Monday, December 26, 2022

هو - غفار سومرو

هو

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ھو

ڪهاڻيون لکندو هو

۽ لڳاتار لکندو رهندو هو

ننڍپڻ کان جواني تائين،

جواني کان پيري جي پنڌ تائين،

پيار محبت جون ڪهاڻيون،

عشق ۽ عاشقي جون ڪهاڻيون،


ڌرتي ۽ ڌرتيء وارن جون ڪهاڻيون،

جن کي هو پڙھندو سڌاريندو سنواريندو رهندو هو.

گهڻيون ئي ڪهاڻيون ڪاغذ جي ٿهن جي صورت وٺي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ گڏ ٿينديون رهيون.

جڏھن کان هن جون ڪهاڻيون منظر عام تي اچڻ لڳيون آهن،

تڏهن کان هن ڪهاڻيون لکڻ ته بند ڪري ڇڏيون آهن.

پر

ڪاٺ جي پيتيء ۾ رکيل ڪهاڻيون به هڪ هڪ ڪري پڙهڻ کان سواء ساڙيندو پيو وڃي.

ڇو ته سندس خيال ۾ ڪهاڻيون پيٽ جي بک ته نه ٿيون مٽائي سگهن،

پر چلھ جي باھ ته دُکائي سگهن ٿيون!!!!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۶ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment