Saturday, December 24, 2022

پنھنجي پڄاڻان - ابراھيم کرل

پنھنجي پڄاڻان

(مختصر ڪھاڻي)

ابراھيم کرل



زرين جڏھن پنھنجي فيس بوڪ تي ڪوھ مري واري پوسٽ رکي ھئي، جنھن ۾ ھوءَ گرم ڪيپ ۽ ڪوٽ پائي بيٺل ھئي ته مونکي اندازو ڪو نه ھو ته ھوءَ ڪا چاليھ سالن کان مٿي جي عمر جي آھي، سندس بت جي بيھڪ، ھاٺي، منھن جو اير ڀير، ڳٽن جو گلابي ھجڻ، نرڙ واري جاءِ بنا گھنجن جي ڄڻ سندس چھري کي کنيو بيٺي ھئي. وري مٿان پنڪ ڪلر جي لپ اسٽڪ چپن کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ھئا، توڙي جو ھوءَ مونسان فيس بوڪ تي ايڊ ڪو نه ھئي، پر سندس ڪجھ سھيليون، مونسان ايڊ ھيون، جنھن سبب سندس اھو فوٽو منھنجي نظر مان گذريو ھو جنھن کي مون لائيڪ ڪري ڇڏيو ھو، رات جو تقريبن يارھين وڳي، ھن جي فرينڊ رڪئيسٽ اچي ٺڪاءُ ڪيو ته مون به قبول ڪندي دير ئي ڪو نه ڪئي ته ھن وري ميسينجر ۾ ھٿ لوڏي ھاءِ جو ميسيج پڻ موڪلي ڇڏيو، مون به ھاءِ لکي مڙئي، فرض پورو ڪيو، ويرم ئي ڪو نه گذري ته ھن ٻه درزن کن پنھنجا ۽ پنھنجين سھيلين سان گڏ نڪتل فوٽوموڪلي ڏنا، منھنجي موبائيل، ميسينجر جي رنگ ھڻي ھڻي بي ساھي ٿي جڏھن ساھ پٽيو ته، مونکي به اشتياق ٿي پيو ته ھي ھن مھل ڪنھن ميسيجز جو ڌوڙيو لائي ڏنو آھي، سو اٿي جو کڻي موبائيل چيڪ ڪيان ته زرين جا رڳو فوٽو ھئا، ھاف سليز، فراق، ٽائوزرس، ٽائيٽس ۾ نڪتل مختلف پوزن جا فوٽو ھئا جيڪي گھڻو ڪجھ چئي رھيا ھئا، ھڪ ٻن فوٽن کي ڇڏي باقي فوٽو ڪنھن سٺي ڪيمرا جا نڪتل ھئا، جن مان موبائيل ڪيمرا جو گمان گھٽ ٿي ٿيو، مون رسمي طور ميسيج لکيو نائيس، تـ ميسينجر تي ميسيج ٽائيپ ٿيڻ جو نشان ظاھر ٿيو، جيڪو اچي وري گم ٿي ٿي ويو، منھنجي پريشاني وڌندي ٿي وئي، اڌ ۾ موبائيل کي ڇڏي آرامي ٿيڻ واري عادت به پاڻ نه وڻڻ واري محسوس ٿي رھي ھئي، ته ايتري ۾ لکجي آيو “بس رڳو نائيس” وڏو ڪو ڪنجوس آھين.


مونکي سمجھ ۾ نه پي آيو ته، مان جواب ۾ ڇا لکان، سو سوچ ۾ پئجي ويس، وري مٿان بي ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو ته “جواب لکڻ ۾ ايتري دير”

مون وري به لنوائڻ چاھيو ته وري ٽئين ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو “آن لائين آھيو پوءِ به جواب نٿا ڏيو.

مجبورن منھنجون آڱريون حرڪت ۾ آيون، ھي پھرين عورت ھئي جنھن کي مون آڱوٺي جي ٽپس سان جواب نه لکڻ چاھيو ھونئن اڪثر مان آڱوٺي جي ٽپس سان ڪيبورڊ جا اکر ٽائيپ ڪندو آھيان.

مون کيس لکيو ته “فوٽو ته توھان جا ڀلا آھن، پر. . . . . . .

ڪري مون جملو پورو ڪرڻ بجاءِ ميسيج سينڊ ڪري ڇڏيو.

رسيد ۾ لکيائين ته “توھان کي ته ڪنھن جي تعريف ڪرڻ به نٿي اچي”

ھاڻي ڇا ڪريان، سگريٽ دکايم، ڊگھو ڪڇ ھڻي، دونھون ٻاھر ڪڍيم ۽ پوءِ لکيو ھيو مانس ته” تڪڙ ڪرڻ نه ايندي اٿم، ان ڪري احتياط ڪيم”

ھن صرف، ھا ھا ڪري لائين آف ڪري ڇڏي، ته مان به موبائيل چارج تي رکي وڃي ھنڌ ڀيڙو ٿيو ھئس.

ائين اسين فيس بوڪ تي دوست ٿي ويا ھئاسين، ۽ ميسينجر ۾ صبح جو سلام، گل جو عڪس، ھاءِ وغيره لکي رسمي دعا سلام ڪندارھياسين.

جڏھن سچل سرمست جو ساليانو عرس ٿيو ته ان ۾ سندس اچڻ ٿيو، ڪنڌ نمائي دل تي ھٿ رکي کيس سلام ڪيم ته ھن به ساڳي طريقي سان سلام ڪيو ۽ پنھنجو رئو ٺاھيندي سيني کي تاءُ ڏنو ۽ ھلڪي مرڪ مرڪي، ڪتابن جي اسٽال تان ڪتاب خريد ڪندي ھن آڙين نظرن سان پي نھاريو، جنھن ڪتاب کي ڏسي مون رکيو پي ته زرين وري اھو ساڳيو ڪتاب کڻي پي اٿلايو پٿلايو ۽ رکي پي ڇڏيو، ھن جون نظرون ڪتاب محبت جي شاعريءَ تي اچي بيھي رھيون پر کيس ھمت ڪو نه پي ٿي ته کڻي ان کي اٿلائي پٿلائي، مون اھو ڪتاب کڻي پئسا ڏئي کيس ھٿ ۾ ڏنو ته ھوءَ ڇرڪي وئي،

“توھان ڪيئن سمجھو ته اھو ڪتاب منھنجي اک ۾ آھي.”

مون مرڪي کيس چيو “اھو توھان کي وڻي پيو نه”

ھن مرڪي چپن تي آڱر رکي ته مان به مرڪي، مڙيس؛ “لکي ته ڏيو نه”

مان کولي لکيو ھو؛ “پھريون تحفو يادگار ھوندو آھي.”

ھن پڙھي ڪتاب بند ڪري چپن کي حرڪت ۾ آندو ھو سندس گول گول چپ ڪجھ وش ڪري ويا ھئا ته مون به موٽ ۾ کيس مرڪي نھاريو ھو، ائين اسان جو دوبدو پھريون سين رڪارڊ ٿيو ھو.

صبح جي سلام کان ويندي رات جي سلام تائين لکت ۾ رابطو ٿيندو رھيو، پر رسمي رھيو، پوءِ خبر نه پئي ته اسان ھڪٻئي جي لھجن ۾ لذت ڪيئن ڀرجي وئي، جو ڳالھ ته زماني جي ڪمن ڪارين کان شروع ٿيندي ھئي پر دنگ وڃي، گرم ساھن تي ڪندي ھئي.

“خبر ٿئي مون اڄ تائين ذھن جي سوچ تي ڪنھن کي به حاوي ٿيڻ نه ڏنو آھي؟”

سوال ته اھم ھو پر مون پڪ ڪرڻ خاطر سوال مٿان سوال ڪيو” سووري ڪيئن؟”

پھريان ته ھوءَ ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي ھئي پر ڪجھ ئي دير ۾ لکيو ھيائين ته “مون پنھنجي مڙس کان علاوھ ڪنھن جو به انگ نه ڏٺو آھي ۽ مڙس به اھڙو جنھن جي آڏو مان لاش بڻجي ويندي آھيان، ڄڻ برف جو ڪين ھجان”

اولاد اٿئي؟ توڙي جو مونکي خبر ھئي ته کيس اولاد آھي.

“اٺ ٻار اٿم پر مونکي خبر ناھي ته اھي ڪھڙين حالتن ۾ پيدا ٿي ويا آھن. “

سندس جواب تي، منھنجي ذھن جون گھٽيون سوڙھيون ٿي ويون ھيون.

“گھڻا ماڻھو مونکي منھن تي به چئي ڏيندا آھن ته جي تو کي مڙس سان محبت ناھي ته ھي ھيترا ٻار ڪنھن جا آھن پر کين ڪھڙي خبر ته ڪڏھن ڪڏھن ڪلھن تي نه کڄندڙ بارُ پيٽ تي کڻڻو پوندو آھي. “

عمر ڪيتري اٿئي؟ منھنجي سوال تي ھوءَ ٽھڪَ ڏئي کلي پئي ھئي،

۴۴ سال. . . . . . .

شاديءَ ۾ راضي نه ھنئينءَ ته شادي ڇو ڪيئي؟

“بس ڏي وٺ جو مسئلو ھو”

پوءِ پڇتاءُ ايڏو دير سان ڇو؟

ڇا ڪيان ھا، ڪنھن کي دانھن ڏيان ھا، بابو پرڻائي دبئيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ ھليو ويو، ڀاءُ ننڍو ھو، امڙ پورھيت، سڳو ٽوپو ڪري گھر ھلائيندي ھئي، عشق ڪرڻ به ڪو نه آيو، نه ئي ڪنھن ھمت ڪري، شروعات ڪئي؟

سھڻي سيبتي آھين، شڪل صورت به ويل ڪو نه اٿئي، پوءِ به لفٽ ڪو نه مليئي؟

“بس ذات سبب”

مونکي به پھريان خبر ڪو نه ھئي ته سندس ذات ڇا آھي، سو سوال ڪيم ته ڪھڙي ذات اٿئي.

ذات جو ٻڌايائين ته زري گھٽ آئون به ھٿ مان فون ڇڏائي ويٺو ھئس.

سوچ جو ڳاراڻو ٻه ٽي ڏينھن ھليو، بي دليا ميسيج پي ڪيم، نيٺ ھڪ رات واٽس ايپ تي وڊيو ڪال ڪيائين، مان جيئن ئي آن لائين ٿيس ته ڪيمرا سندس ڪمري جو معائنو ڪرائي رھي ھئي، پڪو ڪمرو، درين جو نمونو پراڻو، سيمنٽ جون سلپون لڳل، اسٽيل جو جڳ گلاس، پيالا، ڪٽلي سادي، شيشي جا گلاس، ھڪ ٻن طاقن واري الماڙي، سيڪنڊ ھينڊ پلنگ، جنھن تي نيري چادر پيل ۽ پنھنجا رنگ ڇڏي ويندڙ ڪمبل نظر آيو جنھن مان سندس گلاب جھڙو، مک تي مرڪ پسائي رھيو ھو، ھن آڱريون لوڏي ھيلو ھاءِ ڪئي.

ڊسٽرب ته نه ٿيئو؟

مون به ھٿ لوڏيو ۽ مرڪي موٽ ڏني، ته ھوءَ ڪمبل کي سيري ڳچيءَکان ھيٺ ڪري ٺوٺين تي ٿورو مٿي ٿي، چوڻ لڳي

“ننڊ ڪو نه پي آئي سو. . . . . . . . “ھن چپن کي گول ڪري ڄڻ لفظن جا قالب پي ٺاھيا.

ڇا ٿا سوچيو؟

منھنجي سوال تي ھوءَ وھاڻي تي واپس ھلي وئي.

بس ڪجھ به نه؟

توھان ڪمري ۾ اڪيلا آھيو؟ ھن جو صرف آواز اچي رھيو ھو ۽ تصوير ڪمبل جي پي آئي.

ھا مان اسٽڊي روم ۾ آھيان؟

لکو ٿا ياپڙھو ٿا؟

ھا ڪھاڻيءَ کي ري رائيٽ پي ڪيم، ھينئر توھان کي پڙھي رھيو آھيان.

ڇا مطلب؟

ھن منھن ظاھر ڪندي چيو، چپ اڃا تائين گول ئي ٺاهي رکيا ھيائين.

مطلب اھو ته فلحال توھان منھنجي سامھون آھيو توھان کي پڙھي رھيو آھيان.

ھن جا چپ ڍرا ٿي پنھنجي اصلي بيھڪ ۾ ھليا ويا.

توھان چھرا به پڙھي وٺندا آھيو ڇا؟

پڙھندو ھئس پر اڄڪلھ ناول ٿو پڙھان.

منھنجي چھري ۾ توھان کي ڇا نظر آيو. ؟

تنھنجي چھري ۾ مونکي ناول نظر آيو،

تاريخي، رومانوي، جاسوسي، يا سيڪسي، اھو چوندي وري سندس چپ گول ٿي ويا.

اھي سڀئي موضوع تنھنجي ھڪڙي چھري ۾ سمايل آھن.

ھن پنھنجو چھرو ڪمبل ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ باقي ھيٺيون حصو ڪمبل مان ظاھر ڪري موبائيل جي ڪيمرا ان طرف موڙي ڇڏي.

ھاڻي ھن ناول ۾ جاگرافي به شامل ٿي وئي، منھنجي جواب تي ھن نرڙ ۾ گھنڊ وجھي چيو

معني ته جبل، لڪ، ميدان، ڍنڍون ڍورا سڀڪجھ!

وڏي استادِ آھين.

منھنجي جواب تي ھوءَ ڪمبل ٺاھي وري منھن ظاھر ڪري، اک ڀڃي پڇڻ لڳي، ڪٿي پھتا آھيو.

مان اڃا ڇھرو پڙھن واري پيج تي بيٺو آھيان.

ورن وڪڙن جو پنڌ نه ڪيو ٿي شايد؟

ماڻھو مونکي سڌي رستي تي ھلندي ئي ٿڪائي وجھندا آھن، منھنجي جواب تي ھن وري پنھنجو منھن لڪائي ڇڏيو. موبائيل ڪيمرا وري ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳي، ڀرسان واري جڳھ خالي ھئي، اڌوراڻا صوفا خالي ھئا، دروازو کليل ھو.

مون صحيح چيو ھو نه ته ماڻھو مونکي سڌي رستي تي ھلندي به ٿڪائي وجھندا آھن. . . . . . .

منھنجي جملي جو ھن تي ڪوبه اثر نه ٿيو، مون وڊيو ڪال ڪٽي ڇڏي.

مون ڪھاڻيءَ جون آخري سٽون درست پي ڪيون ته وري وائيس ڪال آئي.

مون رڳو موبائيل اوڪي ڪري ڪن تي رکي،

مان تنھنجو ڪمرو ڏسڻ نٿي چاھيان، مونکي بس تنھنجو آواز ٻڌڻو آھي، مونوٽ ڪوبه ڪونھي، مونکي ننڊ الائي ڇو ڪو نه ٿي اچي، منھن تي ڪمبل ٿي وجھان ته ساھ ٿو ٻوساٽجي، پير گرم ٿي ٿا وڃن، سينو سوڙھو سوڙھو ٿو ٿئي، ساھ کڻي کڻي، . . . . . . . سڀڪجھ ٽائيٽ ٿيندي محسوس ٿو ٿئي، اڌ ماڻھوءَ کي ڳوٺ جي وڏيري پاڻ وٽ گھرائي ورتو آھي، گھر ۾ ھوندو آھي ته گھٽ ۾ گھٽ سڪون جي ننڊ ته ڪندي آھيان، اھا ٻي ڳالھ آھي ته مھيني ۾ ڪا ھڪ اڌ رات منھن تي ڪمبل وجھڻو پوندو آھي ۽ منھنجي جاگرافي جسم کان لا تعلق ٿي ويندي آھي. جڏھن ڍورا ڀرجي ويندا آھن ته اکين جا لڙڪ به سڪي ويندا آھن، ۽ ساڻي ٿي پوندي آھيان ته سڪون جي ننڊ وٺي ويندي آھي پر اڄ. . . . . . . . . . . .

ھن جا لفظ کٽي پيا، منھنجي ڪھاڻي ڪلائيميڪس کان ھٽي اينٽي ڪلائيمڪس ڏانھن وڌڻ لڳي، ڪنن جون پاپڙيون ڪوسيون ٿي ويون، گول گول چپ منھنجي چپن تي حملي آوارھ ٿي پيا، منھنجي جسم جي جاگرافي تبديل ٿي وئي. جبل جو پنڌ مون پھريون دفعو ڪيو. مون لڪن ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪئي، چشما وھي ويا، مان چھرو پڙھي نه سگھيس، ناول پڙھڻ وسري ويو. ڪھاڻي اڌوري رھجي وئي.

سچ ته ننڊ منھنجي به اڏامي وئي، پي پاسا ورايم، سڄي وارتا تي سوچيندو رھيس ته زرين پنھنجي گھر جي جاگرافيءَ سان گڏ پنھنجي جاگرافي ڇو وزٽ ڪرائي؟

صبح سان جسم ۾ سور محسوس ڪيم، برش ڪرڻ تي دل نه پئي ڪري، ٽيئڙ تپ چڙھي ويو، ارادو ڪيم ته موڪل ڪجي. منھنجا پير به گرم ٿي چڪا ھئا، سوڙ کان ٻاھر ڪڍي اکيون ٻوٽيم ئي مس ته واٽس اپ تي ميسيج اچڻ واري ٽون آئي، ھڪ ٻي ٽئين، اک پٽي سوڙ اڇلي چارج تي لڳل موبائيل کنيم بيٺي بيٺي چيڪ ڪرڻ لڳس

“صبح جو سلام مٺا سائين”

ٻيو ميسيج، تصويري جھلڪ ھئي، جنھن ۾ زرين برش وات ۾ وجھي، ٽوال ڪلھي تي رکي واش روم جي در تان سيلفي ڇڪي ھئي جنھن ۾ سندس وار کليل ھئا ۽ چپ گول ھئا،

ٽيون ميسيج به تصويري ھئو، جنھن ۾ سندس وارن کي ٽوال ويڙھيل ھئو، ۽ ھوءَ ڊريسنگ ٽيبل جي سامھون بيٺي ھئي.

مون اڃا تصوير پي ڏٺي ته ميسيج ٽائيپ ٿيڻ جو نشان اسڪرين تي ظاھر ٿيو

“مان ڊيوٽيءَ تي ٿي وڃان، ناشتو به ڪو نه ڪيو اٿم، ڇورين کي جھليو اٿم ته آنو ڪو نه کائيندم تڏھن به ٺوڪي آنو فراءِ ڪري اچي رکيو اٿائون، سڄو ڏينھن ھنيانءَ تي چڙھيل ٿو رھي اسان اڳي ئي. . . . . . . . . . . .

توھان ناشتو ڪيو آھي؟

آن لائين ھيس، سو جواب ته ڏيڻو ئي ڏيڻو ھو، سو لکيو مانس ته” منھنجي دل نٿي چوي ته اڄ ڊيوٽيءَ تي وڃان”

دل ته منھنجي به ڪو نه ٿي چوي پر ڇاڪيان، اھڙو چنڊو ڊي اي او اچي مٿي ۾ لڳو آھي جو جاڏي ٿو وزٽ تي نڪري ٺڪاءُ اچي ٿو اسان وٽ ڪري، وري تڙڪي تي ڪرسي رکي ويھي ٿو رھي، مُئي جي من ۾ ڪو کوٽ آھي الائي ڇا؟ چوي پيو ته تنھنجو پروموشن ضرور ٿيندو. وڃ وڃ تون ڊيوٽيءَ تي وڃ يارات خالي ٿي ستو آھين، ھا ھا ھا.

مون جواب ڏيڻ بھتر نه سمجھيو، سڌو برش تي پيسٽ لاھي واش روم ھليو ويس، شاور کولي مڪسر کي سيٽ ڪري نيم گرم پاڻيءَ سان وھتس ته ڪجھ بھتر ٿيس، واري ۾ ڪارا ڪپڙا آيل ھئا سو پھري نڪري پيس، اڃا صحي ڪري ويٺس ئي مس ته ميسيج آيو، کوليم ته تصوير ھئي، اڌ اڇي اڌ ڪاري ڏاڙھيءَ وارو شخص ڪرسيءَ تي ويٺو چانه پي رھيو ھو، ڦوٽوءَ جي ھيٺيان لکيل ھو “آيو آ خنزير”

مان جواب ۾ لکيو مانس ته” ويچارو پنڌ ڪري آيو آ، ڪجھ ته خيال ڪريس.

خيال ڪرڻ لاءِ مان ئي رھجي وئي آھيان، مئو مناوڙ سانُ. . .

مون ميسيج پڙھيو ته کل اچي وئي، پڇيو مانس ته تو کي مناوڙ سانَ جي ڪيئن خبر پئي.

لکيائين “ڇو مونکي خبر ڪونھي، مان جتي ھاڻي پڙھايان ٿي، اتي ئي ڄائي آھيان، ھاڻي ڪي پنج اٺ سال ٿيا آھن جو شھر لڏي ويٺي آھيان، سو به سردارن جي آزار کان، جيڪي راھ ويندي به پيا ڄار اڇلائيندا ھئا، ھڪ رئيس جي ته زال نياپو کڻي اچي پھتي ھئي ته منھنجي مڙس سان ياري رک، سو مونکي خبر نه ھوندي انھن ڏنڊن ڏوٽن جي ته ٻيو ڪنھن کي ھوندي”

جواب ۾ لکيو مانس ته “راڄ ڪڍ ٿي، ٻيو ڇا گھرجئي؟

ڪوبه جواب نه ڏنائين آف لائين ٿي وئي.

شام جو وري ميسيج ڪيائين “منھنجي بدلي نٿي ٿئي، سو ڪا واھر ڪر”

لکيو مانس ته مان پاڻ ڪاڙھن جا ڏينھن ويٺو سکر جا جھولا سھان، تنھنجي ڪٿان بدلي ڪرائي سگھندس، چيائين ھو “جيڪو سيڪريٽري آھي، تنھنجي يارن سان ياري اٿس، ان کي ڪنھن کان چوراءِ”

چيو مانس سڌو رابطو ڪريس من بدلي ڪري ڇڏئي.

چيائين “اھو به وڏو ٺڙڪائي اٿئي شل نه ڪير ور چڙھيس، ھتي ڪنھن پروگرام ۾ آيو ھو، سو ڪيس ڪري ڇڏيائين، جنھن کي پيو چلڪڻا ڪپڙا پاتل ڏسي، ور ور ڪري پيو سلام ڪري، نه با مان ٿي بدليءَ لاءِ چوانس.

لکيومانس ته” تون ھاڻي پاڻ فيصلو ڪر ته جي مان تنھنجي لاءِ ڪنھن کان به چورائيندو مانس ته ڇا سمجھندو”

لکيائين” لڳي ٿو بگھڙن جي ور چڙھي ويندس”

مونکي دوستن سان ملڻو ھو سو آف لائين ٿي نڪري ويس.

رات جو ساڍا ڏھ ٿيا ته وري اچي ميسيجن جي ڀر مار ٿي.

“ڪھاڻي لکيئي”

لڳي ٿو تون مونتي ڪھاڻي لکندين، ڪرائيندين مونکي به ڪاري.

ٻڌ ھي جيڪي ڇورا اچي پيدا ٿيا آھن اھي سڄي سڄي رات ڇورين سان ڇا ڳالھائيندا آھن.

ڪھڙا موضوع ڊسڪس ڪندا آھن.

جانو، ڇا پئي ڪرين

واندي ٿي آھي يا اڃا دير آھي

سيءُ اچي پاسا ورتا آھن

اڃا تنھنجو ڪم ڪو نه ٿو کٽي

ٿورو ويجھو ته اچ

وري ٻچڪ ٻچڪ

ھي ڇا ھي، ڪڏھن غور ڪيو ٿي.

ھڪئي وقت مون جڏھن سڀ ميسيج پڙھيا ته لئوندڙيون ٺڪاءَ ڏيڻ لڳيون، لکيو مانس ته وڃي ڌوڙ پائن تو کي انھن ڳالھين ۾ ڪنھن وڌو آھي.

“نه نه مون ته توکان پي پڇيو” گھڙي کن سانت ٿي وئي مون اڃا ڪھاڻيءَ جي ڪلائيميڪس تي پي سوچيو ته وري ٺڪاءُ اچي ميسيج ڪيو.

ڳالھ ته ٻڌ، اڄ آن لائين بريزر گھرايا ھئم، ۳۴ نمبر جا، کولي چيڪ ڪيم ته سوڙھا ٿي پيا آھن، نمبر به ساڳيو آھي، ويٽ ته وڌي نه ويو آ، پريشاني ٿي پئي آھي، ڇا ڪيان.

کل ته ڏاڍي آئي، ڪلائيميڪس جو منھن ڪارو پئي ٿيو، سولکيو مانس ته “مونکي پورا اچن ھا ته مان خريد ڪيان ھا پر افسوس ڇا ڪجي؟

“پورن ڏينھن جو ڄاول آھين، ھاڻي مان انلاءِ توسان صلاح ڪئي”

نه ته راڻي تون پاڻ تي ڌيان ڏي نه جي ويٽ وڌي ٿو ته ان جو خيال رک، باقي ڪمپنيءَ وارن تي ڪاوڙ ھروڀرو نه.

مونکي شڪ ٿي پيو آھي؟

وري ڪھڙو؟

ھن اڌ ماڻھوءَ کي چيو ھئم ته کير وارو مٽايون، پر منھنجي ڳالھ مڃي ئي ڪو نه ٿو، ڀنگ جي چڪڙي ھنيو ڪچھري ڪيون کير کنيو ٿو اچي.

مون تنھنجو مطلب سمجھيو ڪونه.

“اڙي يار تون به ڪو صفا ميان مٺو آھين، منھنجو مطلب ھو ته کير وارو مينھن کي ٿو آڪسيٽوسن سيون ھڻي، سو کير پيئبو ته اثر ته ڏيکاريندو نه”

منھنجا ته ٺڪاءَ نڪري ويا، ڇوته اھڙي ڳالھ مون اڳ ڪو نه ٻڌي ھئي.

ڀلا واندو ٿئين ڪو نه

ھاڻي کيس ڪير سمجھائي ته اھڙن ميسيجن کانپوءِ ڪو ڪم ٿيندو، جواب ويٺو پڙھان ۽ لکان وري ٻيو ڪم ڌوڙ ٿيندو،

لکيومانس ڪھڙو ڪم ٿيندو

پوءِ اچ نه وڊيو ڪال تي

اڌ ماڻھو ڪو نه موٽيو ڇا؟

اھو موٽندو ته نه موٽڻ جھڙو، گوگھري جوپيو ٺڪاءُ لڳندس، نه جيئرن ۾ نه مئلن ۾. ملي ته پٿر رکڻو پوي، اکيون ٻوٽڻيون پون، سانوڻ جو مينھن وٺو ته وٺو ھڪ پاسو رھايون ھليو ويندو، نه ته ڪڪر ڪري موٽي وڃي.

سيکاريس نه،

“ڇا سيکاريانس”

اھوئي ته پيار ڪيئن ڪبوآ.

پڪي گھڙي کي ڪنا ڪيئن پوندا، ھووڙون کائي ڏندن کي اچي لڳو آھي، ڀنگ پي جو اچي ٿو ته اک ئي ڪو نه ٿي کليس، ان کي ڇا سمجھائيان. ؟

ته جاڳائيس نه.

ھاڻي ھو مونکي جاڳائي يا مان جاڳائيانس، مڙئي جانورن وارا ٿونا ھڻي، ڄنگھ تي گگ ھاري وڃي ھنڌ ۾ ڪرندو آھي. لکيئي جو ليک ويٺي نڀائيان نه ڏھڻ جو نه ڪھڻ جو.

تنھنجو سبجيڪٽ ڪھڙو آھي؟

سوشيالاجي

نوڪري ڇا تي مليئي؟

اھا بي ايڊ ايم ايڊ ڪيم، سابه مٿا کٿا ڏئي، استادن به وڏيون استاديون ڪيون، اسائنمينٽ جي بھاني ٻڪريءَ جا ڦر ٿي چنبڙيا، چسڪاڙون ڏئي، گگ ڳاڙي ڪي پاس جون مارڪون ڏنائون، زائفان ذات ته ڄڻ ڏٺي ئي ڪو نه ھئائون، اڳٺ کي ڳنڍيون ڏئي چار سال گذاريم.

۽ ھاڻي؟

منھنجي سوال تي کل نڪري ويس” وڏو ڪمينو آھين”

ھاڻي رٻر وجھرايو اٿم، پوءِ به تون پرئين پتڻ تي بيٺو آھين، اھڙو لڳندو ته ڪونھين پوءِ به پڪائي نٿو ڇڏين، ڳھي ويندي مانءِ ڇا جو ڇرڪين ٿو؟

جڏھن کان تو ذات ٻڌائي آھي، تڏھن کان خوف ٿي پيو آھي، خواب ۾ به ڪھاڙيون ٿيون نظر اچن، راھ ويندي نه مارجي وڃان

ھاڻي ٺھيو، ھجين ھان ڳوٺ جو يا ھجئي ھا زمين ڀرسان ته واقعي مارني ھا، تون ٽئين ٽئيءَ جو تو کي ڇاڪنداڀاڙ جا ترا، جن جا طرا ئي اڀا ھوندا آھن باقي ڄنگھن جي وچ۾ ٽانءِ ٽانءِ فش. . . . ڇڏ ھاڻي اچ ته ڪي ڪوسا ڪوسا ساھ کڻون، مارنگ تي ڪو مٿو ٽيڪ. . . . . . . . . . !

ڀلا ٻاھر به نڪرين يا ٻار رلايو وتين؟

ڳوٺ ھوندي ھئس ته پڇڙي اٽڪائي ڇڏيندا ھئا، ھت جھل نه پل، جاڏي دل چوي نڪريو پوان ھاڻي اٺن ٻارن جي لوڌ ڏسي ڇا چوندا.

چاڻيءَ ۾ ته اڃا ڀڙ بيٺي آھين

ھا جائي ياد آيو، ھي تنھنجا جيڪي دوست آھي،

ڪھڙا؟

ھاڻي نالا نه کڻاءِ، ھي ڪجھ ميسيج سينڊ ٿي ڪيانءِ پڙھي پوءِ ٻڌائجانءِ، ڏس ته ڪھڙا نه اندر جا پليت آھن، فيس بوڪ تي ڏاڍا صاف سٿرا، معزز، ادب احترام وارا، پر ميسينجر ۾ منھن ڪارو ٿيل، ھو جيڪو ڊيڻو ٿي، مون ان کي شريف سمجھو ھو پر پڪو ڪمينو نڪتو چوي پيو مان تنھنجي پاڙي ۾ ايندو آھيان، منھنجي دعوت ڪر، ڪيڪ وٺي ايندو مانءِ. شغل ڏسيس مونڏي ڪيڪ وٺي ايندو.

وري ھو ٽوپر، دانگو پاڻ کي الائي ڇاٿو سمجھي؟

اھو وري ڪير؟

شاعر ٿي، جنھن جو منھن پٺ ھڪجھڙي آ، ڪڏھن ڪڏھن گوڏ سان به ڦوٽو رکندو اٿئي، باھ ڏيانس، سڙي مري ٺوٺ جيڏا ٿو ڪمنٽ لکي، فيس بوڪ تي ھڪڙا ۽ واٽي ايپ تي ٻيا، گھٽ تنھنجي يارن ۾ به ڪونھي ٻن ٽن کي ڇڏي باقي سڀني جو ڪم لٿل ٿئي، توبھ زاري. . . .

ھڪ ڊگھي لسٽ اسڪرين شاٽ جي اچي پھتي ته مان مٿي کي ھٿ ڏئي ويھي رھيس.

مون ڪجھ ميسيج پڙھيا ته ڪجھ ڇڏي ڏنا، لکيو مانس ته منھنجا ميسيج وري ڪنھن کي اماڻيندين ءَ

آف لائين ٿي وئي

جھٽ کان پوءِ ميسيج ڪيائين ته “)ڏاڍو ڏک ٿيو، تو به مونکي ائين سمجھو،

مون کيس وڊيو ڪال ڪئي ته اوڪي ڪيائين سندس اکين ۾ پاڻي ھو

مون کيس پرچائڻ جي ڪئي، پر اکين تان ٻانه نه ھٽا يائين مونکي مجبور ٿي ڪال بند ڪرڻي پئي.

مون کيس ھروڀرو ائين چيو، ھن پنھنجي سچائي مون آڏو رکي، مونکي ائين ڪرڻ نه گھربو ھو.

ٻه ڏينھن رابطو ڪٽيل رھيو سندس موبائيل بند رھيو

ٽئين ڏينھن ميسيج ڪيائين مان تنھنجي شھر ٿي اچان ملندين.

مون سندس رنج کي گھٽائڻ خاطر ھا ڪئي، ٿينڪس ڪري وري موبائيل بند ڪري ڇڏيائين.

شام جو وري ميسيج ڪيائين ته صبح ڏھين بجي منھنجو سيشن آھي ٻارھين بجي تائين واندي ٿي ويندس ورڪشاپ وارن ماني ڪرائي آھي پر پاڻ ڪٿي گڏجي ھلي ماني کائينداسين جي مناسب لڳي ته ٺيڪ جي منھنجي ذات وارن کان ڊڄين ٿو ته ڍڪي ڀلي.

مان صبح جو تيار ٿي مقرر وقت تي ھال تي پھتس، گھماگھمي ھئي، ھن کي چادري اوڙھيل ھئي، مونکي ڏسي ھن پنھنجا چپ گول ڪيا؟

منھنجو ڪنڌ جھڪي ويو، مان گاڏيءَ ۾ وڃي ويٺس ته ھن پويان دروازو کولي اندر ويھي ٿڌو ساھ کنيو، مون کيس شيشي مان نھاريو ته ھن اکيون جھڪائي ڇڏيون. مون شاپنگ مال وٽ گاڏي بيھاري لھي سندس در کوليو، ھن منھنجي اکين ۾ نھاريو ته مان مرڪي پيس، چادر درست ڪري ھيٺ لٿي، اسان وٿيرڪا ٿي شاپنگ مال ۾ گھڙيا سين، ھڪ اجرڪ، سنڌي ڪڙھائيءَ واري قميص ۽ سوسيءَ جي شلوار ورتي سين، ھڪ پرفيوم کنيو سين ۽ گاڏيءَ ۾ اچي ويٺا سين. بس اسٽينڊ وٽ ھوٽل ۾ کيس لنچ ڪرايم، رڳو چمچن جا کڙڪا ھئا اسين ٻئي چپ ھئا سين، مون کيس گفٽ ڏنو ته ھن جي اکين مان پاڻي وھي پيو چوندي به ھڪٻئي کي ڪجھ نه چئي سگھيا سين، مون کيس ڪوچ ۾ ويھاريو، گاڏي سڌي ڪئي ته منھنجو ڪنڌ جھڪي ويو.

چئن ڪلاڪن کانپوءِ ميسيج ڪيائين ته مان گھر پھڇي وئي آھيان، ھي تون مون تي ڪھڙا بار چاڙھي ڇڏيا، سنڌي ڊريس ڏئي، جڏھن ته تون مونکي ھٿ به نه لاٿو، اڙي ھٿ ته لائين ھا. ڏسين ته ھا مان جيئري آھيان يا مئل.

لکيومانس پنھنجي پڄاڻان ڪھڙي ڪل ته ڪو جيئرو به آھي يا نه.

 

(ابراھيم کرل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ٽئي قسطون گڏي کنيل)

No comments:

Post a Comment