Showing posts with label ”....“ کان پھرين ۽ پوءِ، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts
Showing posts with label ”....“ کان پھرين ۽ پوءِ، مختصر ڪھاڻي، مٺل جسڪاڻي،. Show all posts

Saturday, August 12, 2017

”....“ کان پھرين ۽ پوءِ! - مٺل جسڪاڻي

.... کان پھرين ۽ پوءِ!
(مختصر ڪھاڻي)
مٺل جسڪاڻي
.... جو مطلب؛ شادي قطعي ڪونھي! يعني ان کي، ”شاديءَ“ کان پھرين ۽ پوءِ، نه پڙھبو. البته خال کي اگر ڀربو ته، اتي لفظ چونڊ ايندو!
 تازي چونڊ ڀلي ته س ا س جي مرڪزي چونڊ ٿي آھي، پر ضروري نه آھي، ته س ا س جي ميمبر ۽ غير ميمبر شاعرن ۽ اديبن، دانشورن ۽ مبصرن وانگر آئون به ڪو ان حوالي سان پيو لکان. نه! ائين نه سمجھو ته بھتر! پر جي ائين سمجھو، ته به راض-وارا آھيو!