وڏن کان ٻڌل ڳالھ
غلام رباني آگرو
ڳالھ ڪندا آهن ته
گهڻا گهڻا سال اڳي، شام ملڪ جي دمشق نالي شهر ۾، محمد نالي هڪ موچي هو، جو پنهنجي
سٺي سُڀاءَ ۽ مهمان نوازيءَ سببان سڄي شهر ۾ مشهور هو. انهيءَ
موچيءَ جي پاڙي ۾ هڪڙو شاهوڪار رهندو هو، جو وري پنهنجي ڌن دولت ۽ بخيليءَ سببان
شهر ۾ مشهور هو.
