Monday, August 7, 2017

اديبن جا قسم - امام راشدي

اديبن جا قسم
سڀڪو پنهنجو پاڻ سُڃاڻي
امام راشدي
اديب سماج جو خيرخواه ۽ آئيڊيل هوندو آهي. اديب جي اهميت، سياست يا صحافت کان مٿانهين آهي. ڇاڪاڻ ته ادب قومن جي ميراث ۽ سڃاڻپ هوندو آهي. اديب جي اهميت، دنيا ۾ تسليم ٿيل آهي. ادب، قومن جي عُروج ۽ زوال سان گڏ، انقلابي عمل ۾ ڀرپور ڪردار ڪندو رهيو آهي. اديب، سماج کي سُڃاڻپ ڏيندو آهي. هُو امن، محبت ۽ پيار جو پيامبر بڻجي، زندگيءَ ۾ خوشيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.


اديب، قومن جو نمائندو هوندو آهي. اديب، معاشري جو هڪ حَساس، متحرڪ ۽ منفرد ڪردار رهيو آهي. سڄي دنيا جا اديب، پنهنجي سُندر سوچن ۽ خوبصورت خيالن جي ڪري، دنيا کي خوشحاليءَ جو درس ڏيندا رهن ٿا. پر ان جي برعڪس، سنڌي اديب جي سوچ ۽ خيال، مثبت نه رهيا آهن. سنڌي ادب ۾، اديب جو ڪردار غير سنجيده ڏسجي ٿو. هُو سٺو لکي، ادب جي آبياري ته ڪري سگهي ٿو، پر پنهنجي ڪردار کي اديب جي موافق نه بڻائي سگهيو آهي. اديب جو ڪردار نرالو هجڻ کپي، پر افسوس جو سنڌي اديب، پنهنجي ڪردار کي وائڙو بڻائي ڇڏيو آهي. اديب ته اديب ئي ٿيندو آهي، پر سنڌي ادب، خوشنصيب آهي جو ان کي ڪيترن ئي قسمن جا اديب مليا آهن.
1. وڏا اديب:
وڏا اديب قد ڪاٺ يا ويڪر سيڪر جي ڪري وڏا ناهن هوندا، بلڪ وڏا اديب وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن. ڏسڻ ۾ به عام ماڻهن جيان ايندا آهن. خاص ڪري وڏن شهرن ۾ رهڻ وارا ۽ سُوٽ بُشرٽ پائي گهمڻ ڦِرڻ وارا پاڻ کي وڏو اديب سمجهندا آهن. هن قسم جا اديب پرڏيهي اديبن ۽ شاعرن جا حوالا ڏئي ۽ ڳالهيون ٻڌائي عام ماڻهن ۽ اديبن تي پنهنجي وڏي اديب هجڻ جو اثر ويهاريندا رهندا آهن. اهڙن اديبن کي سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي ڄاڻ گهٽ ۽ نه هجڻ برابر هوندي آهي. ڇو ته هُو سنڌي ادب پڙهڻ پنهنجي توهين سمجهندا آهن. تنهن ڪري هُو سمجهه کان ٻاهر ڳالهيون ڪري پاڻ کي وڏو اديب ڀانئيندا آهن.
2. ننڍا اديب:
ادب جي دنيا ۾ ننڍو اديب انهن کي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي ٻاراڻو ادب تخليق ڪن ٿا. يا اهڙن اديبن کي ننڍو اديب سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي بي پهچ، بي سَهارا ۽ مالي ۽ جاني حوالي سان واقعي غريب هجن. ان کانسواءِ جيڪي ننڍن ٻارن لاءِ ادب لکن ٿا، اهي ننڍا اديب سڏجن ٿا. ننڍن اديبن کي ادب ۾ ڪو خاص مقام حاصل ناهي هوندو. ڇو ته انهن جو لکيل ادب تمام گهٽ پڙهيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ننڍن اديبن جو ويليو گهٽ آهي. ٻيو ته ٻاراڻي ادب کي سنڌي ادبي تاريخ ۾ هميشه نظرانداز ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اهڙي ادب جي سنڌي ادب ۾ ڪا به اهميت يا مقام ناهي هوندو!
3. درٻاري اديب:
درٻاري اديبن جو هي قِسم وڏي ٺاٺ ٺانگر ۾ رهندو آهي. ائين سمجهو ته هِنن جون ڏهه ئي آڱريون گيهه ۾ آهن. پنهنجي خوشامدڙيانه شعرن ۽ لفظن جي جَڙاوت سان بادشاهن ۽ حاڪمن جي جائز ۽ ناجائز پيا تعريف ڪندا آهن ته جيئن اُهي به مٿن مهربان ٿي نوازشون ڪري کين انعامَن ۽ اڪرامن سان نوازيندا رهن. اهو سلسلو ازل کان جاري آهي، توڙي جو اڄ جي دؤر ۾ بادشاهه يا درٻارون ته ڪونهن پر وزير، مشير، پير ۽ مير ته موجود آهن. جن جي بنگلن، آفيسن، اوطاقن ۽ محفلن ۾ درٻاري اديب، ديرو ڄمايون ويٺا هوندا آهن ۽ پنهنجي ڪِرت کي لڳا پيا آهن.
4. سرڪاري اديب:
اديبن جو هي قسم سرڪاري نوڪريءَ وارو ليکيو وڃي ٿو. اِهي سرڪاري نوڪري به رکن ٿا ته پنهنجي حرفت سان سرڪار تائين رَسائي حاصل ڪري، پنهنجا ڀاڳ ڀلا بڻائيندا به رهن ٿا. کين هر سرڪاري تقريب، غير ملڪي يا ملڪي ادبي دؤرن تي وڃڻ جا موقعا ملندا رهن ٿا. ڪنهن به سرڪاري آفيسر، وزير يا مشير جو سيڪريٽري بڻبو يا انهن کي ڪن خاص موقعن تي تقريرون لکي ڏيندو. سرڪاري اديب کائيندو به سرڪار جو ته گيت به سرڪار جا پيو ڳائيندو. هُو سرڪاري ادبي ادارن تي پنهنجو اثر رسُوخ هلائي پيو پنهنجو گهر ڀريندو رهندو آهي ۽ ان سان گڏ يارن دوستن تي به نوازشون ڪندو رهندو آهي، مطلب ته سرڪاري اديبَ وڏي مزي ۾ آهن.
5. زورَ جا اديب:
اديب ته اديب ٿيندو آهي. اهو زور سان يا زَرِ سان، اديب ناهي ٿيندو. پر اسان وٽ وري زور سان اديب ٿيڻ جو رواج عام جام آهي. زورَ واري اديب جو ڪو به ادبي بُڻ بُڻياد نه هوندو آهي، ڇو جو منجهس ادبي جراثيم هوندا ئي ڪونهن. جنهن ڪري هُو نه سُٺو لکي سگهندو آهي ۽ نه سٺو ڳالهائي سگهندو آهي. لفظن جي حُرمت، جملن جي ادائگي ۽ ادبي فن کان اڻڄاڻ اهڙا زور جا اديب عام جام ملن ٿا. اهي ويچارا لڪير جا فقير، ادبي دنيا ۾ داڦوڙا هڻندا رهندا آهن.
6. غريب اديب:
اديبن جو هيءُ قسم سدائين آزار ۾ رهندو آهي. غريب اديبن ۽ شاعرن وٽ ڏات، ڏانءُ ۽ فن ته وڏو هوندو آهي پر بي پهچ ۽ نِه-ڌڻڪا هوندا آهن، تنهن ڪري کين ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ هميشه نظرانداز ڪيو ويندو آهي. نه صرف ايترو پر غريب اديبن جا ڪتابَ پڻ ڪو به نجي يا سرڪاري ادارو ڇپائڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهڙا غريب اديب، سدائين مُفلسيءَ ۾ گذاريندا آهن. ادبي دنيا ۾ انهن جو ڪو به اوهي واهي ناهي هوندو.!
7. چورَ اديب:
اديبن جو هي قسم ڌاڙا، ڦُريون يا چوري چَڪاري ته ناهي ڪندو، البت ٻين شاعرن ۽ اديبن، خصوصن مرحوم اديبن جون تخليقون چورائي، انهن تي لفظن ۽ جملن جي اِستري گهُمائي، پنهنجي نالي سان شعر ۽ ڪهاڻي لکي ڇَپائيندا آهن. اهڙن چور اديبن کي ڪو به چوَڻ آکڻ وارو ناهي هوندو ۽ چور اديب اهڙو ڪُڌو ڪم وڏي دليريءَ سان ڪندا رهندا آهن.
8. ڦَـڏائي اديب:
ادب ۾ ڦَڏو ۽ فساد ته ٺهندو ئي ناهي، پر اديب ڦَڏائي ضرور ٿين ٿا. ڦَڏائي اديبن جو نظريو هوندو آهي ته؛ اديب ته ڦڏو، نه ته جڏي جو جَڏو. اهڙا اديب ادبي محفلن، ڪانفرنسن يا ادبي گڏجاڻين ۾ ڦڏو ضرور ڪندا آهن. هُوڪريا ڪرڻ، نعرا هڻڻ، ٽوڪون ۽ ٺَٺوليون ڪري  محفلن ۾ مانڌاڻ مَچائيندا آهن.
9. بي خبر اديب:
اديبن جو هيءُ قسم هميشه انڌ جي گهوڙيءَ تي سوار هوندو آهي. ٻه آزاد نظم، پنج ڇَهه نثري نظم لکي، پاڻ کي باقاعدي شاعر ۽ اديب سمجهڻ لڳندا آهن. پر انهن کي ادب جي الف جي ۽ شاعريءَ جي ش جي خبر به ناهي هوندي. اهي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهندا آهن ۽ پاڻ کي باخبر سمجهندا آهن، پر هوندا بي خبر اديب آهن.
10.               عاشق اديب:
اديبن جو هي ٽولو عشق ۾ انڌو هوندو آهي ته پنهنجي لکڻين کي به عشق جي چاشنيءَ سان ڀرپور رکندو آهي. هي اهڙن ادبي پروگرامن ۾ ڪُڏ ڏئي ڪاهي پوندو آهي جنهن ۾ عورتن جو تعداد گهڻو هجي! اهڙا عاشق مزاج شاعر، عاشقيءَ جي چَڪر ۾ وتندا آهن عورتن جي آڏو پوزنگ ڪندا. عشقيه شاعريءَ جو چَسڪو ورتيون، لُور لُور ڪندا وتندا آهن.
11.               شُهرت جا بُکيا اديب:
اديبن جو هي قسم چاهيندو آهي ته منهنجو ناماچار هميشه بُلند هجي. پوءِ اهو جائز هجي يا ناجائز ئي ڇو نه هجي. اهڙا اديب مرڻو به کائيندا آهن ته پرڻو به کائيندا آهن. ان کان سواءِ اھي، ادبي ڦڏن، فسادن ۽ جهيڙن جهڳڙن ۾ ڪُڏ ڏئي ڪاهي پوندا آهن ته جيئن سندن واه واه ٿئي. هي جهيڙو ڪرائي به ڄاڻن ته جهيڙو ٽارائي به ڇڏيندا آهن.
12.               گليمر اديب:
اديبن جو هي قسم هميشه خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهندو آهي. پاڻ کي ٽِپ ٽاپ رکيون، سدائين مَکيا چَکيا، ڀلا ڪپڙا پايون، پاڻ کي ڪنهن ٺاهوڪي اديب وانگر سمجهندا آهن. ڪتاب هٿ ۾ کنيون، اسٽيج تي اچي بيهندا آهن ۽ پيا پوزَ هڻندا آهن.
13.               ڪئسيٽي اديب:
اديبن جو هيءُ قسم، ادب ۽ اخلاق جون هَڙ ئي حدون اورانگهي ڪئسيٽي شاعر يا اديب بڻبا آهن. ڪئسيٽي شاعر يا اديب وري، اصلي شاعرن ۽ اديبن کي مڃيندا ئي ناهن. اهي وَلگر ۽ واهيات-پڻو ڦهلائي، خلق کي پيا گمراهه ڪندا آهن. اهڙن شاعرن ۽ اديبن جو؛ نه ماضي موچارو، ۽ نه مستقبل موچارو هوندو آهي.
14.               قبرستاني اديب:
هي اديب مرڻو به کائيندا آهن ته پرڻو به کائيندا آهن. هي سدائين اهڙن اديبن ۽ شاعرن تي ڪَرڙي نظر رکندا آهن، جيڪي بيمار يا مرڻ جي ويجهو هوندا آهن. اصل ۾ هي مُـئل اديب تي مضمون، مقالا ۽ تاثرات تيار ڪيون ويٺا هوندا آهن. پوءِ شل نه ڪو اديب وفات ڪري، اهڙو ته مضمون لکندس جو سمجهبو ته انهن کانسواءِ مرحوم اديب ڪو به ڪم ڪار نه ڪندو هو. اهڙن تيار ٿيل مضمونن ۽ مقالن ۾ نالا ۽ ٻي گهُربل معلومات ڀري مقالو تيار ڪري وٺندا آهن. اهڙا قبرستاني اديب سنڌ ۾ عام جام ملي سگهندا.
15.               پَرائي مال وارا اديب:
اديبن جو هي ٽولو بي صلاحيت، ناڪاره ۽ هميشه پرائي مال تي مارو ڪري، وڏا اديب بڻبا آهن. اهڙا هٿرادو اديب، جن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري صلاحيت بلڪل نه هوندي آهي، اهي وري پراوَن توڙي پنهنجن اديبن جون ڪهاڻيون، شاعري، مقالا ۽ مضمون گڏ ڪري، ڪتاب ڇپائيندا آهن ۽ پاڻ کي وڏو اديب سمجهي، اچي اديبن جي صَف ۾ شامل ٿيندا آهن. پراين لکڻين جا مُرتب بڻجي، پاڻ کي اديب سمجهڻ وارا، سدائين احساسِ برتري ۾ مبتلا رهندا آهن.
16.               استحصالي اديب:
استحصالي اديب، ادب ۽ اديبن لاءِ ائين آهن، جيئن ڪاٺَ لاءِ اڏوهي. اديبن جو هي قسم ٻين اديبن جا حق ڦٻائي، پنهنجو ڀلو چاهيندو آهي. ڏات ۽ ڏانءَ، علم ۽ ادب جي ڄاڻ، گهٽ رکندي به پاڻ کي نامُور اديب تصور ڪندا آهن. پنهنجو سکڻو رعب تاب ۽ سياسي اثر رسُوخ هلائي ٻين اديبن جو استحصال ڪندا رهندا آهن. وزيرن، مشيرن، اعليٰ سرڪاري عملدارن جي خوشامد ڪندي، انهن جي شان ۾ شعر، قصيده ۽ مضمون لکي، انهن جي خوشنودي حاصل ڪندا رهندا آهن.
17.               چريا اديب:
اديبن جو هيءُ قسم، گدو بندر واري چرين جي اسپتال مان ڀڳل ٽولو ته ناهن، پر افعالن ۽ اسٽائيلن مان چريا لڳندا آهن. وار وڏا، مڇون وڏيون، عينڪ اکين تي، پرڪارن مان ائين لڳندا ته، گدو بندر جا ڀاڳيلا آهن. اهڙن اديبن جو روپ ته چرين جهڙو هوندو آهي، پر هوندا شاعر ۽ اديب آهن. هي دنيا جهان کان ۽ ماڻهن کان به ڪٽيل رهندا آهن، تنهن ڪري انهن کي چريو اديب تصور ڪيو وڃي ٿو.
18.               گمنام اديب:

انتهائي شريف ۽ ناماچار کان دور رهندا آهن ۽ پنهنجي دنيا آباد ڪيون ويٺا هوندا آهن. شوق خاطر لکندا آهن، پر پاڻ کي ظاهر ڪرڻ يا خوار خراب ڪرڻ کان صفا لنوائيندا آهن، تنهن ڪري گمنام سڏبا آهن. اهو نه وسارڻ گهرجي ته مان به هڪ اديب آهيان.

No comments:

Post a Comment