Friday, December 23, 2022

ڪھاڻي ۾ دلچسپي رکندڙ پڙھن. . . مٺل جسڪاڻي

ڪھاڻي ۾ دلچسپي رکندڙ پڙھن. . .

مٺل جسڪاڻي



خليق ٻگهيو جس لھي، جنھن مختلف ڪھاڻي ڪتاب پڙھي، انھن جو تفصيلي اڀياسي جائزو نه صرف قلمبند ڪيو، پھرين مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپرائي، پڙھندڙن ۽ ڪھاڻيڪارن تائين پنھنجو موقف پھچايو، پوءِ انھن مان ڪجهه چونڊ ڪتابن جو جائزو گڏ ڪري، سھيڙي، ڪتابي صورت ڏني.


تنقيد جو اصل طريقو به اھو آھي، ته پھرين پڙھجي، پوءِ پنھنجي ذميواري سان لکجي، اشاعت ۾ آڻي، تاريخ جو باب بڻائجي، ته جيئن ان تي وڌيڪ ڪم ٿي سگهي.

جيڪي ڪتاب پڙھڻ ته پري، ڪتاب ڏسڻ کانسواءِ، ڪتابن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪن ٿا، يا مروج طريقي ۽ ذميواري سان نه لکندا آھن، انھن جي موقف کي تنقيد، جيڪڏھن ڪير چوي، سمجهي، مڃي ٿو، ته ڀلي. . .

آئون ھڪ دفعو وري به خليق ٻگهيو کي اڪيڊمڪ انداز ۾ سندس ويچار ونڊ وسيلي سکيا جھڙو عملي ڪم ڪرڻ تي شاباسون ڏيان ٿو.

ليکڪ ۽ اشاعتڪار کي اھڙو شاندار ڪتاب ڇپجڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو.

مبارڪون ته انھن ڪھاڻيڪارن کي به، جن جا ڪتاب تفصيلي بحث ۾ آيا آھن، سيکڙاٽن لاءِ سکڻ جو ذريعو بڻيا آھن.

مان خليق ٻگهيو جو دل سان ٿورائتو آھيان، جنھن مون کي ۽ منھنجي ڪتاب کي سنجيده بحث لائق سمجهڻ جو قرب ڪيو. ھن منھنجو ڪتاب “برسات ۽ ٻوڏ” پڙھيو، ان تي تفصيل سان لکيو، اھو پھرين اشاعتي سلسلن ۾ ڇپيو ۽ ھاڻ ھن ڪتاب جو حصو بڻيو.

مون کي قوي اميد آھي، ته ڪھاڻي ۾ دلچسپي رکندڙ ھي ڪتاب پڙھندا. ھن ڪتاب تي ٽيڪا ٽپڻي کان اڳ، جن ڪتابن تي لکيو ويو آھي، اھي ڪتاب به پڙھندا، ان کان پوءِ سندن موقف لکي، ٻين کي سمجهڻ ۾ سولائي جو ذريعو بڻبا.

ياد رھي، ڪتاب آھي “جديد سنڌي ڪھاڻي” (تجزياتي تنقيدي جائزو)، لکيو آھي “خليق ٻگهيو، ڇپرايو آھي “مرڪ پبليڪيشن ڪراچي”، ڊيمي سائيز جي ھن ڪتاب جي قيمت آھي ۶۰۰ روپيا.

 

(ڏھاڙي “آجيان” شڪارپور، اڱارو ۲۱ جون ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment