Monday, December 26, 2022

ناول واٽ اواٽي - عبدالڪريم چنا

ناول واٽ اواٽي

ناول نگار: مختار لوبيس

سنڌيڪار: ننگر چنا

تجزيو: عبدالڪريم چنا



هي ناول انڊونيشيائي ناول نگار ۽ صحافي مختار لوبيس جو لکيل آهي. ناول ۱۹۵۲ ۾ شايع ٿيو. . ناول ۾ انڊونيشيا جي آزادي جي جنگ جو موضوع آهي. مزاحمتي ادب ۾ به ناول کي شمار ڪري سگهجي ٿو ته نفسياتي ۽ جنگي ناول پڻ. . ناول جي مهاڳ ۾ مختار لوبيس ۽ هن ناول جو پروفيسر اينٽوني ايڇ جونز ڏاڍو ڀرپور نموني تعارف ڪرايو آهي. . ننگر چنا ان مهاڳ کي به سنڌي ۾ ترجمو ڪري سنڌي ترجمي ۾ به مهاڳ طور ئي ڇپرايو آهي.


ناول جا مک ٽي ڪردار آهن. عيسيٰ، مريم (عيسيٰ جي زال) ۽ حازل (ويڙهاڪ گوريلو ۽ عيسيٰ جو دوست)

۱_ عيسيٰ:

عيسيٰ هڪ اليمينٽري اسڪول جو استاد آهي ۽ موسيقيء سان ڏاڍو شوق اٿس. ذهني طور تي انتها درجي جو ڊڄڻو شخص آهي. ان ڊڄ سبب هو جنسي سگھ کان به محروم ٿي نامرد بڻجي وڃي ٿو. ۽ شاديء کان بعد سندس زال سان ڪيل سندس جنسي عمل جي ناڪام ڪوششن سبب سموري زندگي شرمسار رهي ٿو. ورائي ورائي ڪيل جنسي عمل جون ناڪام ڪوششون ۽ زال اڳيان مسلسل شرمساري. ان ڊڄ ۽ ناڪاميء سبب هو ڪنهن به ڪم ۽ ڳالھ ۾ نه چوڻ جي همٿ به نه ٿو ساري سگهي. اڳتي هلي جڏهن آزاديء جي ويڙهاڪ نوجوانن سان سندس ڪچهري ٿئي ٿي ۽ اهي کيس به آزادي جي جنگ ۾ مددگار بڻجڻ جو چون ٿا ته هو ان ڊڄ کان انڪار نه ٿو ڪري ته متان کيس غدار نه سمجهيو وڃي، ۽ پوء اهڙي ريت ڊڄ ۽ خوف ۾ ورتل هي شخص گوريلا جنگ جو حصو بڻجي وڃي ٿو. اڳتي هلي ناول جي پڇاڙيء ۾ سندس اهو ئي ڊڄ کيس ڊچ فوجين جو تشدد برداشت ڪرڻ ۾ مدد ٿو ڏئي. هو ان ڊڄ کان ڪا به ڳالھ نه ٿو باسي ته متان کيس غدار قرار ڏئي ڦاهيء تي نه چاڙهيو وڃي. اهڙي ريت ناول جي آخر ۾ هو تشدد سهي سهي ڊڄ تي قابو پائڻ سکي وڃي ٿو. سندس سموري زندگي ڊڄ سان جنگ ۾ گذري ٿي. ڊڄ تي سوڀ پائڻ جي مسلسل جنگ. ڊڄ کي دماغ مان ڪڍي اڇلائي ڇڏڻ جي جنگ. . جنهن ۾ هو نيٺ سوڀارو ٿئي ٿي.

۲_ مريم:

مريم هڪ نيڪ، بااخلاق، ۽ انتهائي ذميوار زال آهي. هوء عيسيٰ جي مرداڻي ڪمزوريء باوجود کيس نه ٿي ڇڏي ۽ سڄي ڄمار هڪ سٺي زال بڻجي رهڻ جو واعدو ڪريس ٿي. (پر مريم چواڻي ته هاڻي ان رشتي ۾ پيار جو ڪو عمل دخل نه رهندو) مريم هڪ ننڍي ڇوڪر کي پٽ طور گود وٺي ٿي. . اڳتي هلي جڏهن حازل سندن گهر ۾ اچڻ وڃڻ لڳي ٿو ۽ حازل کيس ڪجھ زور زبردستي ڪري جنسي عمل لاء اڳتي ڪري ٿو ته هوء به نه نه ڪندي ان عمل ۾ شريڪ ٿي پوي ٿي. ۽ سندس پاڪدامني رفو ٿي وڃي ٿي. اهڙي ريت جڏهن عيسيٰ اسڪول ۾ هجي ٿو ته مريم ۽ حازل جنسي عمل جا مزا وٺندا رهن ٿا. . اڳتي هلي عيسيٰ به ڳالھ سمجهي وڃي ٿو پر ان ڊڄ سبب زال کي ڪجھ به نه ٿو چوي ته اگر واقعي اها ڳالھ سچي نڪري پوي ته پوء ڇا ٿيندو؟؟

۳_ حازل:

حازل هڪ گوريلا ويڙهاڪ آهي. هو هڪ بهادر، پراعتماد ۽ بي خوف نوجوان آهي. کيس موسيقيء سان به پيار آهي. هو عيسيٰ کي ويڙهاڪن جي جٿي ۾ شامل ڪري ٿو. ۽ سندس گهر اچڻ وڃڻ دوران مريم کي جنسي عمل ۾ به ڦاسائي وجهي ٿو. . هو عيسيٰ کي گوريلا ويڙهاڪن جي لڪيل ٺڪاڻن تي وٺي هلي ٿو ۽ اتي مختلف ويڙهاڪن سان کيس ملائي ٿو. هو عيسيٰ کي ويڙهاڪن کي ملندڙ فنڊ جو انچارج بڻجڻ جي ذميواري ڏئي ٿو. پر اهو فنڊ مختلف سببن جي ڪري ڪڏهن به عيسيٰ کي سنڀالڻ لاء ملي نه ٿو سگهي. اڳتي هلي حازل ڊچ فوجين هٿان پڪڙجي پوي ٿو. سخت تشدد سندس بهادري، همٿ ۽ بي خوفيءَ کي ٽوڙي وجهي ٿو ۽ هو ڊچ فوج اڳيان عيسيٰ جو سندس مددگار ويڙهاڪ ۽ فنڊن جو انچارج هئڻ طور نالو ٻڌائي وٺي ٿو. ناول جي پڇاڙيء ۾ عيسيٰ ۽ حازل هڪ ئي ڪمري ۾ قيد هجن ٿا. جٿي ڊڄڻو عيسيٰ تشدد جي باوجود پنهنجي خوف تي سوڀ پائي بهادر بڻجي وڃي ٿو ۽ بهادر ۽ بي خوف حازل تشدد سبب ٽٽي پوي ٿو ۽ خوف جي ور چڙهي ساٿين جا نالا ٻڌائي ويهي ٿو.

ناول ۾ ٻيا به کوڙ ننڍا ننڍا ڪردار آهن. فوجين پاران بازارن ۽ گهرن ۾ لهي تشدد جا منظر ڏاڍا ڀوائتا آهن. ويڙهاڪن پاران جاسوسي جي الزام ۾ ماڻهن کي مارڻ به ڀوائتو ۽ وحشي عمل لڳي ٿو. . عوام جو ڊڄ، جنگ سبب کاڌي خوراڪ جي کوٽ، عوام جي ٻڌي، ويڙهاڪن سان چندي ۽ کين لڪائڻ ۾ سهڪار ڪرڻ سميت هر واقعي ۽ منظر کي ڏاڍي سهڻي نموني چٽيو ويو آهي. .

ناول ۾ صرف قابض فوجين جي ظلم ۽ ناانصافين جا منظر ناهن چٽيا ويا، پر آزاديء جي ويڙهاڪن پاران به سندن مددگار عوام تي ڪيل ظلمن ۽ ڦرلٽ جي عڪاسي ڪئي وئي آهي. جاپاني، انگريز ۽ ڊچ فوجين هٿان مسلسل ظلم ۽ وحشت جو شڪار ٿيندڙ انڊونيشيائي عوام جي آزاديء جو سهارو بڻجندڙ گوريلا ويڙهاڪ به پنهنجي عوام کي ساڳي ريت ڦرن لٽين ٿا. . پر اهڙن وحشي گوريلن کي پارٽيء مان ڪڍڻ کان هر ڪو ڊڄي ٿو ۽ اهو عمل ائين ئي هلندو رهي ٿو. .

ناول ۾ عوام جي مختلف سوچن جي عڪاسي به ڪئي وئي آهي. هڪڙا اهي جيڪي جنگ وڙهي هر صورت به آزادي ماڻڻ چاهن ٿا ۽ ٻيا اهي جيڪي فقط امن چاهين ٿا پوء اهو امن ڊچن يا انگريزن جي غلاميء ۾ ئي ڇو نه هجي. سندن مطابق گهٽ ۾ گهٽ بک ۽ بدحالي ته نه هوندي، خوف ۽ دهشت ته نه هوندي، ڪاروبار آسانيء سان ٿيندو ۽ رات جو سڪون جي ننڊ ڪري سگهبي. .

ناول ۾ مک ڪردارن جي نفسياتي لاڙن جي بهترين عڪاسي ڪيل آهي. سندن سوچن، عادتن، منصوبن، خيالن کي ڀلي نموني چٽي سامهون آندو ويو آهي. جنهن وسيلي ڪردارن کي سمجهڻ، ان دور کي سمجهڻ، ۽ انهن وسيلي اڄ جي انسان کي سمجهڻ ۾ به کوڙ مدد ملي ٿي. .

ناول مان ڪجھ چونڊ سٽون:

** سچائيء ۾ سادگي آهي ۽ سادگيء ۾ سچ.

** مان هڪ چوٿين درجي جو موسيقار آهيان. مان موسيقيء ۾ زندگي ۽ ساھ نه ٿو ڀري سگهان.

** آزادي هر قوم جو پيدائشي حق آهي. . . پر ڪو انڊونيشيائي ان جي پرواھ نه ٿو ڪري.

** انقلاب آزادي ماڻڻ جو هڪ ذريعو آهي ۽ آزادي زندگيء کي سرهائي ۽ شرافت سان همڪنار ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي.

** آزاديء جي جدوجهد ۾ شڪ يا اگر مگر جي گنجائش ناهي هوندي.

** انساني خوشي حاصل ڪرڻ واري شاهراھ جو آخري ڇيڙو ڀلا ڪٿي هوندو؟

** اڄوڪا ڳڀرو منهنجي سمجھ ۾ نه ٿا اچن. انهن جا دماغ انهن جي پنهنجن خيالن سان ئي ڀريا پيا آهن

** اسان کي انگريزن کي پويان تالو هڻي ڇڏڻ گهرجي ۽ آمريڪين مٿان استري گهمائي ڇڏڻ کپي.

** هوا موت جي ڌپ جي ڪري ڳوري هئي.

** هر قسم جو احتجاج بيڪار آهي. . . . .

** اڄڪلھ هر جاء تي انقلاب جي نالي ۾ مدد وٺڻ ڏاڍو سولو ٿي پيو آهي.

** ايترو اميد پرست نه ٿي. موت کي ٽاري نه ٿو سگهجي.

** ڀڄندڙن ۾ شامل ٿيڻ جو ڪهڙو فائدو؟ جيڪڏهن مرڻو ئي آهي ته پوء هتي ڇو نه مرون!

** اسان جيڪي پڪا پوڙها آهيون، اسان کي کپي ته ڳڀروئن/نوجوانن کي دڳ ڏيون.

** انسان کي پنهنجي ڊپ تي سوڀ پائڻ جي مشق ڪرڻ کپي.

ننگر چنا سنڌي ترجمي جو هڪ وڏو نالو آهي. سندن مطابق هي ناول اردو مان سنڌيء ۾ ترجمل ڪيل آهي. ترجمو ڏاڍو سولو ۽ سهڻو ٿيل آهي. ننگر صاحب جن جو هي ارڙهون ڪتاب شايع ٿيل آهي. . ۽ سندس ٻيا به کوڙ ڪتاب ڇپائي جي انتظار ۾ پيا آهن. . اميد ٿي ڪجي ته ننگر صاحب جا سڀ جا سڀ ڪتاب جلد ڇپجي پڌرا ٿيندا ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سونهن ۾ واڌارو ڪندا. .

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۱ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment