Saturday, December 17, 2022

پرينءَ جو شھر - ڊاڪٽر نواب ڪاڪا

پرينءَ جو شھر

سنڌي شعبي جو اڀرندڙ ڪھاڻيڪار - مبين سنڌي

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا



ڪهاڻي سماجي حقيقتن مان جنم وٺندڙ ڳالهه آهي. سماج انيڪ ڳالهين سان ڀريل آهي. ڪهاڻيڪار جي مشاهدي هيٺ ايندڙ حقيقتن جو اثرائتو اظهار هُو ڪهاڻين ۾ ڪري ويندو آهي. ڪنھن بہ صنف جو فن بنيادي طور اُن صنف کي وڌيڪ خوبصورت گهرو ۽ ڪارج تائين پھچائڻ جو وسيلو ھوندو آھي. ڪھاڻيءَ جي فن جي لاءِ ٻوليءَ جي ڄاڻ، ڪردارن ۽ سماجي روين جو مشاھدو، مسئلي، واقعي، حادثي جي چونڊ ان جي مظبوط رٿا، اسلوب، گھربل منظرنگاري ھئڻ لازمي آهي. پڙھندڙ صرف لفظن کي پڙهندو يا اُچاريندو ناهي پر هُو سمورا منظر، ڪردارن مٿان گذرندڙ حالتن، واقعن، خوشي، غم، مايوسي، اميد، حوصلي ۽ ٻين ڪيفيتن کي اندر جي اکين سان ڏسندو ويندو آهي. ماھر فنڪار ڪردارن جون اھي فطري ڪيفيتون جيڪي کيس لکڻ لاءِ تڙپائين ٿيون. ﻫﻲ پڙهندڙن تي طاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي.


ڪهاڻي کي پنهنجو فطري وجود هوندو آهي، جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي مصنوعيت جي گنجائش ناهي هوندي. پڙهندڙ اول کان آخر تائين پڙهندي، آسپاس جي حالتن ۽ واقعن تي سوچڻ شروع ڪري ٿو. ڪنھن بہ صنف تي طبع آزمائي ڪرڻ لاءِ پھريون شرط گھرو اڀياس آھي. جيترو وسيع ۽ گھرو اڀياس اوتري وڌيڪ فن ۽ فڪر ۾ پختگي ايتري رھندي.

سنڌي شعبي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا غير معمولي شاگرد اچن ٿا، جيڪي نہ صرف نصابي ڪتابن جي مطالعي تائين محدود هوندا آھن بلڪ هو تخليقي ادب ذريعي پنھنجو سگھارو اظھار بہ ڪري ويندا آهن. مبين سنڌي، سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جو هڪ اهڙو ئي باصلاحيت شاگرد آھي. هو هڪ ئي وقت نصابي ڪتابن جو بہ مطالعو ڪندو رهي ٿو، گڏوگڏ منهنجي نگرانيءَ ۾ سنڌي ادب جي هڪ وساريل ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي ڪهاڻين تي نهايت ئي محنت ۽ محبت سان تحقيقي ٿيسز/مونوگراف بہ لکي رهيو آھي. انهيءَ سان گڏ هُن هي ڪهاڻين جو مجموعو بہ لکي ورتو آھي.

مبين جون ڪهاڻيون هن سماج جو آئينو آھن. هن جيڪو ڪجھ سماج ۾ ڏٺو، ٻڌو ۽ محسوس ڪيو آھي، سماج جي مثبت توڙي منفي قدرن کي مختلف ڪردارن، حالتن ۽ واقعن ذريعي پيش ڪيو آھي مبين ڪهاڻين ذريعي سماج جي روايتي سوچ کي بدلائڻ لاءِ بہ قلم کنيو آھي. ڪتاب جي نالي واري ڪهاڻي ”پرينءَ جو شھر“ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ لاءِ شاگردن جي روايتي سوچ ۽ عمل کي ظاهر ڪندي ڪردار جي سوچ کي تبديل ڪري کيس لکڻ ۽ پڙھڻ طرف وٺي اچي ٿو. روايتي معاشقي کان بچائي مقصد طرف آڻي ٿو. مرد جو عورت ڏانهن رويو ۽ سوچ ڪنهن به صورت ۾ تبديل نہ ٿو ٿئي چاهي اهي يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندا هجن. لٻاڙيل ڪھاڻي ۾ ڪردار ذريعي هو شاگردياڻيءَ جي ان پيڙا کي ظاهر ڪري ٿو جنهن جو هوءَ شڪار ٿي.

مبين جي ڪهاڻين ۾ سماج جا بهادر ۽ سورهيه ڪردار بہ آھن، بزدل ۽ ڪانئر بہ آھن، جدوجهد سان حالتون بدلائيندڙ بہ آھن، هڪٻئي جو درد محسوس ڪندڙ بہ آھن. بي حس بہ آھن، ذھني ۽ نفسياتي ڪشمش بہ آهي. سڌي رستي تان ڀٽڪندڙن کي هو راھ راست تي بہ آڻي ٿو. معصوم محبتون بہ آھن. حالتن جو جبر، بي وسي ۽ ڏاڍ بہ آھي. سنڌ جي تاريخ ۾ ويڙھ جا واقعا بہ آھن. هن وٽ موضوع ۽ فڪر جي يڪسانيت ناھي. ڪئمپس ۽ ان کان ٻاهر جي دنيا، گھر، ڳوٺ، شھر ، ٻار، عورتون سندن سوچون، مسئلا ۽ احساس ھن جي قلم جا موضوع آهن.

مبين ڪهاڻيءَ جو بنيادي ڏاڪو چڙهي آيو آهي. پر اڃا کيس اڀياس جي ضرورت آھي.اثرائتي ٻولي، ڪهاڻين جا اثرائتا عنوان گھري سوچ ۽ وسيع اڀياس مان جنم وٺندا آھن.

اميد تہ ھو لکڻ سان گڏ سينئر ڪهاڻيڪارن کي پڙهندو، ڪنھن نقاد جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجيون اوڻايون يا ڪمزوريون پاڻ محسوس ڪندي اُنھن کي ختم ڪندو ويندو.

 

(ڊاڪٽر نواب ڪاڪا/ سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۵ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment