Saturday, December 24, 2022

ليزا - ابراھيم کرل

ليزا

مختصر ڪھاڻي

ابراھيم کرل



ھوءَ پيدا ته الائي ڪٿي ٿي ھئي، ڪھڙو سندس گھر ھو ۽ پيءُ ماءُ الائي ڪٿي ھو، ھن ماءُ پيءُ سان الائي ڪيترا پل گذاريا ھئا، ھوءَ ماءَ جو کير به پي سگھي ھئي الائي نه. سندس ڪا ڀِيڻ به ھئي يا ڪو ڀاءُ، ڪا خبر ڪونھي. پر ھوءَ جڏھن اسان وٽ آئي ھئي ته ڏاڍي ملول ھئي. سندس اکين جي پڇڙن ۾ ڳوڙھا اٽڪيل ھئا، کيس پوريءَ طرح گھمڻ به نه پي آيو، سدائين ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺي رھندي ھئي ۽ اتي ئي سمھي پوندي ھئي، شروعاتي ڏينھن ۾ ته ھن کير به نه پي پيتو، الڪي اچي ورايو ته ائين مري نه وڃي، منھنجي ننڍي ڪاڪي ساڻس ھري مري وئي ھئي، جيڪا پڻ حساس طبيعت جي آھي، ھوءَ گھر ۾ ڪم ڪندڙ ماسين لاءِ به لڪائي پئسا گڏ ڪري وٺندي آھي، ماني پاسيري ڪري رکندي، ڪپڙا ڪڍي ڌار ڪري رکندي ۽ وقت سر کين لڪائي پئي ڏيندي آھي، ھڪ دفعي سکر پي وياسين ته روڊ تي ھڪ گلر جي ڄنگھن مٿان ڪو ڪار وارو ڪار چاڙھي ويو ھو ته ھن گاڏي روڪرائي پنھنجي بوتل مان گلر کي پاڻي پياريو ھو ۽ ضد ڪري بيھي رھي ھئي ته ھن کي اسان گھر کڻي ٿا ھلون، ڀينرن سمجھائيس، ڀاءُ منع پيو ڪريس ته ھن کي ڪٿي رکنداسين، ڪير سندس سار لھندو، “مان لھندس سار ھن جي، ھي ويچارو ته ھلي به نٿو سگھي.“


ھڪ فقير اسان جون ڳالھيون پي ٻڌيون جيڪو ڀرسان وڻ جي ڇانو ۾ ويٺو ھو، اسان جو بحث جڏھن بخيلائپ ۾ مٽجي ويو ته ھو اٿي اسان وٽ آيو ۽ ڌيءَ جي مٿي تي ھٿ رکي کيس چيائين “ڌيءَ ھي صحيح ٿا چون، تون فڪر نه ڪر مان ھن جي سنڀال رکندس ۽ ڪوشش ڪندس ته ھن جون ڄنگھون صحيح ٿي وڃن “

تڏھن وڃي سندس ضد گھٽ ٿيو ھو، پوءِ به ھن فقير کي ڪجھ پئسا ڏئي اھو چيو ھو ته توھان ھن جو خيال رکجو کيس وقت تي کير وٺي پيارجو.

گھر ۾ نئين آيل جيوَ سان به ھن جي ئي رغبت رھي، سندس خيال رکڻ اوڙي پاڙي مان سندس خوراڪ بابت پڇڻ، گرمي سرديءَ جو خيال رکڻ، اکيون صاف ڪرڻ، مٿس نالو ليزا رکڻ، آھستي آھستي ھن کير پيئڻ شروع ڪيو ھو ته ھوءَ ڏاڍو خوش ٿي ھئي. کيس گرمين ۾ وھنجارڻ شيمپوءَ سان سندس وارڌوئڻ، سردين کان بچائڻ لاءِ سوئيٽر اوڍائڻ، ھيٽر جي ڀر ۾ ويھارڻ.

ھاڻي ھن جي جسم ۾ ساھ پئجي ويو ھو ھن ٺينگ ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا ھئا، سڄي گھر ۾ گھمڻ ڦرڻ ھن سکي ورتو ھو. گھر ڀاتين کي سڃاڻڻ لڳي ھئي. ۽ مخصوص انداز سان ڪنڌ ھيٺ ڪري ڄڻ سلام ڪرڻ لڳي ھئي، کيس اھا خبر پئجي وئي ھئي ته ڪير سندس لاءِ کاڌو آڻي ٿو، ڪير پيار ڪري ٿو ۽ ڪير غصي ۾ آھي، غصي واري ڀاتيءَ کي ڏسي ھوءَ ڪنڊ وٺي ويھي رھندي ھئي ۽ اکيون جھانوريون ڪري تيستائين پئي نھاريندي ھئي جيستائين ھو کيس سڏ نه ڪري، سڏ ڪرڻ تي ھوءَ پيرن ۾ ليٽي پوندي ھئي.

ھڪ ڏينھن باٿ روم جو در بند ھئڻ سبب ھن حاجت جي وقت ٻاھر حاجت ڪري وڌي ته گھر جو ڦرڪو ڦري ويو، ھن جو ھن مھل کيس گھر کان ٻاھر ڪڍو. ليزا خاموش سڀني جي منھن تي ڪاوڙ جا آثار ڏسندي رھي ۽ پوءِ سيڪنڊ فلور تي اسٽور روم وڃي لڪي ويھي رھي.

سڄو ڏينھن کيس گھر جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڳولھيو ويو، ڪيمرا چيڪ ڪئي وئي پر سندس پتو ڪو نه پي پيو، ننڍي ڪاڪي اچي گھر مٿي تي کنيو ته ليزا ڪاڏي وئي. ھن آواز ڏيڻ شروع ڪيا ليزا. . . . . . ليزا پر ليزا. . . . . .

سردين جا ڏھاڙا ھئا، مٿان اچي سومھياڻي ٿي پر ليزا جو کر نه پير ڏسڻ ۾ آيو. ھوءَ جڏھن سمھندي ھئي ته وات مان کونگھري جو آواز ڪڍندي ھئي، جڏھن شھر جو شور گھٽ ٿيو ته ماٺ ۾ سندس آواز اچڻ لڳو. آواز تي ليزا لڀي پئي ھئي، روئي روئي سندس اکين جا پڇڙآلا ٿي ويا ھئا. ڪڇ ۾ ھن ڪجھ نه پي ڪڇيو سڏ ڪرڻ تي ھن اکيون ٻوٽي پي ڇڏيو، ھن کير به ڪو نه پي پيتو.

اسان سڀني کي ڏک ٿيو کيس پيار ڪيو سين ميار مان ڳالھايو سين ته ھن به اکيون کوليون.

زندگيءَ جا پورا ڇھ سال ھوءَ اسان جي وچ۾ رھي، ھاڻي جڏھن ھوءَ پوڙھي ٿي آھي ته منھنجي ٻيو نمبر ڪاڪيءَ پنھنجي ڀيڻ کي سمجھائيندي چيو ته جيڪر ليزا کي گھر مان رخصت ڪيو وڃي،

ننڍي ڪاڪي انھيءَ ضد تي ھئي ته ليزا ڪاڏي ويندي، ڪير سندس خيال رکندو، اسان سان ھري مري وئي آھي، ڪيئن رھي سگھندي.

وڏي ڪاڪي سمجھائيندي چيس ته رزق الله جي وس آھي، جتي به ھوندي رزق ملندس تون فڪر نه ڪر.

ليزا ڪنڊ ۾ سانت ڪيون ويٺي رھي، سندس اکين مان نير جاري ھئا، مون کيس سڏ ڪيو. ليزا. . . . . . . ليزا. . . . .

ھوءَ اٿي نه پي سگھي. . . . پير کڻي وري سمھي پي پئي. . . . .

مون وڌي کيس ھٿن سان کنيو ته ھن منھنجي اکين ۾ نھاريو، ھن پنھنجا ٻئي پير منھنجي تريءَ تي رکيا ۽ ٻانھن تي سمھي پئي.

مون نياڻين کي چيو جيئن توھان منھنجون نياڻيون آھيو تيئن ليزا به منھنجي نياڻي آھي، جيترو وقت رھندي گڏ رھندي ھن کي ڪير به گھر مان نه ڪڍندو.

ھوءَ ھاڻي منھنجي رائيٽنگ ٽيبل جي ھيٺيان اچي ويھندي آھي ۽ لائيٽ آف ٿيڻ کانپوءِ ڪمري مان نڪري در جي ٻاھران سمھي رھندي آھي. آسٽريلن نسل جي ٻلي اسان جي گھر جي سونھن آھي.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ فيبروري ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment