Saturday, December 17, 2022

ساروڻيون سَدا سُهاڳڻين جُون

ساروڻيون سَدا سُهاڳڻين جُون

هِڪ ناول تي تبصرو!

نسيم بخاري



فرخ ملڪ ”ساروڻيون سَدا سُهاڳڻين جون“ جي عنوان سان گبريل گارشيا مارڪيز جي انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ناول(Memories Of My Melancholy Whores) کي سنڌيءَ جو ويس پارائي انتهائي شاندار ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي. پوليس جهڙي گهڻ ڪمي کاتي واري اداري ۾ اهم آفيسريءَ واري ڪُرسيءَ تي ويهڻ کانپوءِ به قلم سان نينهن ناتو نڀائڻ واري هِن جي جذبي کي جيترو جس ڏجي، سو گهٽ آهي. 2020ع ۾ ماءِ پبليڪيشن سکر پاران ڇپائي پڌري ڪيل ڄاڻايل ڪتاب جا صفحا 106 آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب شوڪت حسين شورو لکيو آهي، جنهن ۾ هُو ٻُڌائي ٿو ته ترجمي پڙهڻ کانپوءِ هِن انگريزي ڪتاب به پنهنجي نظر مان ڪڍيو، ۽ اُها پوري پوري تسلي ڪيائين ته ڪتاب سَچ پَچ به انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي. پبلشر نوٽ ۾ لکيو ويو آهي ته گارشيا مارڪيز پنهنجي هڪ الڳ دنيا تخليق ڪندڙ ليکڪ آهي. 


هِن جا ناول دنيا ۾ جادوئي حقيقت نگاري جي ڪري سُڃاتا وڃن ٿا. دنيا ۾ ئي هڪ الڳ دنيا تخليق ڪندڙ ڏانءَ واري اُن ليکڪ جو هي ناول سندس زندگيءَ جو آخري ناول ثابت ٿيو. هِن ناول ۾ جيڪا دنيا ۽ ماحول تخليق ٿيل آهي، اُن کي پڙهندي مڪمل طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو، ۽ پڙهندي پڙهندي ماڻهو جهڙوڪر اُن جو حصو ٿي وڃي ٿو. هي ناول اسپينش ٻوليءَ ۾ Memoria De Mis Putas Tristes نالي سان 2004ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کانپوءِ انگريزيءَ سميت دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيندو ويو. هِن ناول جي هڪ خاص ڳالهه هڪ پوڙهي ماڻهوءَ جي اندر ۾ شيطاني خيالن ۽ خواهشن جي نمائندگيءَ سان گڏوگڏ پوڙهائپ جي پسمنظر ۾ تجزياتي عڪاسي به آهي. هِن ناول جون اهم ۽ ڪارائتيون ڳالهيون جيڪي پنهنجي تجربن جون تجليون ڏيکاري اهميت جو احساس ڏيارين ٿيون، سي پڙهندڙن سان ونڊڻ جو مقصد اُهو آهي ته ڪٿي ڪنھن ڳالھ ۾ اُنهن جي دل جي دانهن جي عڪاسي به نه ٿيل هُجي، ۽ اُنهن کي لڳي ته جيڪي شيون مشاهدي باوجود اظهار جو روپ ڌاري نه سگهيون آهن، تن کي ليکڪ ڪيئن لفظن جو ويس پارائي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

منهنجي لاءِ زندگيءَ جي ڏيئي اُجهامڻ کان وڌيڪ اهم معاشرتي وقار اهميت جوڳو هو. مون اُهو ٻُڌو هو ته پوڙهائپ جي پهرين نشاني اُها هوندي آهي ته اوهان پنهنجي پيءُ سان مُشابهت اختيار ڪرڻ لڳندا آهيو. شروعاتي تبديليون ايتريون ته ننڍڙيون ننڍڙيون هونديون آهن، جو اوهان جي اک کان ڳجھيون رهنديون آهن،

 

(ڏھاڙي ڪوشش حيدرآباد ۾ ۱ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment