪٽيائونس. ڪڻڪائون رنگ ڦري ڳاڙھسرو ٿي ويس پر حرام جو دانهن ڪوڪ ڪيائين يا اک مان ڳوڙھو به نڪتس. الٽو ڳاڙھيون اکيون ڪري گهور وچان سڀني کي ڏسندو رهيو ڄڻ هتان ڇٽو ته سڀني کي اڦٽ ماري وجهندو.

خبر پوڻ تي پيءُ ماءُ روئيندا پٽيندا مٿي ۾ مٽيء جا ٻڪ وجهندا اچي وڏيري جي اوطاق تي ڪريا. ڇوڪري کي رسن سان ٻڌل ڏسي ماڻس ويچاريء جو ته اڌ هانو لهي ويو. پڻس جا به ڍڍر ڍرا ٿي ويا. نوڪرن ٻنهي کي ڇوڪري جي ويجهو ئي ڪونه اچڻ ڏنو.

ڄڻ گدڙ ڪوڪ ڪئي هجي. سندن برادريءَ جي ماڻھن کي جيئن ۽ جٿان خبر لڳي. مرد، عورتون ۽ ٻارن جا ٽولن جا ٽولا اچي وڏيري جي اوطاق تي لٿا. سڀ هيسيل، ڊنل، رڳو سُس پُس. انومان. انديشا. صلاحون.

نوجوان ڇوڪري جي بهادري تي خوش. پوڙھا، پڪا مرد نا خوش، ناراض. عورتون ڊنل، ڇرڪيل، روڄ راڙي ۾ پوريون.

وڏيرو به زوراور. زبرو. هميشه ڪاوڙ ۾ رهندڙ. ٿوري گهڻي ڳالھ تي چڱي ڀلي ماڻھوء کي سنهي به مان مان ڪڍي ڇڏي. هي ته هئو هڪ ڀيل، ڀيل جو پٽ!

ڇوڪري کي کٽي کنيو هو يا مٿو ڦري ويو هيس. جو وڏيري جي سڪيلڌي پٽ جي گار ڏيڻ تان ساڻس اٽڪيو هو. هاڻي ته گاھ گاڏي کان وڌي ويو هو. ڳالھ ڳاٽي کان چڙھيل هئي.

عورتون ۽ ٻار هڪ پاسي ڀت جي ڇانو ۾ قطار ڪري ويٺل ته مرد وري ورانڊي ۾ هيٺ فرش تي پلٿي هڻي هيٺ منهن ڪري ويٺل.

وڏيرو نيٽ جو لڪڻ لوڏيندو مڇن کي تاءُ ڏيندو اچي ڪرسي تي ويٺو. عورتن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. نوڪر چاڪر هوشيار ٿي ويا. هيٺ ويٺل سڀئي مرد هٿ جوڙي اٿي بيٺا.

وڏيري ڪرڙيون اکيون ڪندي ڇوڪري جي پيءُ کي هڪل ڪئي : ها ڙي ڀيل! ڏي خبر! تنهنجي ڇوري جي ايڏي مجال جو مون وڏيري جي پٽ سان ٿو وڙھي؟ :

ڇوڪري جي پيءُ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو.

: ڳالهاء، ڳالهائين ڇو نه ٿو، ڪٿان آئي آ تنهنجي ڇوري ۾ ايتري همت، اڙي جنهن جي ڳوٺ ۾ رهو. جنهن جو کائو، تنهن سان ٿا وڙھو. ڀيڻسان ڪم زات : وڏيري پريان نم جي ٿڙ ۾ ٻڌل ڇوڪري ڏانهن ڪاوڙ مان ڏٺو. هو به وڏيري کي گهور ڪري ڏسندو رهيو.

نيٺ ڇوري جي پيءُ منهن مٿي ڪندي وراڻيو :وڏيرا سائين! اسان جي ڇا مجال آھي جو اسان اوهان سان وڙھي سگهون. ڪڏھن اسان جا وڏا به توهان جي سامهون ڪونه ٿيا، ، ، ، :

 وڏيري هن جي ڳاله اڌ ۾ ڪٽيندي رڙ ڪندي چيو : ته پوء هي ڇا آھي، منهنجي پٽ سان وڙھڻ وارو تنهنجو ڇورو ناهي؟ :

ڇوڪري جي پيءُ نهايت ادب وچان هٿ جوڙيندي وراڻيو : وڏيرا سائين! مون کي ته بس ايتري خبر آھي ته رتُ رتُ سان ٿي وڙهي!:

: ڇا!؟ : وڏيرو ٽپ ڏيئي ڪرسي تان اٿي بيٺو. تڏھن سندس نظرون عورتن جي جهنڊ ڏانهن پاڻ مرادو کڄي ويون. جٿي ڇوڪري جي ماءُ نماڻان نيڻ کڻي وڏيري ڏانهن نهاريندي اکين مان ڳوڙھا اگهي رهي هئي.

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۱۴ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment