جڳاڙي
(ننڍڙي ڪهاڻي)
عبدالرافع شيخ
اڄ، سورھن سالن کان
پوءِ پنهنجي يونيورسٽي جي بکن ڏکن ۾ گڏ رهندڙ دوست سان ملي رهيو هيس، سندس هڪ ايڪڙ
تي ٺهيل محل جهڙي عاليشان گهر کي ڏسي ان جي ٻڌايل موڪلن ۾ هاسٽل تي رهڻ جو سبب ياد
اچڻ لڳو، چيو هيائين؛ “موڪلن ۾ گهر ويندس ته هڪ ڪمري جي گهر ۾ ٻين ڀاتين کي سوڙهه ٿيندي
ان ڪري هت هيڏي وڏي هاسٽل ۾ اڪيلو مزي سان رهيو پيو آهيان.“
