Showing posts with label ململ جو چولو، مختصر ڪھاڻي، عثمان علي انصاري،. Show all posts
Showing posts with label ململ جو چولو، مختصر ڪھاڻي، عثمان علي انصاري،. Show all posts

Sunday, October 9, 2022

ململ جو چولو - عثمان علي انصاري

ململ جو چولو

(مختصر ڪھاڻي)

عثمان علي انصاري



“مون اها شادي پنهنجي پسنديءَ تي ته ڪا نه ڪئي هئي!” انور پنهنجي شرمساري لڪائيندي منهن هيٺ ڪري چيو. جنهن تي سندس ٻين دوستن جي ترجماني ڪندي قاضيءَ چيو، “بهتر ٿئي ها جو هن پوئينءَ بيمروتيءَ کان شروعات ۾ شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏين ها. آخر قبوليت ته تو کان ورتي هوندائون: انهيءَ وقت ڇو ڪين ٿي چيئه ته هيءَ ڇوڪري منهنجي پسنديءَ جي نه آهي، تنهنڪري آءٌ قبول نٿو ڪريان؟ ڪين انهيءَ زماني ۾ ڇاڪاڻ ته پاڻ فقط پندرهن رپين ڪمائڻ وارو هڪ ناڪارو شخص هئين، تنهنڪري زبيده سان شادي ڪندي تو پاڻ کي ڪس نٿي سمجهي، ۽ هينئر جڏهن وڏا امتحان ڏيئي آفيسري هٿ ڪئي اٿيئي ته سمجهين ٿو ته زبيده تنهنجي شان وٽان نه آهي!”