Monday, December 12, 2022

آمريت ۾ ماڻهن کان کلڻ وسري ويندو آهي - ڪليم ٻُٽ

آمريت ۾ ماڻهن کان کلڻ وسري ويندو آهي

ڪليم ٻُٽ



جڳ مشهور چيڪ ناول نگار ۽ نقاد ميلان ڪنڊيرا سن ۲۰۱۳ع ۾ ڇپيل ناوليٽ ”The Festival of Insignificance“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته چارلس نالي ڪردار وٽ سويت يونين جي آمر اسٽالن جي ويجهي ساٿي Nikita Khrushchev جي يادگيرن جو ڪتاب هو، جنهن ۾ ۲۰ هين صديءَ جي هن بدنام آمر جي حوالي سان ڪيترا ئي قصا ڏنل هئا. انهن مان هڪ ”۲۴ تترن وارو قصو“ به هو. هي قصو هن ناوليٽ جي ٻئي ڀاڱي جو شروعاتي باب آهي، جنهن کي ڪنڊيرا ڪجهه هنن لفظن ۾ لکيو آهي (هتي چارلس نالي ڪردار ان ڪتاب اهو قصو پڙهي پنهنجي دوست ڪليبن کي ٻڌائيندو وڃي ٿو ۽ وچ وچ ۾ ٻئي ڄڻا ان تي تبصرو به ڪندا هلن ٿا):


”ڊگهن اداس ڏينهن بعد، اسٽالن کي پنهنجن ساٿين سان ويهي پنهنجي زندگيءَ جي حوالي سان ننڍن قصن ۽ ڪهاڻين ٻڌائڻ ۾ مزو ايندو هو، مثال طور هي قصو:

هڪ ڏينهن هن شڪار تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هن وڏو ڪوٽ پاتو ۽ سارٽ گن کڻي ۱۳ ڪلو ميٽرن تائين هليو ويو. پوءِ هن تترن جي ولر کي وڻ تي ويٺل ڏٺو. هو بيهي رهيو ۽ انهن کي ڳڻڻ لڳو. اتي ۲۴ تتر آهن. پر هاءِ اڙي قسمت! هو رڳو ۱۲ ڪارتوس ئي کڻي آيو! هو نشانو وٺي ۱۲ تتر ماري وجهي ٿو، پوءِ ۱۳ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري واپس گهر اچي ٿو ۽ ٻيا ۱۲ ڪارتوس کڻي واپس ۱۳ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري وڃي ٿو ۽ تترن وٽ پهچي ٿو، جيڪي اڃا به انهيءِ وڻ تي ويٺل آهن ۽ نيٺ هو سڀني تترن کي ماري وجهي ٿو.....

”تو کي ڪهاڻي وڻي؟“ چارلس ڪليبن کان پڇيو، جنهن کلندي وراڻيس:

”جيڪڏهن اهو سچ ۾ اسٽالن پاڻ ٻڌائي ها ته مان کيس مبارڪ ڏيان ها! پر توکي اها ڪهاڻي ڪٿان ملي؟“

”اسان جي مالڪ مونکي هي ڪتاب ڏنو ”خورشوف جون يادگيريون“ جيڪو گهڻو وقت اڳ فرانس ۾ ڇپيو هو. ان ۾ خورشوف تترن وارو قصو ايئن ئي لکيو آهي جيئن اسٽالن سندس ننڍڙي ٽولي کي ٻڌايو هو. پر خورشوف موجب ان تي ڪنهن اهڙو ردعمل نه ڏيکاريو جهڙو ردعمل تو ڏيکاريو آهي. ان تي ڪير به ڪونه کليو هو. انهن سڀني بنا ڪنهن فرق جي اهو ئي سوچيو ته جيڪو قصو اسٽالن کين ٻڌايو اهو غيرمنطقي هو ۽ اهي هن جي اهڙي ڪوڙ کان بيزار هئا. پر سڀئي چپ رهيا ۽ رڳو خورشوف ۾ اهڙي همت هئي جو اسٽالن کي پنهنجي سوچ ٻڌائي سگهي. هي ٻڌ...!“ چارلس ڪتاب کوليو ۽ هوريان پڙهڻ لڳو:

”ڇا! تون سچ ۾ اسان کي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهين ته (باقي بچيل) تتر ڏار تان ڪونه اڏاميا هئا؟“ خورشوف چيو.

”هائو،“ اسٽالن وراڻيو: ”اهي ان ساڳي هنڌ ئي ويٺل هئا.“

”پر اها ڪهاڻي جي پڄاڻي نه آهي، توکي خبر هجڻ گهرجي ته ڪم کانپوءِ اهي سڀ گڏ ئي باٿ روم ويندا هئا، هڪ وڏو غسل خانو جنهن ۾ باٿ روم پڻ هئا. تصور ڪر. هڪ ڀت تي گينڊين جي ڊگهي قطار، اهي گينڊيون ڪوڏين جي شڪل جهڙيون، اهي مختلف رنگن جون هيون ۽ انهن تي گلڪاري ٿيل هئي. اسٽالن جي ٽولي جي هر ساٿيءَ جي الڳ الڳ گينڊي هئي، هر گينڊي هڪ الڳ ڪاريگر جي ٺهيل ۽ صحيح ڪيل. پر انهن مان اسٽالن جي لاءِ ڪابه گينڊي نه هئي.“

”پوءِ اسٽالن ڪٿي مٽندو هو؟“

”عمارت جي ٻئي پاسي (هن لاءِ ٺهيل الڳ باٿ روم ۾) ۽ جيئن ته هو پنهنجن ساٿين سان گڏ پيشاب ڪرڻ بدران اڪيلو مٽندو هو، ان ڪري هن جي غيرموجدگيءَ ۾ سڀئي ساٿي پاڻ کي آزاد محسوس ڪندا هئا ۽ اهي ڳالهيون وڏي واڪي ڪندا هئا جيڪي چيف اڳيان نه ڪري سگهندا هئا. خاص ڪري ان ڏينهن جڏهن اسٽالن هنن کي تترن وارو قصو ٻڌايو. مان خورشوف جي ڪتاب مان توکي ڪجهه وڌيڪ پڙهي ٻڌايان ٿو:

”باٿ روم ۾ هٿ ڌوئڻ مهل اسان ڪاوڙ مان ٿڪڻ لڳاسين. هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو هو! هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو! ان تي اسان مان ڪنهن هڪ کي به شڪ ڪو نه هو.“

”۽ اهو ڪير هو؟ هو خورشوف؟“

”اسٽالن جي مرڻ جي ڪجهه سالن کانپوءِ هو سوويت شهنشاهيت جو سپريم ليڊر ٿيو.“

هڪ ساهي کانپوءِ ڪلبين چئيس: ”ان سموري قصي مان هڪ ڳالهه جنهن تي مونکي ويساهه نٿو اچي، اها هي ته انهن مان ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته اسٽالن مذاق ڪري رهيو هو.“

”سچ پچ،“ چارلس چيو ۽ ڪتاب ميز تي رکي ڇڏيو.

”ڇو جو هن جي چوڦير (ساٿين) ويٺلن کي هاڻي اها ڄاڻ ئي نه رهي هئي ته مذاق ڇا ٿيندو آهي، اها ئي تاريخ جي هڪ نيئن دور جي شروعات آهي.“

لکڻ جي انهيءَ انداز جي ڪري ئي ميلان ڪنڊيرا منهنجي پسند جي ناول نگارن مان هڪ آهي، هن جي لکڻي جو وڏي ۾ وڏو ڪمال جيڪو مون کي هن جا ناول پڙهندي لڳندو آهي اهو هي ته هو ننڍين ننڍين ڳالهين کي اهڙي ته سهڻي نموني پيش ڪندو آهي جو دل وري وري ان کي پڙهڻ تي پئي چوندي آهي. پر هن ناوليٽ جو هي ٽڪرو هتي ڏيڻ جو اهو مقصد آهي ته ان مان اسٽالن جي آمريت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪجي. مان اهو نٿو چوان ته ڪنڊيرا جيڪو قصو هن ناول ۾ ڄاڻايو آهي اهو تاريخي حوالي سان به سو سيڪڙو صحيح هوندو، پر افسانوي ادب جو اهوئي ڪمال آهي ته حقيقي نه هوندي به اهو اسان کي حقيقي لڳندو آهي ۽ افسانوي ادب اسان کي نفسياتي تجزيو ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي. جيئن جڳ مشهور نفسياتي ماهر فرائيڊ شيڪسپيئر جي ڪردارن جي مدد سان مختلف نفسياتي تجزيا ڏنا. بلڪل ايئن ئي ميلان ڪنڊيرا به اسٽالن جي هن ڪهاڻي وسيلي هڪ آمر جو خاڪو چٽي ٿو ته ان جي ڪهڙي نه دهشت هوندي آهي، هڪ امر ڪيترو بي رحم هوندو آهي جو  هن جا ويجها ساٿي اهو ڄاڻيندي به ته هنن جو آمر ڪوڙ هڻي رهيو آهي، پر اها همت نه ڪري سگهندا آهن ته اهو چئجي ته هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي يا حقيقت ان جي ابتڙ هوندي! اهڙي ريت آمر جي ڪنهن لطيفي تي ڪنهن ۾ کلڻ جي همت به نه رهندي آهي، متان ڪنهن جو کلڻ به آمر کي نه وڻي ۽ اهو کلندڙ پنهنجي حياتي ئي وڃائي ويهي رهي.

اسان به هن ملڪ جي ويجهي ماضي ۾ ٻه آمريتون ڏسي چڪا آهيون، هڪ ضياءَ واري ٻي مشرف واري. ان کان اڳ به هتي آمريت رهي، پر هنن ٻنهي آمريتي دورن جون يادون اڃا به تازيون آهن. مشرف جي آمريت دوران مان ڏهين ڪلاس جو شاگرد هئس ۽ جڌهن گهران نڪرندو هئس ته گهر وارن جي انهن هدايتن ته ڪنهن وڏي ٽولي جي وچ ۾ نه بيهندس، ڪٿي ڪو نعريبازي ڪندو هوندو يا ڪو جلوس هوندو ته ان کان پري ڀڄي ويندس، ڪوشش ڪري گهٽ ڳالهائندس ۽ وڏي واکي نه کلندس، تي پوري ريت عمل ڪرڻ جو وچن ڪري گهران نڪرندو هئس. آمريت جي انهن ٻنهي دورن ۾ پريس تي پابنديون هنيون ويون، سياسي اڳواڻن کي قيد ڪيو ويو، ماڻهن کي چونڪن تي لتر هنيا ويا. هر پاسي پابنديون ئي پابنديون هيون ۽ انهن پابندين جي ڪري اسين خوف جي ڪارين ڀوائتين راتين ۾ رهياسين. انهن آمريتن جي انهن ڪاريين ڀوائتين راتين هڪڙي نسل جا يارنهن سال ۽ ٻئي نسل جا ڏهه سال ڳڙڪائي ڇڏيا.

آمريت سڀ کان پهرين علم، ادب کان ويندي ماڻهن جي سوچ سمجهه جي راهه ۾ رنڊڪون وجهندي آهي. جيئن ميلان ڪنڊيرا اسٽالن جي هن ڪهاڻي ۾ ان جي خوبصورت عڪاسي ڪئي آهي.  هن جي ڪنهن به ساٿي ۾ چپ چورڻ جي همت نه هئي، ان کان وڌيڪ انهن جا ذهن ايترا مفلوج ٿي چڪا هئا جو اهي اهو فيصلو به نٿي ڪري سگهيا ته اسٽالن جي ۲۴ تترن واري ڪهاڻي مذاق کانسواءِ ڪجهه به نه هئي. اهي سڀ ڀئو ۾ ورتل هئا ۽ اسٽالن جي ها ۾ ها ملائڻ وارا چمچا ٿي پيا.

اهڙن روين جي ڪري ئي سماج سڪوڙجي ويندو آهي، ماڻهو نئون خيالن کان ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ مدي خارج ڳالهين ۾ لڳي پنهنجي جمالياتي سگهه ئي وڃائي ويهندا آهن. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته آمريت جي ڪري ترقي، فرد جي آزادي ۽ اظهار جي آزاديءَ جا سڀ در بند ٿي ويندا آهن. ڪنڊيرا جي ناوليٽ ۾ ڏنل اسٽالن جي اها ڪهاڻي به بلڪل انهيءَ جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪينڊيرا جي ناول جو اهو حصو پڙهندي مونکي اهو احساس ٿيو ته آمرن جو رويو سموري دنيا ۾ ساڳيو ئي هوندو آهي، اهي اظهار جي آزاديءَ جا ويري هوندا آهن. پوءِ ڀلي ان آمر جو نالو ضياءَ هجي يا اسٽالن، اهي پنهنجي سوچ ۽ ورتاءَ ۾ ساڳيا ئي هوندا آهن، اهي انسان ۽ آزاديءَ جا دشمن هوندا آهن. اسٽالن کان ويندي ضياءَ جهڙن آمرن جي دور ۾ ماڻهن کان کلڻ ته ڇا پر پنهنجي مرضيءَ سان ساهه کڻڻ به وسري ويندو آهي.

 

(ڏھاڙي سنڌ ايڪسپريس حئدرآباد ۾ ۱۲ ڊسمبر ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment