Saturday, December 17, 2022

اڌوري عشق جو الميو

اڌوري عشق جو الميو

صحافتي زندگي ۽ پيار ڪهاڻي وارو ناول

دولترام کتري



ادب جي دنيا ۾ “ناول”، منھنجي پنسديده صنف رھي آھي. ناول، ھڪ اھڙي صنف آهي، جنهن ۾ اسان جو نوجوان پڙهڻ جي حوالي سان، وڏي دلچسپي پڻ وٺندو رھيو آهي. جيتوڻيڪ ھن وقت، سنڌ ۾ ناول لکڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو، پڻ تمام گهڻو وڌيو آهي ۽ سنڌ ۾ نوجوان ليکڪن پاران سٺا ناول پڻ لکجي رھيا آهن. جيڪا تمام سٺي ڳالهه آهي. ھڪڙو دور اھو پڻ ھوندو ھو، جڏهن اسان پارا دوست، سٺا سٺا ناول پڙهڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. مٺيءَ ۾ ٿر ڪتاب گھر تي، جڏھن به وڃڻ ٿيندو ھو ته اتي سٺا ڪتاب وٺڻ جي تلاش ھوندي ھئي.


نوي ۹۰ع واري ڏھاڪي ۾، جڏھن اسان ٻاراڻي ادب ۾ لکڻ کي ترجيح ڏيندا ھئاسين ته ان دور ۾ اسان موھن ڪلپنا، نجم عباسي، ڪرشن کٽواڻي، امرجليل، طارق عالم ابڙو، نورالھديٰ شاھه، گل ڪونڌر ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن ۽ ناول نگارن جون ڪھاڻيون ۽ ناول پڙھندا ھئاسين. انھيءَ دور ۾ ڪتاب پڙھڻ جو ھڪ رجحان پڻ ھو. ماضيءَ توڙي حال ۾، ادب ۾ رومانس جي ڪھاڻي جي حوالي سان تمام گھڻا ناول مارڪيٽ ۾ ايندا رھيا آھن. نجم عباسيءَ جي پيار ڪھاڻي کان پوءِ، جڏهن طارق عالم ابڙي جو ناول “رھجي ويل منظر” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو. تڏهن انھيءَ ناول جي ڪھاڻي، پلاٽ، ڪردار سنڌي ادب ۾ پنهنجي زبردست ڇاپ ڇڏي. اھو ئي سبب آهي جو سنڌ جا نوجوان ليکڪ، انھيءَ ڊڪشن کي قائم رکندي سٺا رومانوي ناول لکندا پيا اچن. انور ابڙو، سليم جمالي ۽ ٻيا ڪيترا ئي اھڙا ناول نگار آھن، جن جديد سنڌي ناول نگاري ۾ زبردست ناول ڏنا آھن.

ھن وقت سنڌ ۾ جتي رومانوي ناول لکجي رھيا آھن اتي سليم جمالي جھڙي ناول نگار اھڙن موضوعن کي ڇھيو آھي جن جو ذڪر ڪرڻ به گناھه ڪبير سمجھيو وڃي ٿو. سنڌي ادب ۾ سليم جماليءَ جو ٽين جنس تي لکيل “روپوش نگر”، ھم جنس پرستي تي لکيل ناول “گستاخ محبت” ۽ ھن جو ٽيون لکيل ناول “طوائف”، اھڙا ناول آھن جن تي تمام گھٽ لکيو ويو آھي.

ادبي جمود واري ماحول ۾ جڏھن نوجوانن پاران منفرد ۽ ممنوع موضوعن تي ناول لکجي رھيا آھن ته اھا تمام بھتر ڳالھه آھي. باقي اسان وٽ رومانوي ناول تمام گھڻا لکيا ويا آھن. ماضيءَ ۾ رومانوي ڪھاڻين جو پنھنجو ھڪ ڊڪشن ھو. پر طارق عالم ابڙي جي ناول “رھجي ويل منظر” ڇپجڻ کان پوءِ، رومانوي موضوعن تي لکيل ناول جون ڪھاڻيون، يونورسٽيءَ ۽ ڪاليج جي رومانس جي ارگرد گھمن ٿيون.

طارق عالم ابڙو جي ناول جي ڊڪشن کي ذھن ۾ رکندي، ٿر جي نوجوان ناول نگار دليپ دوشي لوھاڻو ڪاليج جي زندگي ۽ ھڪ صحافي جي زندگي جي پيار ڪھاڻي تي ٻه ناول لکيا آھن. ڪجھه ڏينهن اڳ، دليپ دوشي لوھاڻو جو ھڪ رومانوي “اڌوري عشق جو الميو” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. پيار ڪھاڻي تي مشتمل ھن ناول جي ڪھاڻي جا ڪردار پرھه ۽ آڪاش آهن. ھن ناول جي ڪھاڻي، ھڪ صحافي جي صحافتي زندگي ۽ پيار ڪھاڻي جي اردگرد گھمي ٿي.

ھن ناول جي ڪھاڻيءَ ۾ صحافي جون ھڪ طرف صحافتي ذميواريون آهن ته ٻئي طرف پيار جا اڙانگا پيچرا آهن. انھن پيار جي پيچرن تي ھلندي، پرھه ۽ آڪاش جي محبت، ھن سماج جي رسمن ۽ رواجن اڳيان ھارائي وڃي ٿي ۽ ھنن جي محبت جي پڄاڻي ھڪ منطقي انجام تي پھچي ٿي.

دليپ دوشي ھن ناول جي ڪھاڻي، پلاٽ ۽ ڪردار سان ڀرپور نڀاءُ ڪري ويو آهي. ھن جو ناول ڪو روايتي ناھي. ھن جي لکڻ جو ڏانءُ نرالو آهي. انھيءَ ڪري ھن جي ناول جي ڪھاڻيءَ جو ڪٿي تسلسل نٿو ٽٽي ۽ شروع کان آخر تائين ناول پڙهڻ ۾ پڙھندڙ وڃائجي وڃي ٿو. پنهنجي ھن ناول ۾ ھـن ھڪ صحافيءَ جي صحافتي زندگيءَ ۽ انهيءَ ۾ پيش ايندڙ واقعن ۽ مشڪلاتن جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪئي آهي. هن جي ناول جي لکڻي ۾ تخليقي سگھه موجود آهي. انھيءَ ڪري ھن پنهنجي ناول جي پلاٽ ۾ سماجي اڻ برابرين کي خوبصورت انداز سان فوڪس ڪيو آهي. ٿر جي ھن نوجوان ليکڪ جو ھن کان اڳ ڪاليج جي زندگي تي پڻ ھڪ ناول “محبت جي تنھائي” ڇپجي چڪو آهي. سندس ھي ٻيو ناول مارڪيٽ ۾ آيو آهي.

ھن ناول جو مھاڳ نامياري ليکڪ شوڪت حسين شورو لکيو آھي. جڏهن ته نوجوان ڪھاڻيڪار اختر حفيظ، بيڪ ٽائيٽل لکيو آهي. جڏهن ته ٿر جي بھترين شاعر شنڪر ساگر ۽ نوجوان ليکڪ عنايت الله نھڙيو، ھن ناول جي فرنٽ ۽ بيڪ فليپر تي پنھنجا تاثر لکيا آهن.

ھن وقت سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين ۽ ناول نگاري ڪھڙو موڙ ورتو آهي، اھو ھڪ الڳ بحث آهي. پر ھن وقت جيڪي به نوجوان سٺا ناول لکي رھيا آهن، انھن جي ضرور ھمٿ افزائي ٿيڻ گھرجي ۽ انھن کي پذيرائي ملڻ گھرجي. مون کي يقين آهي ته ادب جي دنيا ۾ دليپ دوشي لوھاڻو، ھڪ سٺي ناول نگار جي حيثيت سان پنهنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ٺاھي ويندو ۽ مستقبل ۾ ھو نوجوانن جو گيت بڻجي سامھون ايندو.

ادب جي دنيا ۾ نوجوانن کي اسپيس گھرجي. سنڌ جي نوجوانن کي روايتي لکڻ واري سحر کان ٻاهر ڪڍڻ جي ضرورت آهي. انهن نوجوانن کي رھنمائي ۽ پذيرائي ڏيڻ جي ضرورت آهي. ھي نوجوان اسان جي سنڌ جو خوبصورت خواب آهن ادب جي دنيا ۾ جيڪي دوست سٺا ناول لکي رھيا آھن انھن کي موقعا فراھم ڪري ڏيڻ جي ضرورت آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment