Friday, December 23, 2022

تاڙ ۾ - دريا خان شنباڻي

تاڙ ۾

برساتي ڪهاڻي ۲۶

دريا خان شنباڻي



امداد جو زمانو آھي. . . . . . جتان ڪٿان رڙ پئي پوي ته، امداد ڙي امداد. . . . . برساتون ڇا پيون امداد لاء ماڻھو رستا واجهائي رهيا آھن. همراھ سُوٽ ڀُوٽ پائي گهران امداد جي تلاش ۾ نڪرن ٿا. صبح ساڻ اڃان بستري تي ماڻھو پيو آھي جو گهرواري چانھ پيالو منهن ۾ هڻندي چئي ٿي “اٿ مُئا. . . . . ڪر ڪا ڳڻ امداد جي. . . . . ملڪ لُٽجي ڦُرجي وڃي، مُلڪ ٽيڪجي سيٽجي وڃي پر تو کي لهر نه لوڏو.”


گهر جا ٻار چون “ابا ابا، امان چوي پئي ته پڻهين امداد آڻيندو ته ٻوڙ ماني، چانھ ڪنداسين نه ته ڌوڙ پايو پڻھين سميت” ته پوءابا! چاچا امداد کي گهر وٺي اچو نه.”

مڙس ويچارو ڪياڙي کنهي ويهي رهي ته، ان امداد مان به واھ جو ڦاٿاسين.

ڍنڍن ڍورن جو هڪ ڪنگ پکي آھي تنهن کي اوهان ڏسندو ته پاڻيء ۾ ائين بيٺو هوندو آھي ڄڻ تاڙ ۾ هجي.

ڀرسان، پاسي سان ننڍڙيون ننڍڙيون مڇيون اينديون اٿس پر انهن کي ڪجھ به ناهي چوندو پر جڏھن ڪا وڏي سُريلي مڇي ايندس ته جهپڙ ڏئي هڪ ئي پل ۾ سموري مڇي ڳهي وري شانت سان ائين ڀيٺو هوندو ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي نه يا ڪجھ کاڌائين ئي نه.

سو جهپڙ ڏئي کائڻ وارا هتي جام، سڀ ڪجھ هڙپ ڪري مُڇن کي ائين مهٽي ڇڏيندا ڄڻ ڪجھ کاڌئون ئي ڪونه!!!

سو امداد جو زمانو آھي. عجيب قصا ڪهاڻيون آھن!!!

ايڪويهن ٻاويهن همراھن جو ڪو ٽولو هڪٻئي سان ڪچهريءَ ۾ مگن هجي، پري کان هڪ ٻئي همراھ رڙ ڪئي؛ “او امداد!!!” همراھ امداد ڇا چيو جو ايڪويھ ٻاويھ ئي همراھ “امداد” چوڻ واري همراھ کي اچي چنبڙيا ۽ اچي چيائون؛ “ڪٿي آ ڪٿي آ؟!” همراھ ويچارو پريشان سو سوال جو جواب ڏيڻ بجاء چيائين؛ “خير ته اٿئو ميان، اوهان سڀني جو نالو امداد آھي ڇا!”

همراھ ويچارا شڪي ٿيا ۽ چوڻ لڳا؛ “اسان سمجهيو امداد پيو ورهائين.”

سو خير سان اسان سڀئي بالخصوص پويان بيٺل هنن ٻنهي تاڙوئن جيان ان تاڙ ۾ آھيون ته ڪو صرف ايترو چئي “امداد” ته نه ٿا ڏسون پنهنجي لئي. . . . پنهنجي اٿڻي ويهڻي. . . نه ٿا ڏسون راڊو گهڙيون ۽ ٽچ موبائيلون. . . . . ڊوڙي ٿا پهچون امداد لاء.

بس ان تاڙ ۾ آھيون ته امداد لاء تاڙي ڪڏهن ٿي وڄي.

 

(دريا خان شنباڻيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment