Sunday, August 6, 2017

هاريا ويڄ مياس - رئوف عباسي

هاريا ويڄ مياس
هدايت منگيءَ جو ادبي فن پارو
رئوف عباسي
لکڻ جو ڪارج اڄ جي دور ۾ ذاتي نمائش کان وڌ ناهي رهيو. هي دور ڪو سعادت حسن منٽو ۽ عصمت چغتائيءَ جو ناهي رهيو جو ڪو انهن ليکڪن جي لکڻين کي پڙهي، تبصرو يا تبرو ڪري، آخر ۾ کين ڪورٽ سڳوريءَ ۾ گهلي وٺي وڃي. ادب ۾ مزاحمت جو باب بند ٿيو. باقي لکڻ وارا لکندا رهندا، پڙهڻ وارا پڙهندا رهندا.
چاچو هدايت منگي، هڪ روشن ضمير، صحافتي دؤر جو زندهه جاودان ڪردار هو. هو جتي رهيو، جنهن سان رهيو، مڪمل وابستگيءَ سان رهيو.


هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو به آ، مختصر ڪليات به آ ۽ منگي ڀائرن جو گڏيل ورثو به آ. ڀائو عزيز منگيءَ، پنهنجي والد جي ادبي پورهئي کي اڏوهيءَ کان بچايو، ان جي زندگيءَ جي ادبي ڪارگذاريءَ کي ادبي دوستن ۽ ادبي نقادن جي آڏو آندو.
عزيز منگيءَ، مهاڳ ۾ چاچي هدايت منگيءَ تي تمام چڱيءَ نموني جامع ۽ سٺي انداز ۾ لکيو آهي. مهاڳ-نما-پروفائيل ۾ هدايت منگيءَ جي جنم کان وفات تائين، مڪمل بايوڊيٽا کي نروار ڪيو ويو آهي.
هدايت منگيءَ کي وفات ڪئي اوڻويھ ورهيه گذري چڪا آهن. ان کانپوءِ هي ادبي فن پارو منظر تي آيو آهي.
ماستري گهڻن ليکڪن/ شاعرن/ ڪويتا-ڪارن کي مڪمل شهرت ۽ ذاتي آسائش نه ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو پروين شاڪر هجي، ڪيهر شوڪت هجي، قمر شهباز هجي، يا فقير محمد لاشاري، انهن سڀني بنا ڪنهن نتيجي ۽ بنا ڪنهن سبب جي ماستريءَ مان پنهنجي جند آجي ڪرائي. جنهن قوم (سنڌي) جي هونهارن جا والدين، ڇهين ٻارهين مهيني کانپوءِ به، پنهنجي هونهارن لاءِ اسڪول ۾ اچي سندن ڪارڪردگي نه جاچين ته سندن هونهارن جي پڙهائيءَ جو معيار ڇا آهي؟ ان قوم جو ترقيءَ جي سفر ۾ اڳتي وڌڻ ڏکيو آهي.
هدايت منگيءَ جي ڪهاڻين جي ڀاڱي ۾ ڪهاڻيون آهن؛ ڪي طويل، ڪي مختصر. سندس ڪهاڻين ۾؛ سماجي حقيقت نگاريءَ جا اولڙا، چٽا پٽا نظر اچن ٿا. هو، باريڪ-بين-نگاهه رکندڙ قلمڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾، ٻهراڙيءَ جو ماحول، شهري ماحول، طبقاتي متڀيد، مذهبي ڀيد ڀاوَ جهڙا اڪيچار ڪردار ملندا. زندگيءَ جا ٽي حصا، هو ڪراچيءَ ۾ رهيو. ان جي باوجود، ڳوٺ جي ڳلين سان سندس چاهه نه گهٽيو. ٻوليءَ جي ادائگي، اچار، گرامر ۽ لهجي جي درستگيءَ ۾ هو، هڪ استاد قلمڪار هو. مجموعي جي پهرين ڪهاڻي به ”وس ته ورن سپرين“ ڳوٺاڻي پس منظر ۾ لکيل، هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي. ان ۾ هڪ ڀاڳيلي جي زال کي، آسروند ڏيکاريو ويو آهي. وقت ۽ حالتن جي جبر، کيس ڌاڙيل ڪري ڇڏيو آ.
ڪهاڻي: سوال
هڪ منافق ڪردار جي چوڌاري گهمي ٿي. سفيد پوش، ملازم پيشه، جيڪو ذاتي هوس لاءِ، هڪ باگڙياڻي کان به نه ٿو مڙي. ٻنهي ڪردارن جي بهترين منظر نگاري ڪئي وئي آ.
ڪهاڻي: آٿت
هيءَ ڪهاڻي بنگال جي ناريءَ تي لکيل آ، جنهن سان مڙس جو سٺو سلوڪ ناهي. ڪراچيءَ جهڙي شهري ماحول ۾ ناريءَ جي داخلي حالتن کي بيان ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻي: دل جي مرڪ :
هيءَ راجا اندر جي راج ڀاڳ کي ظاهر ڪري ٿي. راجا اندر؛ جيڪو اڇي ڪاري جو مالڪ آ. هن ڪهاڻيءَ ۾ هيٺئين طبقي جي باغي ڪردار جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي فنڪارانه انداز سان چٽيو ويو آهي
ڪهاڻي: زرينه:
هن ۾ عورت جي داخلي ڪيفيتن کي فوڪس ڪندي، ليکڪ شهري زندگيءَ جي عورت جي نفسياتي پاسن کي ڏاڍو بهتر انداز ۾ نمايان ڪيو آهي.
ڪهاڻي: پارٽنر :
مختلف حوالن کان، مختصر پر تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. ڪھاڻيءَ جو مک ڪردار جرئت ۽ همت وارو آهي.
ڪهاڻي: مسجد جو نقشو :
مختصر پر تاثر ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي. منجھس مذهب جي نالي تي داداگيري ۽ پيداگيري ڪندڙ ماڻھوءَ جي ڪردار کي وائکو ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڄڻ، رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جهڙن متوالن جي گفتن کي، نشانبر ڪيو ويو آهي.

هدايت منگيءَ جو فن ۽ شخصيت، هڪ جينئس جي سڃاڻپ لاءِ ڪافي آهي.

No comments:

Post a Comment