Sunday, February 19, 2023

سماجُ، ڪَھاڻيون-اُڻتِ کان فِڪري گهَرائي تائين - خليق ٻگهيو

سماجُ، ڪَھاڻيون-اُڻتِ کان فِڪري گهَرائي تائين!

ادبي تنقيد - غلام علي اڄڻ جو ڪھاڻي-ڪتاب ”خوابن جي خودڪشي“

خليق ٻگهيو



ھونئن ته زندگي گهڻ رُخي يا گوناگون آھي، پر ڪنهن هڪ رخ کان جيڪڏهن زندگيءَ جي تصوير ڇِڪڻي آھي ته پوءِ اھڙي اظھاريت لاءِ ڪھاڻي ئي بھترين صنف آھي. ڪھاڻي، زندگيءَ جي هڪ واقعي ۽ اُن جي نتيجي کي دائري اندر آڻي، نه صرف پڙھندڙ جي خيالن کي سيراب ڪندي آھي. پر تفريح، وندر ۽ جمالياتي حِظ پڻ بخشيندي آھي. تنقيدي ادب جي اصولن موجب، جيڪڏھن ڪنهن به ڪھاڻيءَ ۾ ڪو پيغام وصول ٿئي ته اُھا ڪھاڻي وڌيڪ سگهاري هوندي آھي. ٻي صورت ۾ بي مقصد ڪھاڻي پاٺڪ جي وقت جو ذيان هوندي آھي. تخليقي ادب سرجڻ وقت، ڪنهن به تخليقڪار جي لاءِ ٻه رستا ٿين ٿا. ھڪ ته زندگيءَ جيئنءَ آھي، تيئنءَ ئي اُن کي پيش ڪيو وڃي، ٻيو ته زندگي ڪيئَن هجڻ گهرجي؟ ان جو خاڪو ڏِئي. اڪثر تخليقڪار زندگيءَ کي ”جيئنءَ جو تيئن“ پيش ڪن ٿا. صرف ٿوري افسانويت جي مقدار سان اُھي تخليقن کي پڙھڻ لائق بڻائن ٿا. ٻئي طرف چند نظرياتي ڪھاڻيڪار پڻ آھن، جيڪي ڪھاڻين ۾ زندگي ڪيئنءَ هجڻ گهرجي؟ جا تصور ڏين ٿا. دراصل اِھڙا ڪھاڻيڪارَ، ڪنھن آدرش تحت لِکن ٿا. اُھي زندگيءَ کي ائينءَ بدشڪل، بي ترتيب، ويڳاڻو، ماريوس ۽ ناڪام ڏسڻ نٿا چاھين. غلام علي اڄڻ جون ڪھاڻيون ڪنھن حد تائين مختلف سماجي ۽ معاشرتي حالتن کي ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪن ٿيون.


سنڌي ڪھاڻيءَ جي تخليقي اوسر جي دوران سينئر ڪھاڻين کان متاثر ٿيندي، ڪيترا ئي نوجوان ڪھاڻيڪار پڻ پيدا ٿيا آھن، جن ڪھاڻيءَ جي فن تي طبع آزمائي پئي ڪئي آھي. اُھي نوجوان سِکيا وٺندي وٺندي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پنھنجي ڪھاڻين کي شايع ڪرائيندي، ڪھاڻي مجموعا ڏيڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويا آھن. . معيار الڳ سوال آھي، پر اُھي ڪنھن به طرح سندن ڪھاڻي-ڪتاب ڪنهن به طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي ادب ۾ اضافو ڪندي، ڪھاڻي-نويسيءَ جي اتهاس جو حصو بڻجي ويا آھن. توڙي جو سنڌ ۾ ڪھاڻيءَ جي فني سِکيا/ تربيت ڏيندڙ ماھر استادن جي کوٽ آھي ۽ ائينءَ لڳي ٿو ته ڄڻ ته ادب جي تخليقي ۽ تنقيدي اوسر جي نالي ۾ قائم ڪيل سنگتن جي ترجيح تخليقي ۽ تنقيدي ادب جي اوسر جي ابتڙ، روايتي ۽ مقامي اشوز ۽ ڦرندڙ ميڊيائي ڪشش ڏانهن مرغوب رھي آھي، تنهن هوندي به ڪي نوجوان تخليقڪار پنھنجي اندر جي طاقت، پنھنجي تخليقي صلاحيتن جي بنياد تي تخليقي سفر کي جاري رکيو اچن ٿا. اُھي پنھنجي همعصر ڪھاڻيڪارن کي پڙھي پاڻ پڻ ڪھاڻيڪار بڻجي ويا آھن. غلام علي اڄڻ پڻ هڪ اِھڙو ڪھاڻيڪار آھي. بقول سنڌ جي اھم ڪھاڻيڪار محمد صديق منگيو جي ته ”هُو ’هزار داستان‘ جي تخليقي دريافت آھي“. اھا هڪ حقيقيت آھي ته سنڌ ۾ موجود رسالن ماضي توڙي حال ۾ ليکڪ پيدا ڪيا. سوجهرو، امرتا، عبرت مئگزين، پرک، نئين آس ۽ ٻين رسالن سنڌي ليکڪن کي شايع ٿيڻ جو موثر موقعا ڏنا. سوجهرو ته ليکڪن جي وجود ۾ اچڻ ۽ پالنا جي وڏي ادبي نرسري هئي. وڌندڙ مھانگائي ڪري، هن وقت، ڪافي رسالا بند ٿي ويا آھن. سنڌي ادب ۾ تنقيد جي کوٽ اڃان تائين برقرار آھي. هاڻي جيتري رفتار سان تخليق ادب تخليق ٿئي پيو، اوترو ان تي اصلاحي ۽ تنقيدي مواد سامهون نه پيو اچي. هڪ طرفي واھ واھ ۽ دوستيءَ جي ڪلچر ۾ تنقيدي رايا لِڪيو وڃن ٿا. ٻيو ته مارڪيٽ ۾ پھچندڙ تخليقي ادب تي اتساھ به نه هئڻ جي برابر وڃي رھيو آھي. وڌندڙ مھانگائيءَ ته سنڌ جي محروم ۽ ڏتڙيل سنڌي سماج جي حسرتن تي رھندو ”پاڻي هاري“ ڇڏيو آھي. ادب سرجيندڙ ۽ شايع ڪرائيندڙ ڪاروان جي راھ ۾ پڻ ڄڻ ته ڪنڊا وڇائجي ويا آھن. اھڙي صورتحال ۾ شايع ٿيندڙ ڪتاب پڻ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ غنيمت ۽ ادبي سعادت آھن.

انهيءَ سموري تناظر ۾ نئين ٽھيءَ جي هڪ ڪھاڻيڪار غلام علي اڄڻ جي ڪھاڻي ڪتاب جو تنقيدي مطالعو ڪريون ٿا. غلام علي اڄڻ به ڪنب ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جو ڪھاڻي-نويس آھي. سندس ڪھاڻي سرجڻ واري ٽَھيءَ ۾ محمد دين راڄڙي، وفا صالح راڄپر، انور ڪاڪا، زاھد منگي، ميوارام نجار، عبدالغني شر، عبدالستار ٿھيم، حسيب ڪانھيو، امداد ڪانھيو، غفار سومرو ۽ ٻيا ڪھاڻيڪار شامل آھن. اھو مطالعو، انهيءَ جذبي ۽ مقصد سان آھي ته سندس تخليقي مواد کي پڙھندي، جيڪي ڪجهه سمجهي سگهجي، اُن کي ونڊجي ته من ڪا تنقيدي معنيٰ-خيزي ڪري سگهجي ۽ موجود تخليقي ادب کي دريافت ڪري، اُن جي مختلف پاسن جي چَڪاس ڪجي ته خوبيون ۽ خاميون ڪٿي ڪٿي آھن؟ اُھو ئي تنقيدي ادب جو فرض آھي.

غلام علي اڄڻ جو پھريون ڪھاڻي ڪتاب ”اعتبار جي آسمان تان..“ ٻه هزار ارڙنهن عيسويءَ ۾ ”ڪنول پبليڪيشن“ شايع ڪيو، سندس ٻيون ڪھاڻي ڪتاب ”خوابن جي خودڪشي“ ٻه هزار ايڪيهه ۾ پڻ ”ڪنول پبليڪيشن“ مان شايع ٿيو آھي. غلام علي اڄڻ جي هن ڪھاڻي مجموعي ”خوابن جي خودڪشي“ ۾ پندرهن مختصر ڪھاڻيون موجود آھن. ڪتاب جي ٽائيٽل پئنٽنگ عنوان سان بيحد مطابقت رکندڙ ضرور آھي، پر عنوان ۾ لفظ ”خود ڪشي“ معاشرتي لحاظ کان تعميري تصور نٿو آڇي. شروع ۾ ئي مايوسي، ڪتاب جي معاشي مستقبل توڙي سماجي تناظر ۾ بھتر سَئَوڻُ ڪونهي. غلام علي اڄڻ هن ڪتاب ۾ ”پنھنجي پاران“ پنھنجي ئي زندگيءَ جي ڏکن ۽ تڪليفن کي سُھڻي نمونيي اظھاريو آھي. ڪتاب جي بئڪ پيج تي الطاف ملڪاڻيءَ جو رايو ڏنل آھي. ڪتاب بنا مھاڳ جي آھي، جيڪا ڳالهه ٿوري عجيب لڳي ٿي، ڇاڪاڻ ته هر ڪتاب کي ”اصلاحي مھاڳ“ جي ضرورت هوندي آھي. . فني طرح سندس ڪھاڻيون ابتدا، وچ / عروج ۽ پُڄاڻيءَ تي منحصر آھن. سندس ڪھاڻين جا فني پاسا گهڻ-رُخا نه آھن، پر اِيترو آھي ته ڪِي ڪھاڻيون اينٽي ڪلائيمڪس پڻ آھي ۽ ڪِن ڪھاڻين ۾ ڪلائيمڪس ڪنهن هڪ اڌ سِٽ ۾ اڳواٽ اشاري طور موجود آھي، اڳواٽ ڪلائيمڪس ڏيڻ جي وقت هڪ ڪھاڻيڪار کي وڏي محتاط رھڻو پوندو آھي. اشاري ۾ ڪھاڻيءَ جو مڪمل نتيجو اڳواٽ نه ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ائينءَ ڪرڻ سان ڪھاڻي عدم دلچسپيءَ جو شڪار ٿي ويندي آھي.

غلام علي اڄڻ جون ڪھاڻيون فڪري طرح سنڌي سماج جي جاڳندڙ اتهاس جون عڪاس آھن. پڙھڻ ۽ سمجهڻ جي حوالي سان هي ڪھاڻيون نھايت آسان آھن. سندس ڪھاڻين ۾ ٻوليءَ جي سهنجائي يا عام ڪارهنوار واري سماجي لسانيات هر سطح جي پاٺڪ کي پاڻ ڏانهن مدعو ڪندڙ آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جهڙن عام ماڻهن جون ڪھاڻيون آھن. غريب ۽ پورھيت سندس ماڻهو سندس ڪھاڻين جا هيروز آھن. جن وٽ ٻن ويلن جي ماني ئي مسئلو آھي. جن جي خوابن جي ڪا به موثر تعبير ڪانهي. جيڪي محبتن کي باسَ سمجهي زندگيءَ کي داءَ تي لڳايو ڇڏين، جن جي خواھشن جا گهر هميشه ويران رھيا آھن، جيڪي حياتيءَ جي مڪملتا جا خواب ته پوکي سگهجن ٿا، پر راھون سندن لاءِ رھزن بڻجيو وڃن. سندس ڪھاڻي ”پنھنجو گهر “ ۾ هڪ پورهيت دڪاندار پنھنجي گهر ٺهرائڻ جي خواھش ٻَڌي ڪراچيءَ مان نھايت تڪليف سان ڪجهه ڪمائي ريل ۾ واپس ڳوٺ وڃي ٿو ته هڪ همراه کيس نشو ملايل جُوس پياري سندس کيسي مان سمورا گهر ٺهرائڻ وارا پيسا ڪڍي وڃي ٿو ۽ روهڙي اسٽيشن تي لهندي، جڏهن کيسي کي هٿ لائي ٿو ته ”ڪاريءَ وارا ڪک“ پَسي ٿو. سندس ڪردارَ، لُٽيل ڦريل، هيڪل وياڪل، تن تنها، حياتيءَ جو رَسُ ڳوليندڙ پر راھن ۾ اڻ-مڪملتا جو تاثر اُڀاريندڙ ڪردار آھن، جيڪي آرزوئن جي ڇانوُرن ۾ پلجي، عمل جي تيز وهڪري ۾ ڪنهن ٻئي پاسي لُڙهي وڃن ٿا. سندس ڪردارَ، سنڌي سماج جا اُھي ڪردارَ آھن، جيڪي حسرتون ڪندي حياتيءَ جي پلاٽ-ليس رُخن ۾ ڀيانڪ مُوڙن ڏانهن راھي ٿي ويا آھن. سندس ڪھاڻي ”اولڊ هوم“ سنڌي معاشرتي روين جي پڻ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته والدين ڪيڏا نه اولاد ٿيڻ ۽ انهن جي نيپاج لاءِ لوچين ۽ لوڙين ٿا، پر جڏهن اولاد وڏو ٿي شادي ڪري ٿو ته مائٽن کي زالن جي چَوڻ تي ”اولڊ هوم“ موڪليو ڇڏين. هن ڪھاڻيءَ مان تاثر اُڀاريو ويو آھي ته اسان جنهن سماج ۾ رھون ٿا، اُتي حياتي ائينءَ گُذري ٿي. سندس ٻي ڪھاڻي ”موت کان اڳتي“ اِھڙي ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ ڏيکاريو وڃي ٿو ته محبت بي خوف ٿيندي آھي. اُن جذبي جي وهڪري ۾ وھي ويندڙ ڪِٿي سمجهي سگهي ٿو ته محبت جي چپن تي ڪنهن ڪورونا جهڙي وائرس جي موت جو وائرس ڪَرُ کنيو ويٺو آھي. هيءَ ڪھاڻي محبت جي تقدس جي اڳيان هر خوف کي مٽائڻ جو درس ڏئي ٿي. پر هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪردارَ فلمي انداز ۾ ردِ-عمل ڪن ٿا. جيڪا ھِن ڪھاڻيءَ جي ڪَچائي آھي. شاھد ۽ رباب ٻئي هڪٻئي سان پريم ٻڌڻن ۾ ايترو جلد ٻڌجي وڃن ٿا. رباب، رستي ۾ شاھد کي ڏِسندي ئي اشارا ڪرڻ لڳي ٿي. پڙھندڙ جي ذھن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته شاھد ۾ آخر اُھي ڪھڙيون خوبيون هيون، جو رباب کيس ايترو جلد چاھي ٿي؟ اُھي خوبيون ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل به ڪونهن. ڪھاڻيءَ ۾ موجود ڳوٺ جي ڪردارن جا ماحول، رويا ۽ ردِ-عمل شھري ماحول جهڙا ڏيکاريا وڃن ٿا. اُھو سڀ ڪجهه عجيب لڳي ٿو. جڏھن ته عورت جو ڪردار نھايت هلڪڙائپ جو مظھر لڳي ٿو. رباب، پنھنجي سئوٽَ سان نڪاح ۾ آھي، پوءِ به شاھد جو ساڻس جذباتي تعلق عقلي سوال اڀاري ٿو. هِن ڪھاڻيءَ جو هڪ نقص هيءُ به آھي ته ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ئي وقت ٻه موضوع هڪ ڪورونا، ٻي محبت کي کنيو ويو آھي، جنهن جي ڪري پاٺڪ مُنجهي پوي ٿو ته ڪھاڻيءَ جي مرڪزيت ڪورونا آھي يا محبت؟

غلام عليءَ جي ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جا اڻوندڙ حادثا عڪسيا ويا آھن. ڪِن ڪھاڻين ۾ موجود درد پڙھندڙ کي رُوئاري ڇڏي ٿو، جيئن سندس هڪ ڪھاڻي بعنوان ”ڪيئن سيج سمهان؟ ۾ هڪ سياسي ڪارڪن شاديءَ کان اڳ مارجي وڃي ٿو. توڙي جو هن ڪھاڻيءَ ۾ پڻ هڪ ئي وقت ٻن موضوعن محبت ۽ وطن ٻنهي جي چونڊ ڪئي وئي آھي. پر پوءِ به هيءَ ڪھاڻي حقييت نگاريءَ جهڙو اثر ڇڏي ٿي. ڪنهن به ڪھاڻيءَ ۾ هڪ ئي موضوع کي فوڪس هيٺ آڻڻ گهرجي، نه ته ٻي صورت ۾ ڪھاڻي صرف هڪ موضوع سان نڀاءُ ڪري سگهندي ۽ ٻيو موضوع اڌورو رهجي ويندو. اھي مسئلا ڪھاڻين ۾ موضوعاتي ٽريٽمتنٽ جا آھن، جن طرف غلام عليءَ کي پڻ هڪ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ غور ڪرڻ جي گهرج آھي. مذڪوره ڪھاڻيءَ ۾ به ڪورونا جي مسئلي کي اجاگر ڪري، ڪلائيمڪس وري محبت جي معامري تي ختم ٿئي ٿو.

موضوعاتي طور تي غلام عليءَ جي ڪھاڻين ۾ غريب نوجوانن جي اُمنگن جي اڻپورتا پڻ آھي، جيڪي امنگون رُومانوي سرسبزيءَ جون منتظر رهن ٿيون، پر اخلاقي قدرن جا زنجير سندن پيرن کي رُوڪيو بيٺا آھن، جيئن سندس ڪھاڻي ”آخري خواھش“ ۾ احمد هڪ اِھڙو ڪردار آھي، جيڪو ماءُ جو ڀرم رکڻ خاطر، پنھنجي محبوبه سورٺ سان شادي ڪري نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ سندس شادي سندس ماروٽ شاھده سان طئِه ڪري وٺي ٿي. وقت گذرندو رھي ٿو. احمد کي ڌيءُ ڪائنات پڻ ڄَمي ٿي، جيڪا پيءُ ماءُ جي گهر جو معاشي گاڏو به گهلي ٿي. نيٺ احمد بيمار ٿي پوي ٿو. سورٺ کي هڪ ڀيرو وري ڏسڻ واري سندس خواھش صرف اسپتال ۾ سڪرات جي وقت موت کان اڳ ڪي پل اڳ پوري ٿي سگهي ٿي. اِھڙيون کوڙ ڪھاڻيون، اسان جي ڏتڙيل سنڌي سماج جون حقيقي ڪھاڻيون آھن، سنڌي سماج ۾ ائينءَ ٿئي ٿو. ڪيترن نوجوانن جا خواب اڻ-ٽر سببن جي ڪري صليب تي ٽنگجي وڃن ٿا. سماجي قدرن جي حوالي سان دوکي فريب ٺڳي ۽ مُنافقت جو چهرو پڌرو ڪندڙ سندس ڪھاڻي ”قسمت جو ستارو“ دوستيءَ جي شڪل ۾ دشمن جي ڪردار کي عڪاسي ٿي. هيءَ هڪ سٺي رومانوي پر اصلاحي ڪھاڻي آھي، جيڪا زندگيءَ جي رمز ۽ رازن کي سيني اندر رکڻ جي تجويز ڏئي ٿي، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر قدم تي بد نيت ماڻهو شرافت جي پردي ۾ لڪل هوندا آھن، جيڪي پنھنجي اندر ۾ بدنيتن جا نانگ پالي ويٺا ھوندا آھن. هيءَ ڪھاڻي اھڙن تاڙ ۾ ويٺل دوستن جي فريبي دوستيءَ کان آشنائي ڏِئي ٿي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ محمود جو ڪردار Situational Irony جو مثال آھي. محمود محبت ۾ پريشان ٿي، هن کي دوست سمجهي کائنس مدد گُھري ٿو ۽ محمود، جيڪي کائنس لفظ چَئي ٿو، سِي ظاھر ۾ هڪڙي معنيٰ ڏين ٿا. پر انهن لفظن جو مفھوم ڪجهه ٻيو هو. ائين ڪھاڻيءَ ۾ هيرو جو ڪردار ”ڊرامائي آئرنيءَ“ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڊرامائي صورتحال موجب، آئرنيءَ ۾ ڪردار، دوست جي منافقت کان واقف نه آھي. پر اتي ليکڪ ڪھاڻيءَ جي پڙھندڙ کي ان کان آگاھ ڪري ها، پر پڙھندڙ به آخر ۾ واقف ٿئي ٿو. آئرني، جديد فڪشن ۾ مابعد جديديت جي هڪ ٽيڪنڪ آھي. اُن جا ٽي قِسم ٿين ٿا. ھڪ وربل آئرني، ٻيو سٽئيشنل آئرني ۽ ٽيون ڊرامٽڪ آئرني. هتي ڪھاڻيڪار اُن ٽيڪنڪ کان مڪمل واقف هجي ها ته سندس هيءَ ڪھاڻيءَ آئرنيءَ جو هڪ وڏو مثال بڻجي سگهي ٿي. سنڌي جديد ڪھاڻيڪارن ئي عالمي سطح جي هنن فڪشن ٽيڪنڪس جي ڄاڻ هجڻ گهرجي. هن ڪھاڻيءَ ۾ محمود، هڪ اھڙو دوست ثابت ٿئي ٿو، جيڪو پنھنجي دوست جي محبت تي ڌاڙو هڻي ٿو ۽ پنھنجي دوست کي ”تمنا“ جي حاصلات پٺيان، تعويذ لکندڙن کان ڌار ڦرائي فقير بڻائي ڇڏي ٿو. محمود ڏک ۾ دوست جو ساٿ ڏيڻ جي بھاني سان بظاھر هيٺيان مڪالما ادا ڪري ٿو:

”آخر ڪھڙو مسئلو آھي، جنهن توکي ايترو پريشان ڪيو آھي مون کي نه ٻڌائيندين؟“ محمود چيو.

پوءِ محمود کي سڄي حقيقت ٻڌائي ڇڏيم

”جيڪڏهن اھو مسئلو ٿي وڃي ته پوءِ. . . .“ محمود چيو

”زندگي ڀر تنھنجو ٿورو لاھي نه سگهندس.“ مون وراڻيو.

”ايئن سمجهه ته تنھنجو مسئلو حل ٿي ويو.“

”يار ايئن ڪيئن حل ٿي ويو؟“

”عامر اھو تون مون تي ڇڏي ڏي، بس تون پريشان نه ٿي.“

غلام عليءَ جي ڪھاڻي ”خوابن جي خودڪشي“ هن ڪھاڻي مجموعي جي ٽائيٽل ڪھاڻي آھي. جنهن ۾ بختاور هڪ ناريءَ جي پريم حسرتن جو جنازو نڪري وڃي ٿو، جڏهن مائٽ سندس پسنديده ڪردار حميد سان شادي ڪرڻ جي برعڪس، سندس حق پاڪ ڪتاب تي صرف اُنهيءَ ڪري بخشرائي وٺن ٿا، ڇاڪاڻ ته بختاور کي اُھي ”معاشي ڀاڳ“ جي علامت سمجهن ٿا. غلام علي جي هن ڪھاڻي-مجموعي ۾ سندس ڪھاڻين تي رومانويت جي ڇاپَ لڳي ٿي. سندس ڪردار ٿوري گهڻي فرق سان رومانوي ادراڪ جي حادثي مان ضرور گذرن ٿا. سندس ڪھاڻي ”ڀرم“، پرھ ۽ صابر جي پڻ رومانوي جي ناڪاميءَ جي ڪھاڻي آھي. صابر غريب هجڻ ڪري پيار ماڻي سگهي نٿو سگهي، پرھ جا مائٽ سندس شادي، صابر جي امير دوست ولي داد سان ڪرائي ڇڏين ٿا. پرھ صابر سان ڀَڄي نڪرڻ چاھي ٿي، پر صابر محبت جي اھڙي رسوائيءَ کان کيس روڪي وٺي ٿو. سندس هڪ ڪھاڻي ”پاڻياري“ هڪ تخيل نما-خوابيده تصور تي ٻَڌل هڪ اھڙي رومانوي ڪھاڻي آھي، جنهن ۾ زبردست تجسس آھي. آخر ۾ خبر پوي ٿي ته اھو سڀ خواب هو، جيڪو امجد ڏٺو هو ته تيز اُسّ ۾ هڪ غيبي، طلسماتي وڻ جي هيٺيان هڪ هنڌو ناري، جيڪا روز کيس پيار پيارڻ ايندي هئي، سا صرف خواب ۾ هئي. ڪھاڻيءَ ۾ وڻ کي طلسماتي ڪوٺيو ويو آھي، پر وڻ جي طلسمات کي نه وڌايو ويو آھي نه واضح ڪيو ويو آھي. هن قِسم جي ڪھاڻين ۾ غيب، پراسرار شين جي عمل دخل جو دائرو وڌائي ڪھاڻيءَ کي وڌيڪ فئٽسٽڪ، پُرتجسس ۽ پُراثر بڻايو وڃي ها ته ڪھاڻي وڌيڪ جاندار ثابت ٿئي ها. سندس ڪھاڻي ”خوشين جي قيمت“ ۾ هڪ ور جي وني پنھنجي خوشين جي قيمت ور جي ٻي شاديءَ تي قبوليت جي صورت ۾ ڏِئي ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس ورُ پيرل کي وڌندڙ مهانگائي ڪري ٻي شادي هڪ عورت سان شادي ڪرڻي پوي ٿي، جيئنءَ سندس گهر جو معاشي گاڏو گِهلجي سگهي ۽ ٻي شاديءَ بعد هُو خوشحال ٿي وڃي ٿو. پر اھا ڳالهه پھرين گهر واريءَ کي آخر ۾ ٻُڌائي ٿو. سندس گهر واري مهانگائي ڪري، پيرل مڙس جي ٻي شاديءَ تي پڻ راضي ٿي وڃي ٿي. هن ڪھاڻيءَ مان پيغام وصول ٿئي پيو ته محبت کان مهانگائي وڌيڪ اھميت رکي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار اھو واضح ڪري نه سگهيو آھي ته پيرل جي ٻي شاديءَ جا ممڪن موقعا ڪيئن پيدا ٿيا؟ ۽ جنهن عورت سان هن شادي ڪئي، سا ڪيئن ۽ ڇو کيس پسند ڪري ٿي ۽ اھا ڪيتري امير هئي؟ اھي خال ڪھاڻيڪار کي نه ڇڏڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته پڙھندڙ لاءِ اِھڙا اھم سوال ڪھاڻيءَ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا ۽ ڪي پڙھندڙ لفظ به لفظ، خوض ۽ دلچسپيءَ سان ڪھاڻيءَ ئي پڙھن ٿا.

هن مجموعي جي ڪھاڻي ”دل جو ديوتا“ پڻ هڪ اصلاحي رومانوي آھي، جنھن ۾ عذرا ڇوڪريءَ جو رشتو، سندس سڳي ماروٽ فرحان سان ڀائپيءَ مطابق پڪو ٿئي ٿو، جنھن سان هوءَ بيحد پيار ڪندي ھئي. فرحان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيھ وڃي ٿو. عذرا سندس محبت ۾ سِڪندي رھي ٿي. اُنهيءَ وچ ۾ سندس سَڳو ماسات شاھد کي به عذرا سان محبت ٿي وڃي ٿي. پر عذرا کيس ڌڪاري ٿي. مڱڻي ٽوڙڻ کان جواب ڏئي ٿي. فرحان پنجن سالن بعد ڳوٺ واپس اچي ٿو ته پرڏيهه مان پنھنجي وني ۽ پنھنجي ٻارن سميت موٽي ٿو. ٻئي طرف انهيءَ وچ ۾ شاھد جي شادي به مائٽ ٻئي هنڌ ڪرائي وٺن ٿا. عذرا زندگيءَ ۾ سخت ناڪام ۽ مايوس ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته عذرا جي دل جو ديوتا اڄ ڪنھن ٻئي جي پوڄا ڪري رھيو هو. هيءَ هڪ سُٺي ڪھاڻي آھي، جيڪا هر پڙھندڙ کي متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ڪھاڻيءَ ۾ رومانوي ”امڪاني هاڃن“ طرف ڪھاڻيڪار ڌيان ڇِڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. سندس ڪھاڻي ”مون ۾ تون موجود“ به هڪ شادي شده ٻچڙيوال جي ياد ۾ پريمي ڏانهن خط نما ڪھاڻي آھي. هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪا ٻي ڪا خاص ٽيڪنڪ نه رکي وئي آھي. پُراڻن پريمي-خطن جيان لڳي ٿي. عجيب ڳالهه، جيڪا مون سندس ڪھاڻين ۾ محسوس ڪئي آھي ته هُن جي ڪھاڻين ۾ عورت ڪردارن وٽ محبت ڪرڻ ۾ مرد کان به اڳرائي ۽ گهڻائي آھي، جيڪي توقعات، عملي طرح سنڌي سماج ۾ گهٽ ممڪنات جي دائري ۾ ايندڙ ڳالهيون آھن. ٻيو ته سندس ڪافي ڪھاڻيون جلد ڪلائميڪس ڏانهن ڊوڙندڙ لڳن ٿيون، جنهنڪري پنھنجي پويان سوالَ ڇڏي وڃن ٿيون. غلام علي ڪھاڻين ۾ موضوعاتي طور روايتي موضوعن تي لِکي ٿو. کيس نوَن موضوعن جي پڻ تلاش ڪرڻ گهرجي. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آھي ته ڪھاڻيون ڄَمي لکجن. اُھي گهڻي طوالت جو شڪار به نه ٿين ۽ اھي ايترو مختصر به نه هجن، جو وضاحت-طلب بڻجي وڃن!

غلام علي اڄڻ جون ڪي ڪھاڻيون نھايت بھترين آھن. هِنن ڪھاڻين جي متني صورت مختصر ڪھاڻي جيتري آھي، جيڪي مختصر مختصر ڪھاڻين کان ٿوريون مقداري لحاظ کان سرس آھن، پر جنهن شيءِ کي طوالت سمجهون، سا طوالت سندس ڪھاڻين ۾ ڪانهي، جيڪا سندس خوبي آھي. هي ڪھاڻيون نھايت دلچسپ آھن، يعني تجسس سان ڀريل آھن، ايتري قدر جو پاٺڪ ڪھاڻيءَ جي پُڄاڻي تائين پھچڻ جي جلديءَ اختيار ڪري وٺي ٿو، جيئن ڪھاڻيءَ جي اصل نتيجي تائين جلد پھچي ڏسجي ته آخر ۾ ڇا ٿئي ٿو؟ ٻيو ته سندس ڪھاڻين ۾ عروج کي ڊگهي رکڻ جو فن لڀي ٿو، جيڪو ڪنهن ڪنهن ڪھاڻيڪار وٽ موجود هوندوآھي، جنهنڪري سندس ڪھاڻيون وڌيڪ پُرڪشش ۽ دلچسپ بڻجن ٿيون. ٻيو ته سندس ڪھاڻين ۾ دقيق تصور ڪونهي. نه سندس ڪھاڻين ۾ مونجهارا آھن. اُھي سڌيون سنئيون ڪھاڻيون آھن. ٽيون ته هنن ڪھاڻين جا اڪثر عنوان وڻندڙ، منفرد ۽ نوان لڳن ٿا. ڪھاڻين جي عنوانن کي پُرڪشش بڻائڻ وارو هن وٽ فن آھي. جتي سندس ڪھاڻين ۾ ايتريون خوبيون آھن ته اتي ڪمرون پيشون، فني نقص به آھن. مجموعي طرح سندس ڪھاڻيون، رُومانوي ڪھاڻين جي ڇاپ مان ڪجهه ٻاھر نڪري ٻين کي موضوعن کي دائري ۾ آڻن جي ڪوشش جو نتيجو پڻ لڳن ٿيون. پر پوءِ به اھا ڇاپَ برقرار آھي. هنن ڪھاڻين ۾ ڪردار عقل پرستيءَ برعڪس صرف جذبن کي اوليت ڏين ٿيون، جيڪو ڪھاڻين سان رومانوي ۽ شاعراڻو رويو Treatment آھي. جنهنڪري چَئي سگهجي ٿو ته هي ڪھاڻيون، معاشرتي چئلينجن ۾ عقليت، منطقيت، استدلال ۽ پختي فڪري باليدگيءَ ڏانهن رائج گهٽ آھن. اُھي شاعراڻي نزاڪتن وارن احساسن جي وڌيڪ ويجهو آھن. جڏھن ته موجود وقت سائنس، عقل، منطق ۽ استدلال جو دَور آھي، تنهن هوندي به ڪي خوش آينده شيون، قدر ۽ مثبت امڪانيت سندس ڪھاڻين ۾ موجود آھن ۽ سندس ڪھاڻيون ڪھاڻي لکندڙ جي نئين ڪوشش ڪندڙ دوستن لاءِ، ڪھاڻيءَ کي آسانيءَ سان پيش ڪرڻ جو نمونو آھن. پر سندس ڪھاڻيءَ جي هيئت ۾ وڌيڪ تجربن ڪرڻ ۽ فڪري گهرائيءَ ڏيڻ جي وڌيڪ ضرورت آھي.

 

(خليق ٻگهيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۹ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment