Friday, August 18, 2017

سخاوت ته حاتم طائيءَ جي - انجنيئر محمد عرفان

سخاوت ته حاتم طائيءَ جي
(نصيحت آموز ڳالھ)
انجنيئر محمد عرفان
حاتم طائيءَ کان ڪنهن پڇيو؛ ”توهان ڪڏهن ڪنهن جي سخاوت تي متاثر يا لاجواب ٿيا؟ يا پاڻ کي ان کان گھٽ محسوس ڪيو؟“


”ھا.“ حاتم طائي وراڻيو؛ ”هڪ دفعي، سفر ۾ رات پئجي وئي. رستي تي هڪ ڳوٺ هيو. اتي يارھن ٻارھن سالن جي هڪڙو نينگر مليو. جنھن کي چيم؛ ’تنهنجو مهمان آهيان، رات بسر ڪندس ۽ ماني به کائيندس.‘ ڇوڪر، پنهنجي گهر وٺي آيو ۽ مهمان خاني ۾ ترسايائين. منهنجي لاءِ هڪ ڇيلو ڪٺائين. ان جي هر عضوي جو گوشت منهنجي آڏو رکيائين. مون کي ڇيلي جو مغز وڻندو آھي. مون ان جي تعريف ڪئي. مون ڏٺو ته ھو مھمان خاني مان نڪري ويو ۽ ٿوري دير پڄاڻان، مون وٽ ڏھن ڇيلن جي مغزن جو ٻوڙ تيار ڪري کڻي آيو ۽ کائڻ لاءِ پيش ڪيائين. مون ۽ منھنجي ساٿين اھو کائي، رات جو آرام ڪيو. صبح جو موڪلائڻ وقت، مون ڏٺو ته ڏھ ڇيلا، بنا منڍيءَ جي ليٽيا پيا ھيا. جن جا فقط مغز ڪڍي، هن اسان لاءِ تيار ڪرايا ھيا. اھو لقاءُ ڏسي، پڇا ڪيم. جنھن تي خبر پئي ته اھو ڇوڪر يتيم به آهي ۽ سندس ڪل ميراث اها هئي. مان ان جي سخاوت مان ڏاڍو متاثر ٿيس. يڪدم مون کيس سڏائي پڇيو ته؛ ’ائين ڇو ڪيئي؟‘ چيائين؛ ’تون منهنجو مهمان آهين، منهنجي دل چاهيو ته تنھنجي دل رکان.‘ پڇيومانس؛ ’مون کي سڃاڻين ٿو؟‘ ورندي ڏنائين؛ ’مان تو کي سڃاڻان به نه ٿو.‘ بھرحال ان ڇوڪر مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو.“
سوال ڪرڻ واري حاتم طائيءَ کان وڌيڪ پڇيو؛ ”توهان ان ڇوڪر کي، پوءِ ڇا ڏنو؟“

”مون کيس، سؤ اٺ ۽ سئو ٻڪريون ڏنيون. پر ڏيندي به شرمساري پئي ٿي.“ حاتم طائيءَ پنھنجي راءِ کي وزندار ڪندي چيو؛ ”ھن مون تي وڙ تڏھن ڪيو ھيو، جڏھن ھو مون کي سڃاڻندو ئي ڪو نه ھيو. مون کيس اھو مال تڏھن ڏنو ھيو، جڏھن سندس مھماني کائي ويٺو ھيس. مون پنھنجي مال مان ٿورو ذرو کيس ڏنو ھيو. ھن پنھنجي اڪي ميڙي مون تي قربان ڪري ڇڏي ھئي.“


(انجنيئر محمد عرفان جي فيس بوڪ واري وال تان ٿورن سسان کنيل)

No comments:

Post a Comment