عبدالواحد سومري جي ناول
مس ڪال جو اڀياس
وحيدمحسن
پاٺڪ ۽ نقاد ڪجھ سال اڳ ۾ چوندا
ھئا ته سنڌي ادب ۾ ناول جي تمام گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جنهن تي ڪم ڪرڻ جي اشد
ضرورت آهي انهيَ ڳالهه کي سنڌ جي اديبن ۽ ڪھاڻيڪارن اڃان به وڌيڪ سنجيدگيء سان ان
طرف ڌيان ڏنو؛ ادبي محفلن ۾ ان تي بحث مباحثا ٿيڻ لڳا جنهن جي ڪري سنڌي ڪھاڻيڪارن
پنهنجو اولين فرض سمجهندي ناول لکڻ شروع ڪيا ان سان گڏ شاعرن به ناول لکيا جنهن ۾
ايوب کوسو به شامل آهي ۽ محمد علي پٺاڻ ڪوتا ناول لکي نئون تجربو ڪيو اھو ڪيتري
قدر ڪامياب ويو آهي ان تي به نقادن کي لکڻ جي ضرورت آهي ۽ ھاڻوڪي ادبي وايو منڊل
۾ موجوده ڪھاڻيڪارن مان بيدل مسرور؛ رسول ميمڻ؛ اسحاق انصاري؛ اڪبر سومرو؛ ممتاز
بخاري؛ ڪليم ٻٽ؛ حسيب ڪانھيو؛ انور شيخ؛ اختر حفيظ؛ منير چانڊيو؛ انور ڪليم؛ رزاق
سھتو شامل آهن ان کان علاوه ٻيا به ناول نگار اڀري آيا آهن ڪجھ ٻاھرين ادب جا ناول
به ترجمو ٿيا جنهن سان ناول کي ھٿي ملي انهن سان گڏ عبدالواحد سومرو به ناول نگاري
۾ پنھنجا جوھر ڏيکارڻ لڳو آهي سندس پھريون ناوليٽ ايلسا ۲۰۲۰ع ۾ ڇپيو جنهن کانپوءِ جلد وري “مس ڪال “۲۰۲۱ع اوھان جي ھٿن ۾ آهي -
