Sunday, August 6, 2017

بي اي سي - مٺل جسڪاڻي

بي اي سي
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
دعا سلام بعد تعارف جو سلسلو شروع ٿيو ته مون واري پراڻي دوست، ساڻس گڏ آيل نوجوان جو تعارف ڪرائيندي چيو؛ ”ھن عمر ۾ به غزل جو بھترين شاعر آھي. سندس نظم به شاھڪار آھن. پاڻ تعليم ۾ به ’بي اي سي‘ آھي.“
مون ’بي اي سي‘ لفظ ٻُڌي، حيرت مان پڇيس؛ ”ڇا؟ ’بي اي سي‘؟“


”جي، ھا!“ منھنجي دوست جي جواب ڏيڻ کان اڳ، ساڻس گڏ آيل نوجوان، يڪدم وچ ۾ ٽپو ڏيئي چيو؛ ”ڪاليج سائيڊ تي ’بي اي سي‘ ڪئي اٿم.“

مون، واري واري سان، ٻنھي جي مُنھن ڏانھن نھاري، سندن اکين ۾ اکيون ملائي، ڪجھ چوڻ پئي چاھيو. ان کان اڳ، مون واري آيل مھمان دوست، وضاحت ڪندي چئي ڏنو؛ ”يونيورسٽين ۾ ’بي ايس سي‘ ۽ ڪاليج سائيڊ تي ’بي اي سي‘ ئي ٿيندي آھي.“

No comments:

Post a Comment