Sunday, December 11, 2022

سماجي اٿل پٿل تي سرجيل ڪھاڻي ڪتاب؛ ماڻڪ ڪٽارو - محبوب سنڌي

سماجي اٿل پٿل تي سرجيل ڪھاڻي ڪتاب؛ ماڻڪ ڪٽارو!

محبوب سنڌي



تخليق به ڪنهن سنگتراش جي ٺهيل مجسمي جيان دلڪش ٿيندي آهي يا ڪنهن مصور جي رنگن سان وجود ۾ايندڙ تصوير جيان حسين، جنهن ۾ زندگيءَ سان لاڳاپيل انيڪ رنگن جي سنگم جو ڪئنواس حسناڪيءَ سان سينگاريل لڳندو آهي، پوءِ اسان تي اهو ڇڏيل آهي ته تخليق کي ليکڪ طرفان سنگتراشيءَ جي ڪرت سمجهون يا مصوريءَ جي فن سان سماجي ۽ سياسي اٿل پٿل جي تصوير چئون، بهرحال شاعري هجي يا ڪهاڻي يا ڪو مضمون هاڻوڪو ليکاري ان ۾ زندگيءَ سان سلهاڙيل موضوع، ڪردار چونڊي ٿو، جنهن ۾ ڪا نه ڪا اهڙي تصوير جڙي سامهون اچي ٿي جنهن جو تعلق سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح سماج سان ئي جڙيل رهي ٿو. سو مون هن دور جي برجستي ڪهاڻيڪار سليم مغل جي ڪهاڻين جو ڪتاب ماڻڪ ڪٽارو پڙهي پورو ڪيو آهي، جنهن جي هر ڪهاڻي موجوده دؤر جي حالتن جو هڪ عڪس آهي، جنهن مان هزارين اهڙيون تصويرون ظاهر ٿين ٿيون، جنهن کي ڏسندي ڌرتيءَ، ڌرتيءَ سان گڏ ڌرتي ڌڻين جو درد به سندس فني آرٽ جي ڇانوَ ۾ نمايان نظر اچي ٿو.


ارڙهين صدي کان پوءِ ڪهاڻيءَ جو تعلق زندگيءَ سان جڙيو ۽ عالمي شهرت رکندڙ ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين جا موضوع هي ڳولهي لڌا جنهن ۾ انساني زندگي جا جوهر سمايل ها، پر ڪجھ اهڙا به ليکڪ سامهون اچن ٿا جيڪي نون ادبي لاڙن ۽ تحريڪن تي لکندا رهيا آهن، اسان وٽ ائين ٿيو آهي، ڪهاڻيڪارن مختلف لاڙن تي ڪهاڻيون لکيو، پر يا ته اهڙن لاڙن ۾ مايوسي، خاموشي ۽ اڪيلائپ جي گھرائپ ملي ٿي يا حقيقتن کان ڏور هٿرادو پيدا ڪيل سچ، جيڪو ڪوڙ کان سواءِ ڪجھ به ناهي، اهڙي ادب جي سرجڻ جي ڪري انهن ڪهاڻيڪارن کي پڙهندڙن پاران ڪا خاص موٽ نه ملي سگهي، پر جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ سان لاڳو ٿيندڙ حقيقتن جو جائزو وٺي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي سماجي مسئلن تي لکندا رهيا، اهي جهڙوڪر پڙهندڙن جي دلين ۾ ڌڙڪن پيا، سو سليم مغل جي ڪهاڻين ۾ به اسان کي موضوع، ڪردار ۽ منظر اهي ملندا، جنهن ۾ اسان جي سماج جا ئي عڪس ۽ اولڙاآهن. جيئن هن ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي انعام جي پڄاڻي پڙهندڙ کي ڇرڪائي ڇڏي ٿي، اهڙا کوڙ لياقت اسان جي سماج ۾ بنا ڪنهن ڏوھ جي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي، ليکڪ ڪهاڻي ۾ فني قدرن سان نڀائڻ جي به ڀرپور ڪوشش آهي.

خودڪشي، هيءَ سليم مغل جي شاندار ڪهاڻي آهي، جنهن جي اُڻت ۾ به نيارپ جو سحر ملي ٿو، هڪ ليکڪ جهڙي انداز ۾ هڪ ليکاري کي جنم ڏئي سماج تي ڳالهايو آهي، اها سوچن جي ڇڪتاڻ، اها ڪيفيت، اها ادائگي، ڪهاڻيءَ کي اينٽي ڪلائمڪس ڏانهن کڻي اچڻ وارو ڏانءُ سليم مغل کي هن موجوده دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ اڳيان کڻي اچي بيهاري ٿو، جنهن ۾ خبر پوي ٿي ته هيءَ پڪو، پختو ۽ ڄاڻو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو فني ۽ فڪري لحاظ کان به مظبوط بيٺل ملي ٿو، هن ڪهاڻيءَ ۾ سليم مغل هڪ ليکاري کان سماج بابت سوچرائي ڪهاڻي کي پڄاڻي تي هن ريت پهچايو آهي. ”ڪهاڻي وارا پنا هوا جي زور تي وکري دريءَ مان اڏامي ٻاهر وڃڻ لڳا، مان جھٽ هڻي پنهنجي ڪهاڻيءَ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر منهنجي ڪهاڻي مون کان رسي دريءَ مان ٽپو ڏئي، هيٺ گاڏين جي ٽائرن ۾، روڊ تي اٿليل گٽرن واري پاڻي ۾ لتاڙجي پنهنجو انت آڻي خودڪشي ڪري ڇڏي.“

ڪامريڊ مٽڪو خان: هيءَ ڪهاڻي هڪ اصل ڪردار کي کڻي ان تي ڪهاڻي سرجي وئي آهي ۽ اهڙا ڪردار اسان کي سڄي سنڌ اندر ملندا جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سياسي ماڻهو، ڀوتار جي ويجهو هئڻ ڪري ڪنهن محمڪي ۾ ننڍڙي ملازم مثال طور پٽيوالو، مالهي، چوڪيدار وغيره هوندو آهي پر پنهنجي ڊيوٽي ڪرڻ بدران ٻين ڌنڌن ۾ لڳو پيو هوندو آهي، ڪامريڊ مٽڪي خان جي به اهڙي وارتا آهي، ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي پڙهندڙ تي پنھنجو ڀرپور اثر ڇڏي ٿي، ”جج صاحب انتهائي سخت لهجي ۾ ڪامريڊ مٽڪو خان تي ڪاوڙ ڪندي حڪم ڏنو، توهان ميونسپل ڪاميٽي ۾ ٻالي جي سيٽ تي ڀرتي ٿيل آهيو ۽ وتو ٿا پنهنجي معتبري ڏيکاريندا، جلدي کرپو کڻ ۽ گٽر صاف ڪر نه ته موڪليندو ساءَ جيل“(ص:32) جنهن طرح سان سليم مغل جي ڪهاڻيءَ جون آخري سٽون ڇرڪائي ڇڏن ٿيو، اهڙي خوبي ڪنهن ڪنهن ليکاري ۾ هوندي آهي، هونئن به سليم مغل جي هر ڪهاڻي پنهنجي سهڻي اسلوب، ٻوليءَ جي مهارت جي ڪري يا سٺين تشبيهن، چوڻين ۽ محاورن جي استعمال جي ڪري پنهنجي الڳ انفراديت سان ڪتاب جي سونهن لڳي بيٺي آهي، جيئن پاڻ هن ڪهاڻي ”سچ ڳالهائڻ جو عالمي ڏينهن“ تي هڪ نظر وجهون، جنهن طرح سان سليم مغل ڪردار کان سچ ڳالهرائڻ جي مهارت استعمال ڪري ٿو ان سان تخليق ۾ ڄڻ ته هڪ نئون ساھ وجهي جياري ڇڏي ٿو، اسان وٽ تخليقن کي جيارڻ وارا تخليقڪار گهٽ رهيا آهن، انهيءَ کي ڏسندي سليم مغل بابت اهو چئي سگهجي ٿو ته وقت وري سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ سگهارو ڪهاڻيڪار ڏنو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ڇا سليم مغل ”ماڻڪ ڪٽارو“ کان پوءِ به پنھنجي سٺين ڪهاڻين جو ڪتاب يا ناول ڏئي سگهي ٿو، پر مان سمجهان ٿو ته سليم مغل جنهن انداز سان مسلسل لکندو رهي ٿو ته هيءَ اڃان اڳتي هلي پنهنجي هڪ الڳ جاءِ والاريندو جنهن تي هر پڙهندڙ فخر ڪندو. هن ڪتاب جي ڪهاڻي “وڏو استاد” اسان جي انهن استادن جي ترجماني ڪري ٿي، جن جي ڪري اڄ تائين اسان جو تعليمي معيار سڌري نه سگهيو آهي، اهي سماج جون تلخ حقيقتون آهن، جنهن جو نتيجو اسان اڄ تائين ڀوڳيون پيا ٿا. اهڙي طرح “پرچي ” ڪهاڻي به امير سنڌ جي غريب ماڻهن جي نشاندهي ڪندڙ آهي، ”حياءُ“ ڀوتارڪي نظام جي خراب رواجن تي سرجيل اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ سدائين عورتن جا حق لٽبا رهيا آهن. ”ماڻڪ ڪٽارو“ هن ڪتاب جي مک ڪهاڻي آهي، جنهن جو نالو علامتي طور ليکڪ کنيو آهي، جيڪو هڪ تاريخي ماڳ آهي، جنهن کي ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ تباھ برباد ڪيو ويو، ۽ هڪ تاريخي آثار جي روپ ۾ اسان به هن جي مالڪي ڪري هن کي بچائي نه سگهيا سين، هيءَ ماڳ ڦلجي اسٽيشن شهر جي ڀرسان آهي، ۽ سليم مغل جي ته پنهنجي شهر ۾ آهي، ان کي علامتي طور کڻي هيءَ سنڌ جي ڳالھ ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ انهن ويڪائو ڪردارن کي وائکو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي ماڻڪ جهڙي ڌرتي دوست ڪردار تي ڪئين ڪوڙا الزام لڳرائي ان جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجڻ ٿا، بهرحال سليم مغل جي هي به سٺي ڪهاڻي آهي ۽ ڀلي پڄاڻيءَ سان ڪتاب جي جان لڳي بيٺي آهي.

رومانوي قصي تي لکيل ڪهاڻي ”ٿرڊ فلور“ به محبت جي تاڃي پيٽي سان اُڻيل اهڙي  ڪهاڻي آهي، جيڪا پڻ دل جي جذبات سان کيڏندي نيٺ سعيد ۽ صائمه کي پاڻ ۾ ملائي ٿي، جهڙي انداز ۾ سليم مغل هن ڪهاڻيءَ ۾ پيار جا رنگ ڀريا آهن سي به ڏسڻ وٽان آهن. هن ڪتاب جي هيءَ ڊگهي ڪهاڻي آهي، پر جي چاهجي ها ته ڪهاڻي کي مختصر پکيڙ ۾ پورو ڪري سگهجي پيو، پر الائي ڇو سليم مغل ڪهاڻيءَ کي وڌائي لکيو آهي. مزاحيه ادب جي اسان وٽ کوٽ هاڻ وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي، ان مرحلي ۾ هن ڪتاب ۾ مزاحيه ڪهاڻي “هوش ڪر مِٺا” اهو اتساھ ڏئي ٿي ته سليم مغل مزاح نگاريءَ کي جيارڻ لاءِ به ڪوششون وٺندڙ آهي، ۽ پڪ ٿئي ٿي ته هڪ ڏينهن ڀرپور انداز ۾ مزاح لکندڙ به سامهون ٿي ايندو،. اهڙي طرح، چوري، چپل، شمشان گھاٽ ۽ نيلام ڪهاڻيون به سماج جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهي، جنهن ۾ سليم مغل جو تخليقي فن ۽ فڪر مظبوط ملي ٿو ۽ دل چوي ٿي ته هر هڪ ڪهاڻيءَ کي وري وري پڙهجي، ۽ جي ڏسجي ته گهڻي وقت کان پوءِ هڪ بهترين ڪهاڻي ڪتاب ”ماڻڪ ڪٽارو“ پڙهندڙن جي هٿن تائين پهتو آهي. سو هن ڪتاب ”ماڻڪ ڪٽارو“ اچڻ سان هڪڙي ڳالھ چٽي ٿي آهي ته سليم مغل جي اسلوب تي ڪنھن جي ڇاپ ناهي، نه ئي هن جي ڪهاڻين جا پلاٽ يا ڪردار اڌارا ورتل آهن، هن وٽ  لکڻ جو ڏانءُ نج پنهنجو آهي، ڪهاڻين جا پلاٽ توڙي ڪردار به پنهنجا اٿس ۽ ڪهاڻين کي رواني سان کڻي هلڻ جو فن به هيءُ ڄاڻي ٿو، انهن سڀن شين کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته وقت سليم مغل جي روپ ۾ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار ڏئي پيو، هاڻ اسان تي به فرض ٿئي ٿو ته هن جي ڀرپور آجيان ڪريون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment