Monday, December 26, 2022

جڏهن ڪامريڊ جاڳي پيو - عبدالرافع شيخ

جڏهن ڪامريڊ جاڳي پيو

مختصر ڪهاڻي

عبدالرافع شيخ



“ڪامريڊ! لڳي ٿو ڪراڙو ٿي ويو آهين جو مينيجر مختيار به قابو ڪو نه ٿو اچئي.“گلزار، سگريٽ ۾ چرس ڀريندي چيس.

“بس يار اهو فلمي ڊائلاگ ٻڌو اٿئي نه؛ اسان ڇا شريف ٿياسين سڄي دنيا بدمعاش ٿي پئي.“


“ڪلهه جو ڇورو، جيڪو اسان لاءِ ڪاليج ۾ ڏڪندو سگريٽ وٺي ايندو هيو، هاڻي کير جي فيڪٽري جو مينيجر ٿيڻ کانپوءِ الائي ڇا ٿو پاڻ کي سمجهي. منهنجي پٽ ۽ ٻين تر جي ماڻهن کي ٽيسٽ ۾ فيل ڪري. فيڪٽري ۾ ٻاهران ڇوڪرا گهرائي ڪم تي رکيا اٿئين. ايڏي بدمعاشي ته اسان به ڪو نه هلڻ ڏينداسين. ڪامريڊ پنهنجي مُڇُن، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڌارين وانگر اڇا وار بنا پڇي گهڙي آيا هيا، کي وڪڙ ڏيندي ڪاوڙ ۾ چيو.“

“مان ته چوانءِ ٿو ڪامريڊ، وري پنهنجي پراڻي طريقي سان هڪڙي گولي ٽنگ ۾ وهائي ڪڍيس، پاڻهي سڌو ٿي ويندو.“

گلزار، اهو چئي، ڀرسان ويٺل هڪ تنظيمي نوجوان ڏانهن ڏسي، ان کي ٻڌائيندي چوڻ لڳو؛ “ٻارھن سال اڳ، ڪامريڊ اسان جي تنظيم ۾ اهڙو ماهر نشاني باز هيو جو ڀلي ڏينهن هجي يا رات، ڪير ڪيتري به مفاصلي تي هجي، هن جي گولي ٽنگ ۾ گوڏي جي هيٺان ران واري گوشت مان اهڙي طرح لڳي گذري ويندي هيس جو گهڻو نقصاڻ ٿيڻ بنا ان تائين اسان جو پيغام پهچي ويندو هيو، اهڙو نشانو ته امريڪي فوج جا ماهر سنائپر به ڪو نه هڻي سگهن.“

“چوندا آهن، ننهن سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو وجهجي، منهنجو خيال آهي هو دڙڪي ۾ ئي سڌو ٿي ويندو، ان ڪري سوچيم سڀ هلي گڏجي ٿا تڙي ڏيونس.“ڪامريڊ سگريٽ جو سوٽو هڻندي چيو.

“ڪامريڊ اڄ ته اسين سڀاڻي واري هڙتال ۾ لڳل آهيون، ڪجهه شيخ ۽ واڻيا دڪان بند ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، انهن کي هينڊ گرنيڊ جي ڌماڪي جو ٿورڙو آواز ٻڌائڻو آهي، پوءِ پاڻهي هڪ ڏينهن بدران ٽي ڏينهن دڪان بند ڪري گهر ۾ لڪيا ويٺا هوندا، يا ته ٻه ڏينهن انتظار ڪر، يا اڄ تون پاڻ ئي ٿورڙي سيکت ڏئي اچيس، نه مڙيو ته ٻن ڏينهن کان پوءِ وري گڏجي هلنداسين.“

“ڪامريڊ اتان اٿي، سڌو کير جي ڪارخاني جو رخ ڪيو، رستي ۾ تيز گرميءَ جي ڪري هن هڪ نظر سج ڏانهن وجهي ڪاوڙ ۾ چپن ۾ چيو

“هي به اڄ سامراجي طاقتن جي ايجنٽ وانگر ٿي ويو آهي.“

مينيجر مختيار جي اي سي واري ڪمري ۾ اچڻ سان ڪامريڊ کي هڪدم سڪون ملي ويو، ڪجهه دير پگهر سڪائڻ کان پوءِ هن مختيار ڏانهن ڪاوڙ مان ڏسندي چيائينس.

“يار تون پنهنجو ننڊپڻ جو دوست آهين، اسڪول ڪاليج ۾ به گڏ پڙهيا آهيون، تومان اها اميد ڪو نه هئي، تون پنهنجي قوم جي ٻچن کي نوڪري تي لڳائڻ بدران، هتي ٻئي صوبي جي ماڻهن کي نوڪري تي لڳايئي، اها ذيادتي اسان ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪو نه ڪنداسين، ٻيا ته ٺهيو منهنجي پٽ کي به گريجوئيٽ هوندي سوندي ٽيسٽ ۾ فيل ڪري ڇڏيئي.“

مختيار ڪامريڊ ڏانهن مرڪندي ڏسي چيو.

“ڪامريڊ تنهنجي ڳالهه بلڪل صحيح آهي، پر اها زيادتي مون ڪونه، انهن ڪئي آهي جن انهن کي ڪاپي وارا ڪارتوس پهچائي بي اي ۽ بي ايس سي جون ڊگريون وٺي ڏنيون آهن، حد آهي يار بي اي جي ڇوڪري کان گريجوئيٽ جي سپيلنگ پڇي آهي ته جواب ڏنئي، سائين گهڻو ٽائيم ٿي ويو آهي بي اي ڪئي، وسري وئي آهي. بي ايس سي جي ڇوڪري کي اها خبر ڪونهي ته هڪ سڪوائر فٽ ۾ گهڻا سڪوائر انچ هوندا آهن، يا هڪ هزار جو ۱۳ سيڪڙو گهڻو ٿيندو آهي. ڪامريڊ، انهن کي آءُ ايڏي وڏي پوسٽ تي ڪيئن رکان، تو وانگر مون کي به قوم جو درد آهي پر هنن کي نوڪري جي ڪري، ٻين صوبن ۾ ڪيئي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي، اسين جڏهن پنهنجي صوبي کان ٻاهر ويندا آهيون ته رڳو پنهنجي علائقي جي فيڪٽري جا مينيجر نه پر پنهنجي صوبي جا سفير به هوندا آهيون، اتي جڏهن ٻين صوبن جا هوشيار مينيجر هڪ جڏي مينيجر کي ڏسي چوندا آهن ته هن جو ڏوهه ناهي هي ته سنڌ مان آيل آهي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي آهي. ان ڏينهن ته آءُ هڪ انگريز اڳيان ڏاڍو لڄي ٿيس، هن موهن جي دڙي تان موٽندي مون سان پهريون ته سنڌي قوم جي تعريف ڪندي چيو ته پنج هزار سال اڳ به اسين ڪيڏا نه سليقي وارا هياسين جو اسان جي گهرن جي ٻاهران ناليون ۽ ترتيب سان گهر ۽ درسگاهون ٺهيل هيون پر پوءِ ان انگريز جڏهن رستي ۾ ڳوٺ ڏٺا، جتي ماڻهو حاجت لاءِ جهنگ ۾ وڃي رهيا هئا ته مونکي چيائين،

“توهان ڀلا موهن جي دڙي کان پوءِ، اڳتي هلڻ بدران پوئتي هلندا رهيا آهيوڇا؟ موئن جي دڙي کي ڏسي ته لڳي پيو هيءَ قوم هن وقت مريخ ۽ مشتري تي گهر ۽ درسگاهون ٺاهي رهي هوندي يا وري سمونڊ اندر ڪارخانا ۽ مليون اڏڻ ۾ رڌل هوندي.“

“ها هو چون سچ پيا پر ان ۾ اسان جو نه سامراجي قوتن جو هٿ آهي، جن اسان کي اڳتي وڌڻ ڪو نه ڏنو.“ڪامريڊ جذباتي ٿيندي چيو.

“ڪامريڊ، سامراجي قوتون ته اسان جي ٻارن کي ڪو نه ٿيون چون ته هو سڄو سال اجاين ڪمن ۾ ضايع ڪري، پوءِ ڪاپي تي امتحان پاس ڪن، ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ اسان جي صوبي وانگر ائين کلي عام ڪاپي ڪو نه ٿي ٿئي، شاگردن جي حالت اها آهي ته ايم اي جي امتحان ۾ ڪاپي به پاڻ ڪو نه ٿا ڪري سگهن، سوال جو جواب ڳولهي ڏيڻ لاءِ هڪ ٻئي همراهه کي ٻاهر بيهارڻو ٿو پوين.“مختيار، ڪامريڊ اڳيان چانهه سان گڏ آيل بسڪيٽ جي پليٽ سورائيندي چيو.

“توهان چوڻ چاهيوٿا ته اسان جا سڀ نوجوان جڏا آهن، ڪاپي ڪري پاس ٿا ٿين؟” ڪامريڊ ناراض ٿيندي چيو.

“سڀ نه پر اڪثر، جيڪي اسان جا نوجوان هوشيار آهن، اهي ته پنهنجي منزل تي پاڻ ئي پهچي وڃن ٿا، ڪي چٽا ڀيٽي جي مقابلي ۾ ته ڪي علم ۽ ڄاڻ جي پاسپورٽ سان دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪري ٿا وٺن، آءُ انهن نوجوانن جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪي ڪاپي ڪري ڊگري وٺي گريجوئيٽ ته ٿي ٿا وڃن پر پوءِ نه مزدوري ڪرڻ جي لائق ٿا رهن، نه ئي قابليت تي نوڪري ٿا وٺي سگهن، ڪامريڊ آءُ انهن کي ويچارو ان ڪري ٿو چوان جو خدا هنن کي عقل ۽ صلاحيت ٻين صوبن جي ماڻهن کان به وڌيڪ ڏني آهي پر ڪاپي تي ايم اي ڪرڻ جي ڪري، علم ۽ عقل ۾ اٺين جماعت کان اڳتي ڪو نه ٿا وڌن.“

“او اها ڳالهه، ڏاڏا سائين تو کي سمجهائڻ ٿو چاهيان ته اسان جا نوجوان ڪنهن کان گهٽ ڪونهن، بس معاشي ۽ سماجي مسئلن جي ڪري تعليم ۾ پٺتي پيل آهن.“ڪامريڊ چانهه مان سرڪ ڀريندي چيو.

“ڪامريڊ هڪڙي ڳالهه ته ٻڌاءِ، اسين اولاد جا سڀ خرچ ۽ انهن جون سڀ ذميواريون پنهنجن ڪلهن تي کڻي انهن کي رڳو ايترو ڪم ٿا ڏيون ته هو سال ۾ پنج ڇهه ڪتاب پڙهي ان جا جواب لکي اچن، جي هو ايترو به ڪري ڪو نه ٿا سگهن ۽ ڪاپي ڪري ئي پاس ٿيڻو اٿن ته پوءِ اسين انهن مان اها اميد ڪيئن ٿا رکي سگهون ته هو اڳتي هلي پنهنجي ڪلهن تي، پنهنجن ٻارن ٻچن جو ٻوجهه کڻي، هر سال زندگي ۾ ايندڙ ڪيئي امتحان، پاڻ پاس ڪري وٺندا؟”

“پوءِ هاڻي انهن جو ڇا ڪجي؟ ڇڏي ڏيون ته واندا ويٺا هجن يا ڦرون لٽون ڪن؟” ڪامريڊ سخت لهجي ۾ چيو.

“نه آءُ اهو ٿو چوان ته هن انٽرنيٽ جي دور ۾ علم واري لاءِ پئسو ڪمائڻ مشڪل ڪونهي، بس رڳو ماڻهو کي هن دور جي ڄاڻ ۽ سمجهه هجي، اسان جا ماڻهو اڃا تائين، زمين ۾ پوريل ڪنهن خزاني ملڻ جي اجائي آس ۾ زندگي گهاري ٿا ڇڏين، جڏهن ته دنيا وارا ڪمپيوٽر تي ويهي ٿوري وقت ۾ سون جي ديڳ کان وڌيڪ پئسا ڪمائي ٿا وٺن. ان لاءِ منهنجا ڀاءُ مان گذارش ٿو ڪيان ته توهان قوم جا رهبر ۽ رهنما آهيو، قوم جي صحيح رهنمائي ڪيو.“

“اسين ته مدد ڪري رهيا آهيون، ٻي ڪهڙي مدد ڪيون، تون ٻڌاءِ.“

ڪامريڊ مختيار جي ڳالهين ۾ دلچسپي وٺندي چيو.

“يار توهان پويان چاليهه سال هٿيارن سان جدوجهد ڪري ڏٺي، ڪجهه ڪو نه ٿيو، قوم اڳتي وڌڻ بدران پوئتي هلي وئي، هاڻي خدا جي واسطي اڳيان ۲۰ سال علم ۽ هنر لاءِ ڪوشش ڪيو، ٻارن کي توڙي وڏن ۽ ڪراڙن کي علم ۽ ڄاڻ ڏياري، ڪنهن نه ڪنهن ڪم سان لڳائيو، اسان جي ملڪ ۾ انجنيئر، مستري ۽ ٻيا پڙهيل لکيل ماهر جام آهن جن وٽ مختلف شيون ٺاهڻ جو هنر آهي ۽ اسان وٽ ڪامرس ۽ بي بي اي، ايم بي اي جا ماهر به کوڙ آهن جيڪي انهن شين کي کپائڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿا، مٿان وري ڪيئي پهچ وارا سنڌي سڄي دنيا ۾ موجود آهن، جن کان هتان جون شيون اتي کپرائڻ ۾ مدد وٺي سگهجي ٿي، اسين جيڪڏهن انهن ٽنهي کي گڏ ڪري ڪاروبار ۾ اڳتي وڌئون ته ڏسجانءِ ڪجهه سالن ۾ چين کان به اڳتي نڪري وينداسين، مون کي ته چين جو هڪ ڳوٺ ڏسي حيرت ٿي، جت ڳوٺ جي هر گهر ۾ سگريٽ جا لائيٽر پيا ٺهن، ماڻهو ايترا پڙهيل ڪو نه هيا پر مرد توڙي مايون، جوان توڙي ٻڍا ڪم ۾ رڌل هئڻ جي ڪري مهيني ۾ ايڏا پئسا ڪمائي رهيا هيا جيترا هت اسان جا پڙهيل لکيل نوڪري ۾ هڪ سال ۾ ڪمائيندا آهن. اسان جا نوجوان جيڪڏهن ڪتابن کي پڙهي رڳو ايترو ئي سمجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته حرڪت سان توانائي پيدا ڪري سگهجي ٿي ته مون کي اميد آهي اسان جي قوم ايڏي ته هوشيار آهي جو ننڊ ۾ پاسو ورائڻ سان به بجلي پيدا ڪري وٺندي.“

ڪامريڊ هن جي ڳالهين مان ايڏو متاثر ٿيو جو ڪيتري دير سوچن ۾ گم ٿي ويو، پوءِ هن ڏانهن ڏسي پڇيائين.

“ان ڪم جي شروعات ڪٿان ڪجي؟”

“سڀ کان پهرئين اسان کي ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڊگري، امتحانن ۾ ويهندڙ ڀوڪن بدران، رڳو ڄاڻ وارن کي ملي.“

“ها چئين ته سچ ٿو، اسان کي قوم لاءِ، نئين دور ۾ نئين طريقي سان جدوجهد ڪرڻ گهرجي.“اهو چئي ڪامريڊ ڪرسي تان اٿي وڃڻ لڳو.

مختيار هن کي روڪيندي چيس.

“مون هڪ مينيجر عارضي طور تي ٻئي صوبي مان گهرايو آهي، پنهنجي ڇوڪري کي مهينو کن انگريزي ۽ ڪمپيوٽر جي ٽيوشن ڏيارائي موڪلجانءِ ته آءُ ان جي جاءِ تي لڳرائي ڇڏيندو مانس.“

ڪامريڊ مختيار جي ڳالهه ٻڌي مرڪندي هن ڏانهن ڏسي چوڻ لڳو.

“مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي آهي، هاڻي منهنجو پٽ پهريون ڏينهن رات محنت ڪري، ورتل ڊگري جو علم حاصل ڪندو، ان کانپوءِ پاڻ پنهنجي قابليت تي نوڪري وٺندو.“

ان ڏينهن بي اي جي امتحان جو پيپر هيو، ڪيئي ماڻهو دريءَ تي چڙهي پنهنجن مائٽن کي مختلف سوالن جا جواب پهچائي رهيا هيا، ڪامريڊ اتي پهچي ماڻهن کي سمجهائڻ لڳو ته اها توهين پنهنجن پيارن سان دشمني ڪري رهيا آهيو، توهان ڪاپي ڪري ورتل ڊگري سان انهن کي ڪاميابي جي ڪرسي تي نه پر وهيل چيئر تي ويهاري رهيا آهيو، پاڻ پيپر ڪرڻ ڏيون، جيڪڏهن هڪ دفعو فيل به ٿي پيا ته ٻئي سال محنت ڪري پاس ٿي سڄي زندگي مزي ۾ گذاريندا، پر ڪنهن هن جي ڳالهه تي ڌيان ڪو نه ڌريو، هر ڪنهن کي لڳو ڪامريڊ عمر وڌڻ سان دماغ کان آجو ٿيندو پيو وڃي، ڪامريڊ کي به جڏهن لڳو، ڪوئي هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي ته هو اتان نڪري ٿورو پريان وڻن جي هڪ قطار پٺيان بيهي ڪجهه گهڙيون سوچيندي ور ۾ لڳل پستول ٻاهر ڪڍيو، هن جڏهن ڪاپي پهچائڻ لاءِ دري جي ٻاهران بيٺل هڪ همراهه جي ران جو نشانو ٻڌي فائر ڪيو ته يڪدم اتي بيٺل سڀن ماڻهن ڊپ مان ڀڄڻ شروع ڪري ڏنو، سوائي ٻن ماڻهن جي، جيڪي رڙيون ڪندي ٻين ماڻهن کي سڏ ڪري چئي رهيا هيا

“اڙي ڪاڏي ٿا ڀـڄو، ڪامريڊ گلزار کي ته کڻايو، ٽنگ ۾ گولي لڳي اٿس.“

ڪامريڊ امتحاني مرڪز جي خالي درين کي ڏسي مرڪي سج ڏانهن نهاريو،

لڳس ڄڻ سج به ماءُ وانگر پٺي ٿپي، شابش ڏئي رهيو هجيس.

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment