Monday, December 26, 2022

ڇانءَ - جميل احمد پال - ننگر چنا

ڇانءَ

پنجابي ڪھاڻي

ليکڪ: جميل احمد پال

مترجم: ننگر چنا



جيئن جيئن منزل ويجهو ايندي پئي وئي، قمر جي ڪاوڙ تيئن وڌندي پئي وئي. باقي هڪ اسٽاپ ئي رهجي ويو آهي، پوءِ جند ڇٽي پوندي. هن سوچيو. بس ۾ سفر ڪرڻ به وڏو عذاب آهي. ماڻهوءَ وٽ پنھنجي موٽرسائيڪل هجڻ گهرجي، ڀلي ته پراڻي سُراڻي ئي ڇونه هجي. نئين نئين ڪاليج ويندڙ ڇوڪر لاءِ ته ڏاڍي ضروري آهي. قمر جي اڌ کان وڌيڪ ڪلاسين وٽ پنھنجيون موٽر سائيڪلون هيون، ڪي وري پيءُ جون ڪاهي ايندا هيا، ڪي ٽَلَ ڪري وڏي ڀاءُ جي به ڪاهي ايندا هيا. اهي موجون ڪندا هيا، ڀڄائيندا هيا، موٽر سائيڪلن کي جھاز سمجهي اڏائيندا هيا. ڪرتب ڏيکاريندا هيا، ڪڏهن ڪڏهن وَن ويلنگ ڪندا هيا. هڪ موٽر سائيڪل تي چار چار ويھندا هيا. لائسينس ڪنھن وٽ به نه هوندو هو، پر ٽريفڪ وارا به انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا هيا. بس ڪڏهن ڪڏهن چيڪنگ ٿيندي هين. قرم کي به گهڻو تڻو لفٽ ملي ويندي هئي، پر انهن موقعن تي هُو سدائين لَڄَ محسوس ڪندو هو ۽ پنھنجو پاڻ کي ننڍڙو محسوس ڪندو هو. موٽرسائيڪل سندس ڀاڳ ۾ نه هئي. اها ڪا گهٽ ڳالهه ٿوروئي هئي جو کيس موبائيل فون ملي وئي هئي.


اهو موبائيل سيٽ به سندس پيءُ جي ملڪيت هوندو هو. نمبر اڃا تائين به پڻس جو هلي رهيو هيس. قمر کي پاڻ پنھنجي ذاتي فون وٺڻ واري عمر کي پھچڻ لاءِ اڃا ڏيڍ سال کپندو هو. هُو نائين درجي ۾ هو جو پيءُ وڃائي يتيم ٿي ويو هو. پيءُ ته ڪسابن کان وٺي دل جو روڳي هيس. هڪ ڀيرو دل جو باءِ پاس به ٿي چڪو هيس. ٻيو ڀيرو دل جو دورو پيس ته جند چي نه سگهيس. تن ڏينھن ۾ قمر اڃا نائين ۾ پڙهندو هو. پنجن بينرن ڀائرن ۾ هُو سڀني کان وڏو هو.

جڏهن پڻس جو مرک ٿيو تڏهن اهو اڃا نوڪري ڪري رهيو هو. سرڪاري قانون مطابق ماءُ جي نانءَ تي پينشن لڳي وئي ۽ گهر جو چُوڻو پاڻي ٿورو ٿڪو هلڻ لڳو. پينشن توڻي جو پگهار کان گهٽ هئي پر گهر جو هڪ ڀاتي به گهٽجي ويو هو. هن جي سياڻي ماءُ سوڙ آهر پير ڊگهيري گهر جو سرشتوڳ هلائڻ شروع ڪيو هو. اڃا سڀئي ٻار پڙهي رهيا هيا. ايندڙ ٽاڻي جي ڪا سُڌَ ته هوندي ناهي. ماءُ پنھنجي پڙس جي موبائيل فون صندوق ۾ سانڍي رکي هئي. اهو سيٽ قمر کي تڏهن مليو جڏهن هُو ميٽرڪ ۾ سٺيون مارڪوڻ کڻي ڪاليج ۾ داخل ٿيو.

قمر ميٽرڪ ڪئي ته سندس چاچن مامن ماڻس کي صلاح ڏني ته ڇوڪري کي ڪم سان لائي ٿا ڇڏيون، پڙهائي جو ڪو لاب ڪونهي. پر قمر جي ماءُ جي هڪ ئي ڳالهه تي ڳت هئي ته مرڻ وارو پنھنجي اولاد کي وڌ کان وڌ پڙهائڻ گهرندو هو، مان پنھنجن ٻارن کي پڙهائي هن جي سَڌَ پوري ڪنديس. ان ڪري قمر ڪاليج ۾ داخل ٿي ويو، جيڪو سندن گهر ڪا ٽي چار ڪلوميٽر پري هو. ڪاليج وڃڻ لاءِ قمر بس، ويگن ۽ ڪڏهن ڪڏهن چنگچي ورتائيندو هو ته ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنھن ڪلاس فيلو کان موٽرسائيڪل تي لفٽ ملي ويندي هيس. هن جو ڪو به ڪلاس فيلو سندس پاڙي ۾ نه رهندو هو، نه ته اهو ڏهاڙي جو مامرو به حل ٿي وڃيس ها.

هن مھل قمر بس جي پيھَه ۾ بيٺو ٻَڙڪي رهيو هو. ٿوري بي ڌيانيءَ جي ڪري اجايو مسئلو بڻجي ويو. پنجابيءَ جي پروفيسر پاران گهر جو ڪم مليو هيس ۽ سختيءَ سان چيو هيائين ته سڀاڻي سڀئي ڇوڪرا اهو ڪري اچن. جيڪو نه ڪري ايندو انهيءَ جي غيرحاضري هڻي ڇڏيندم. قمر اجويد سان رلجي ايندڙ خالي پيريڊ ۾ ڪاليج جي لان ۾ ئي هڪ پاسي ويھي ڪم پورو ڪري ورتو هو. جاويد پنجابي نه پڙهندو هو، ٻنهين جا باقي مضمون ساڳيا هيا انهيءَ ڪري ٻنهين جي وچ ۾ سٺي ياري ٿي وئي هئي. جاويد مڇي مانيءَ واري گهر جو هو ۽ شھر جي سٺي علائقي ۾ رهندو هو.

ڪاليج جي لان تي ويھي قمر پنھنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ جاويد هن سان گڏ ويھي پنھنجو. پر بي ڌياني اها ٿين جو ڪم ڪرڻ مھل ٻنهين ڄڻن پنھنجيون ڪاپيون کنڊيڙي ڇڏيون هيون. جڏهن هنن ڪاپيون گڏ پئي ڪيون تڏهن ڀل وچان جاويد قمر واري ڪاپي پنھنجي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏي هئي. ٻنهين کي سُڌَ ئي نه پئي. جڏهن قمر گهر وڃي ماني ٽڪر کائي واندو ٿي ڪاپيون ٻاهر ڪڍيون ته ڪم واري ڪاپي بيگ ۾ هيس ئي نه. هن پريسان ٿي سوچيو ته ڪاپي شايد ڪاليج جي بينچ تي ئي رهجي وئي هوندي. پوءِ کيس ياد آيسته هن برينچ تان اٿڻ مھل ڌيان سان ڏٺو هو ته اتي ڪابه وٿ نه پئي هئي. هن جاويد کي فون ڪيو. جاويد پنھنجو ٿيلهو ڏسڻ کان پوءِ قمر کي ٻڌايو ته ڪاپي منھنجي ٿيلهي مان نڪتي آهي. قمر جي پريشاني ڪجهه گهٽ ٿي وئي. هن جاويد کي چيو ته مان پنھنجي ڪاپي کڻڻ توڏي اچان پيو.

قمر جي ماءُ جيڪا هن جي فون تي ڪيل ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهي هئي تنھن گهڙيءَ ڏي نھاريو ۽ قمر کي چتايو ته سج لھڻ کان اڳ گهر موٽي اچجانءِ. قمر ڪيئي ڀيرا ماءُ جي انهيءَ عادت تي ڪاوڙجي پوندو هو. هاڻ هُو جوان جماڻ هو، پنھنجو برو ڀلو ڄاڻندو هو. ماءُ اڃا به کيس ٻار سمجهندي هئي. سج لھڻ پوءِ هن کي گهر کان ٻاهر رهڻ جي اڃا تائين اجازت نه هئي. جي سدس ڪنھن ڪلاس فيلو کي خبر پئجي وڃي ته ڪيڏو نه کلڻ هاب ٿي ويندو.

پر هن مھل بس ۾ پيھ ۾ ڦاٿل قمر کي ماءُ ۽ جاويد منجهان ڪو به چيتي نه هيو. هن جو سڄو ڌيان نيري شلوار قميص واري انهيءَ خبيث ماڻهوءُ ڏي هيو جيڪو هن لاءِ پريشانيءَ جو ڪارڻ بڻيل هيو. نرلڄي کي ڀريل بس ۾ به لحاظ نه پئي آيو. هُو لڳاتار هن سان گَسِي رهيو هو ۽ پنھنجي هٿ سان قمر جي جسي سان هَٿ کَس ڪري رهيو هو. ٿوري دير اڳ ئي قمر کي احساس ٿيو هو ته سندس بدن سان ڪا شئي لڳي رهي آهي. هن ڇرڪ ڀري هيٺ ڏٺو هو. هن سان ٻٽ بيٺل همراھ جو هٿ هن کي مسلسل لڳي رهيو هو. قمر اهو سوچي ته پيھ ۾ ائين ٿي ويندو آهي، ٿورو اڳتي سري ويو. پر ٿوري ويرم بعد هن کي اندازو ٿي ويو ته انهيءَ همراھ جو هٿ پيھ جي ڪري نه پر ڄاڻي ٻجهي لڳي رهيو اٿس. هُنَ ڪاوڙجي انهيءَ جي هٿ کي پري ڇنڊڪو ڏنو. پر هُو به ڪو وڏو ڊِٺيرو هو. ٿوري ويرم بعد وري هن جو هٿ قمر جي بدن سان گسڻ لڳو. هاڻ هن جون حرڪتون اڃا به وڌيڪ واهيات ٿي ويون هيون.

پيھ ۾ هيڏي هوڏي ٿيڻ به ڏکيو هوندو آهي، پوءِ به قمر قڳلي اسٽاپ تي جڏهن پانڌين ۾ اٿل پٿل ٿي تڏهن پنھنجي جڳھ مَٽي ورتي هئي ۽ انهيءَ همراھ کان ڪجهه پرڀرو وڃي بيٺو. پر ان مان وَريو ڪجهه ڪينَ. ٿوري مھل اندر ئي اهو نيري سلوار قميس وارو پنھنجين حرڪتن سميت قمر سان لڳو بيٺو هو. قمر کي هڪ ئي مھل ڌِڪارَ، ڊپ ۽ ڪاوڙ جو احساس ٿيو. هن هڪ ڀيرو سوچيو ته انهيءَ همراھ کي ٿڦ وهائي ڪڍي. وڌ ۾ وڌ ڇا ٿيندو؟ پر وري کيس ڊڄ لڳو. جي چاليھن سالن جي ڄمار واري انهيءَ ماڻهوءَ مٿس جوابي الزام هڻي ورتو ته ڪِني حرڪت مون پاران نه پر قمر پاران ٿي آهي ته مان ڇا ڪندم؟ ڇا خبر ته قمر ڪي ڪچي وَهِي ۽ رنگ روپ ڏسي ماڻهو سندس ڳالهه تي ئي ويساھ گهٽ ڪن ۽ پڪي عمر واري تي وڌيڪ؟ جي ائين ٿيو ته هُو پاڻ خوار ٿي پوندو.

قمر کي هڪ گهڙيءَ لاءِ پنھنجي ڀُوري رنگ ۽ شربتي اکين تي ڪاوڙ آئي. اهو وَرنُ اڳ ۾ به هڪ ڀيرو هن لاءِ مصيبت ڪو ڪارڻ بڻجي چڪو هو. هُو ستين پاس ڪري اٺين ۾ آيو هو جو کيس ماسٽر بشير جي اکين مان ڀَئُه ٿيو هو. هُو قمر کي ويجهو ۽ سامهون واريءَ بينچ تي ويھاريندو هو. بھانو اهو هوندو هو ته لائق ٻار اڳين بينچن تي ويھڻ کپن. انهيءَ مھل قمر کي پنھنجي لائقيءَ تي به ڪاوڙ ايندي هئي. نه هو لائق هجي ها ۽ نه اڳين سيٽ تي ويھڻ جي مجبوري. اڳين بينچ تي ويھڻ وارا ٽئي ڇوڪرا لائق هيا پر قمر تي استاد سڳوري جي ٻاجهه مڙئي وڌيڪ هوندي هئي. انهيءُ ڪري ڪيئي ڇوڪرا مٿس کِلون ڪندا هيا. هڪ ڏينھن نائين جماعت جي هڪ ڇوڪري جو پيءُ ڇوڪري کي وٺي سڌو هيڊماسٽر جي دفتر ۾ هليو ويو ۽ پوءِ اتان وڏا وڏا آواز ايندا رهيا. ٿوري دير کان پوءِ هيڊماسٽر ماسٽر بشير کي پاڻ وٽ سڏايو. پوءِ پٽيوالي هيڊ ماسٽر جي ڪمري جو در بند ڪري ڇڏيو ۽ اتي بيٺل ڇوڪرن کي ڀڄائي ڇڏيو. وَرندي ڏينھن ماسٽر بشير اسڪول ۾ ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ پوءِ ڪڏهن به نظر نه آيو. هڪ ڇوڪري کي ڪٿان سُڌَ پئي ۽ انهيءَ سڀني کي ٻڌايو ته ماسٽر بشير جي بدلي ڪنھن پرانھين اسڪول ۾ ڪري ڇڏي وئي آهي. قمر جي اسڪول جي حد تائين جند ڇٽي پئي. جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو کيس تنگ ڪندو هو ته انهيءَ جو حل سولو هو. ماسٽر صاحب سان شڪايت. پاسو ڏيڻ واري ڇوڪري کي گهڻو ڪري ته ماسٽر جا موچڙا لڳندا هيا.

ڪاليج اچي قمر کي آزاديءَ جو احساس ٿيو. هاڻي کيس جُوھَ وجهي ڏسڻ وارن ماڻهن جي پرواھ نه ٿيندي هئي، پر هُو اڄ ته جائي به ڏَچي ۾ اچي ويو هو. هن سان پاڻ ملائي واهيات گيري ڪرڻ وارو همراھ ڪو وڏو ڊِٺيرو هو. هُو ٻه ٽي ڀيرا جتائڻ هوندي به نه پئي مُڙيو. قمر سوچي رهيو هو ته اسٽاپ اچڻ وارو آهي، لھي ويندم ته جند ڇٽي پوندي.

اسٽاپ ۲۵ تي لھي قمر سک جو ساھ کنيو، پر سندس سمورو سک تنھن مھل ويندو رهيو جنھن مھل هُو اسٽاپ کان سو پنجاھ وکون اڳتي هلي ڪنھن بھاني سان پوئتي لَوڻو هڻي ڏٺو. اهو حرامزادو سندس پٺيان اچي رهيو هو. ڪي ويھ کن وکون پويان هوندس. ڪي سَو کن والَ اڳتي پوش علائقو هيو. ويران سڙڪن جي سنسان گهٽين منجهه جاويد جو گهر هيو. سڙڪ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو اچي وڃي رهيا هيا، پر اڳتي ته اڪوئي ويراني هجڻي هئي. قمر ٻه ڀيرا اڳ به جاويد جي گهر اچي چڪو هو. هن کي سُڌَ هئي ته سڙڪ ڇڏي جاويد واري گهٽيءَ ۽ گهر تائين ماڻهو ڇيڻو گهٽ ئي هوندو آهي. هُو ته ڦاسي ويو. هي حرامي سُڌَ ناهي ته ڪھڙي حرڪت ڪري ويھي. قمر جي پريشاني ۾ اڃا واڌ اچي وئي. هُو ڇا ڪري؟

اوچتو هن جي ذهن ۾ کنوڻ جي چمڪاٽ واگون مامري جو حل اچي ويو. واٽ تي سامهون بَڙَ جو وڻ هو. هُو بَڙَ جي هيٺان بيھي رهيو، کيسي مان موبائيل ڪڍيائين ۽ پنھنجي پيءُ جو نمبر ملايائين. اهو نمبر هاڻ هن جو پنھنجو ئي هيو. معمول مطابق ريڪارڊ ٿيل آواز ٻڌائڻ لڳو؛ “توهان جو گهربل نمبر رُڌَلُ آهي. “ پر قمر وٽ ڪا واھ نه هئي، اها ڳالهه ته هن کي به معلوم هئي. آواز سندس ڪن ۾ اچي رهيو هو، ڪنھن ٻئي ان جي ڪھڙي سُڌَ.

“بابا سائين! ڪاٿي آهيو؟” هن ڪجهه وڏي واڪي چيو.

فون جي ٻئي پاسي کان ڪا ورندي نه آئي، اڃا تائين رڪارڊ ٿيل ڳالهه هلي رهي هئي.

“بابا سائين! مان پھچي ويو آهيان، بَڙَ جي هيٺان بيٺو آهيان، توهان ڪيڏي مھل ايندئو؟” قمر پڇي.

“ٺيڪ آهي، مان اوسيئڙو ڪري رهيو آهيان. “ هن ڪجهه دير بعد چيو.

فون ڪن سان لاتل قمر ڏٺو ته سندس پيڇو ڪرڻ وارو نيري شلوار قميس وارو مٿس پڇاڙڪي نھار وجهندو، سندس پاسي مان لنگهي اڳتي نڪري ويو ۽ ڪجهه دير ۾ ئي اڳتي نڪري ويو.

جاويد جي گهر جو وڪڙ ٽَپڻ کان اڳ ئي قمر سوچي رهيو هو ته پيئر توڻي جو مري به وڃن پوءِ به انهن جي ڇانءَ اولاد جي مٿي تي سدائين رهندي آهي.

*

(هيءَ ڪھاڻي پنجابي رسالي “سُميل” مان ترجمو ڪئي وئي آهي. )

(ماهوار “امرتا” حيدرآباد ۾ جون ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment