Saturday, August 12, 2017

”....“ کان پھرين ۽ پوءِ! - مٺل جسڪاڻي

.... کان پھرين ۽ پوءِ!
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
.... جو مطلب؛ شادي قطعي ڪونھي! يعني ان کي، ”شاديءَ“ کان پھرين ۽ پوءِ، نه پڙھبو. البته خال کي اگر ڀربو ته، اتي لفظ چونڊ ايندو!
 تازي چونڊ ڀلي ته س ا س جي مرڪزي چونڊ ٿي آھي، پر ضروري نه آھي، ته س ا س جي ميمبر ۽ غير ميمبر شاعرن ۽ اديبن، دانشورن ۽ مبصرن وانگر آئون به ڪو ان حوالي سان پيو لکان. نه! ائين نه سمجھو ته بھتر! پر جي ائين سمجھو، ته به راض-وارا آھيو!


آئون عام چونڊن يعني يونين ۽ ضلع ڪائونسل يا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊ تي قطعي نه پيو لکان. ڇو جو اھو موضوع مون کان گھڻو مٿي جو ۽ ڏکيو آھي.
بس، چونڊ جي ڳالھه آھي. حجام يونين، درزي يونين، بلڪ اھڙي ڪنھن به يونين جي چونڊ جي ڳالھه نه آھي. ڇو ته آنه حجام، نه درزي، نه واڍو، نه رازو، نه ڪنڀار، نه لوھار. ان ڪري اھڙي ڪنھن به يونين سميت، آڪنھن جو قرضي به نه آھيان. ان ڪري قرضي يونين جي چونڊ جو به ڪو ذڪر ڪونھي. بس فرضي چونڊ جي ڳالھه آھي!

ڳالھه ڪجھه ان ريت آھي ته چونڊن کان اڳ فون ڪري، ھُن جنھن کي ڪچيون گاريون ڏنيون، چونڊ ويجھو آئي ته ان ساڳئي فون ڪري، جنھن کي گاريون ڏنيون ھئائين، ان جو ورڪ ڪندي، ووٽ وٺي ڏيڻ جو چيائين.

No comments:

Post a Comment