Monday, December 26, 2022

ناول “غدري گلاب ڪور” جو اڀياس - ننگر چنا

ناول “غدري گلاب ڪور” جو اڀياس

ننگر چنا



نوٽ: پنجاب مان آيل هڪ ناول ڪجهه ڏينھن ٿيندا ته مليو اٿم. هي ناول مون ڏانھن مقصود ثاقب موڪليو. مقصود ثاقب پاڻ پنجابيءَ جو ڀلوڙ ڪھاڻيڪار آهي، “پنچم” رسالي جو ايڊيٽر آهي، پبلشر آهي. ترقي پسند ساٿ سان سلهاڙيل آهي. هن مون ڏانھن اهو ناول جيڪو هندستاني پنجاب جي ليکڪ هري سنگهه ڍُڍِيڪَي جو لکيل آهي. هي ناول هندوستان کان ٻاهر ٺھيل هندوستان جي آزاديءَ لاءِ جُھُدُ ڪندڙ پھرين تنظيم “غدر پارٽي” ۾ ڀاڱي ڀاڱيوار ٿيندڙ هڪ عورت “گلاب ڪور” جي جيون تي آڌاريل آهي. غدر پارٽيءَ تي سنڌيءَ ۾ هڪ ڪتاب امان الله شيخ ترجمو ڪيو هو جيڪو رنڌير سنگهه جو لکيل آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪاتب مون کي نه ٿو سُجهي.


هيٺين لکت مان ڊاڪٽر رگهبير ڪور جي رڳو ان ڪري ترجمو ڪري ڏني اٿم ته اسان جي اديبن ۽ پڙهندڙن کي سُڌَ پوي ته غدر پارٽي جي هلچل تي ڪيترو نه ساهت لکيو ويو آهي ۽ هتي اسان وٽ هيڏي وڏي شاندار “حر تحريڪ” هلي، انهيءَ تي ٻه ناول لکيا ويا. هڪ “سانگهڙ” جيڪو محمد عثمان ڏيپلائي حرن جي “وطن يا ڪفن “واري نعري هيٺ ڏنل قربانين تي لکيو ۽ ٻيو “بختاور مَکيءَ جي” جنھن ۾ حر تحريڪ کي ناڪاري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. گهرج آهي ته اسان اديب اسان جي اتھاس کي ناول جو ڀاڱو بڻائين ۽ وطن جي سرفروشن تي اڳي کان اڳرا ٿي ساهت آڻين. (ننگر چنا)

“عورت ذات جو مانُ ۽ غدر هلچل جي سُڳنڌَ؛ بي بي گلاب ڪور” ليکڪا؛ ڊاڪٽر رگهبير ڪور، جنرل سيڪريٽري، ديش ڀڳت يادگار ڪاميٽي، جالنڌر. هري سنگهه ڍُڍِيڪَي پاران لکيل ناول “غدري گلاب ڪور” جيڪو اڄوڪي هندستان جي آزادي واري جنگ جو مُنڍُ ٻَڌڻَ وارن غدري اڳواڻن جي هلايل غدر واري ھلچل سان جُڙيل آهي. غدر هلچل جي تاريخ ۾ ظاهري طور تي عورتن جي قربانيءَ جو ڪو گهڻو ذڪر نظر نه ٿو اچي پر آزاديءَ جي انهيءَ هلچل ۾ پردي پٺيان عورتن جو تمام وڏو يوگدان رهيو آهي. غدر هلچل جي اتھاس ۾ هڪ ئي عورت بي بي گلاب ڪور جو ذڪر اچي ٿو جيڪا غدر پارٽيءَ پاران آزاديءَ جي وڏي لڙائيءَ ۾ پوري جيءَ، جُسي ۽ جان سان، وڏي جوش ۽ اتساھ سان پنھنجن غدري ڀائرن جي ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بي ڌَڙڪ لھي پئي هئي.

هِنَ ناول جي هيروئن بي بي گلاب ڪور آهي جيڪا پنھنجي پَتيءَ سان گڏجي پورهيو ڪري پنھنجي ساهراڻي گهر جي غريبي مِٽائڻ جو سپنو کڻي منيلا هلي وڃي ٿي. هُوءَ پرڏيھ ۾ هَليلَ غدر واري هلچل جي آدرشن کان اُتساھجي غدر پارٽيءَ ۾شامل ٿي وڃي ٿي. غدر پارٽيءَ جي فيصلي مطابق آمريڪا ۽ ڪينيڊا مان غدر ۾ شامل ٿيڻ لاءِ غدري سورما جھاز وسيلي هندوستان موٽي رهيا هيا. دڳ ۾ هُو جتي به رڪجندا هيا اُتي اهي غدري پوري سچائيءَ سان ديس مان انگريزن کي ڪڍڻ لاءِ انڊيا اچڻ جي اپيل ڪندا هيا. منيلا ۾ مولوي حافظ عبدالله جي اڳواڻيءَ ۾ غدرين جي ڀليڪار لاءِ جلسا ڪيا ويا. انهن ۾ وڏيون جوشيليون تقريرون ٿيون، جن کان متاثر ٿي بي بي گلاب ڪور ۽ سندس پَتي مان سنگهه سميت ڪيئي ٻين ماڻهن ديس موٽڻ وارن انقلابين جِي پالَ ۾ پنھنجا نالا لکرايا. رٿيلَ ٽاڻي تي مان سنگهه جي دل لُڏي وئي. بي بي گلاب ڪور پَتيءَ کي طعنا مھڻا ڏنا، لڄايائينسِ به پر هُو ذرو به چُريو. نيٺ بي بيءَ مڙس کي ڇڏي ٻين ساٿين سان گڏجي ديس موٽي آزاديءَ جي هلچل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڻ کي پڪو ڪري ورتو. هاڻ هُنَ پنھنجي سپني کي ساهراڻي گهر جي غريبي مِٽائڻ جي جڳهه تي ديس جي غلامي مِٽائڻ سان واڳي ڇڏيو. هڪ پاسي سامونڊي ويرون هيون ته ٻئي پاسي سندس مَنَ جون تانگهون هيون ته هاڻي ڪاڏي وڃان؟ پيڪي يا ساهرين؟ پر شينھِڻ اها ٻڏَتَر ظاهر ٿيڻ نه ڏني ۽ جهٽ پٽ ڀائي جيون سنگهه دولَي کي پنھنجو ڪُوڙَ بَدوڙَ جو مڙسُ لکائي ڪاغذي ڪارروائي پوري ڪرائي ڇڏي ۽ سِڌي جيون سنگهه دولَي ۽ سندس ساٿين سميت ڪوٽِلا نوڌ سنگهه پھچي وئي. پنجاب اچي هُوءَ هڪ هنڌ ويھي نه سگهي، ڇو ته غدرين جي ڪَرمَ ڀُومي (عمل جو ميدان) پورو پنجاب هيو. بي بي گلاب وقت ۽ حالتن مطابق پنھنجن غدري ساٿين جي ڀيڻ، پتني ۽ ماءُ جي روپَ ۾ پوليس جي گرفتاريءَ کان بچائڻ جي لاءِ، انهن جي ٺڪاڻن کي ڳجهو رکڻ جي لاءِ، پارٽي لٽريچر، نياپا ۽ هٿيار هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڳجهي نموني تائين پھچائڻ جي لاءِ وڏي دليري سان ڪردار ادا ڪندي رهي. پنجاب جي ڌيءَ غدرين جي سورمي ڀيڻ جيلن ۾ پوليس جو تشدد ۽ اُڃون بُکون ته کِلندي سَٺيون پر غدرين جي پروگرامن جي پوليس کي کُڙڪ پوڻ به نه ڏني. هُنَ پنھنجي جيون جي پڇاڙڪن ساهن تائين ديس جي آزادي ۽ برابري جي جُھَدَ ۾ پنھنجو يوگدان وجهي سڄي عورت ذات جو مانُ وڌايو آهي.

بي بي گلاب ڪور غدر هلچل جي هڪ تاريخ آهي. توڻي جو پنجابي ناول جو منڍ ئي سِکَ ڌرم سان جُڙيلَ تاريخي ناول واري تحريڪ سان ٻڌل هو، پر ٽاڻي انوسارِ بدلجندڙ واتاوَرڻَ سندس شڪل مَٽائي ڇڏي. انهيءَ مَٽجندڙَ حالت ۾ نانڪ سنگهه “هڪ مياڻِ، ٻه تلوارون” ناول ۾ غدر پارٽيءَ کي پنھنجي ناول جو مرڪزي خيال بڻايو. سوهن سنگهه سيتل جي ناول “توتن وارو کوھُ” جي منڍَ ۾ ئي غدر پارٽيءَ جو ذڪر اچي ٿو. سنت سنگهه سيکونءَ “بابا عثمان” نالي ناول غدري سورمي هري سنگهه عثمان جي باري ۾ لکيو. گياني ترلوڪ سنگهه “ڪالا پاني” ناول وسيلي انڊمان جي جيلن ۾ سزائن جو جھنم ڀوڳيندڙ غدرين جي ڪٺنائن جو بيان ڪيو آهي. گياني ڪيسر سنگهه غدر هلچل سان لاڳاپيل ۱۵ کان وڌيڪ ناول لکيا آهن، جن ۾ “امر شھيد ميوو سنگهه لوپوڪَي”، “جنگي قيدي”، “امر شھيد مدن لال ڍينگرا”، “امر شھيد اُڌم سنگهه”، “لھر وڌدي گئي” (شھيد مھندر سنگهه، جنھن جو لاش لال قلعي ۾ پوريل آهي تي)، “غدري تي ڪاما” “سنگهه صاحب دي شھادت” (شھيد بلونت سنگهه خوردپور تي)، “جنج لاڙيان دي” (شھيد سوهن لال پاٺڪ تي)، “بابا هري سنگهه عثمان”، “وارَي شاھ دي موت”، “غدري گلاب”، “هٿياربند انقلاب” “اڪ مانگ سنڌوري”، “ڪاما گاٽا مارو” (آزاد هند فوج جو برطانوي فوج سان جهيڙو) ۽ “غدار” (بيلا سنگهه تي) هڪ هڪ غدريءَ جي جيون سنگهرش تي ناول لکي غدر هلچل جي انقلابي ورثي کي پاٺڪن تائين پھچايو آهي.

هري سنگهه ڍُڍِيڪَي پنھنجي پھرئين سماجڪ ناول “ڪنڊيدار جهاڙيان” سان پنجابي ساهت ۾ پيرُ پاتو. هِنَ مھل تائين “شُوڪدا دريا”، “زندگي جيونا لوڙدي هَي”، “همتي بَچي”، “غدري سُوربِير” (غدري ڀاءُ ايشر سنگهه ڍُڍِيڪَي تي لکيل)۽ “مھنگي مُل دا موتي ڀائي دت سنگهه” پنجابي ادب جي جهوليءَ ۾ وجهي چڪو آهي. هن ناول ۾ ليکڪ جي وڏائي هن ڳالهه ۾ آهي ته هُنَ پنھنجي ذات کي ڪٿي به حاوي ٿيڻ ناهي ڏنو ۽ نه ئي ڪٿي رومانس جي ٽيڪ ورتي اٿئين پر اتھاسڪ ارٿ کي ويجهو رکيو اٿائين. غدر جي هلچل جي ويرگاٿا تي آڌاريل هِنَ ناول جي ٻولي سُشيل ۽ ٻلوان آهي. ڪردارن جي پاڻ ۾ ڪيلَ ڳالهه ٻولهه غدري هلچل جي اڻ چِٽَن واقعن جي مورت کي پڙهندڙن جي اکين آڏو مڪمل ڪري ڇڏي ٿي. هي ناول فرقن ۽ ڌرمن کان مٿانھون ٿي غدر پارٽيءَ پاران ديس جي آزاديءَ لاءِ ڪيل جُھَدَ کي چِٽي اڳيان آڻي ٿو.

پنجابي ادب جي ابتدائي دور ۾ جتي ناول جي آمد پنجابي پڙهندڙن ۾ واڌارو ڪيو، اُتي هاڻي آس اها آهي ته “غدري گلاب ڪور” جھڙا ناول وڌ کان وڌ پڙهندڙن ۾ غدري هلچل جو اتھاس پڙهڻ جو چاھ پيدا ڪري پنھنجي فخر جوڳي تاريخي انقلابي ورثي سان جُڙَڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment