سماجُ، ڪَھاڻيون-اُڻتِ
کان فِڪري گهَرائي تائين!
ادبي تنقيد - غلام علي اڄڻ
جو ڪھاڻي-ڪتاب ”خوابن جي خودڪشي“
خليق ٻگهيو
ھونئن ته زندگي گهڻ رُخي يا
گوناگون آھي، پر ڪنهن هڪ رخ کان جيڪڏهن زندگيءَ جي تصوير ڇِڪڻي آھي ته پوءِ اھڙي
اظھاريت لاءِ ڪھاڻي ئي بھترين صنف آھي. ڪھاڻي، زندگيءَ جي هڪ واقعي ۽ اُن جي نتيجي
کي دائري اندر آڻي، نه صرف پڙھندڙ جي خيالن کي سيراب ڪندي آھي. پر تفريح، وندر ۽
جمالياتي حِظ پڻ بخشيندي آھي. تنقيدي ادب جي اصولن موجب، جيڪڏھن ڪنهن به ڪھاڻيءَ ۾
ڪو پيغام وصول ٿئي ته اُھا ڪھاڻي وڌيڪ سگهاري هوندي آھي. ٻي صورت ۾ بي مقصد ڪھاڻي
پاٺڪ جي وقت جو ذيان هوندي آھي. تخليقي ادب سرجڻ وقت، ڪنهن به تخليقڪار جي لاءِ ٻه
رستا ٿين ٿا. ھڪ ته زندگيءَ جيئنءَ آھي، تيئنءَ ئي اُن کي پيش ڪيو وڃي، ٻيو ته
زندگي ڪيئَن هجڻ گهرجي؟ ان جو خاڪو ڏِئي. اڪثر تخليقڪار زندگيءَ کي ”جيئنءَ جو
تيئن“ پيش ڪن ٿا. صرف ٿوري افسانويت جي مقدار سان اُھي تخليقن کي پڙھڻ لائق بڻائن ٿا.
ٻئي طرف چند نظرياتي ڪھاڻيڪار پڻ آھن، جيڪي ڪھاڻين ۾ زندگي ڪيئنءَ هجڻ گهرجي؟ جا
تصور ڏين ٿا. دراصل اِھڙا ڪھاڻيڪارَ، ڪنھن آدرش تحت لِکن ٿا. اُھي زندگيءَ کي
ائينءَ بدشڪل، بي ترتيب، ويڳاڻو، ماريوس ۽ ناڪام ڏسڻ نٿا چاھين. غلام علي اڄڻ جون ڪھاڻيون
ڪنھن حد تائين مختلف سماجي ۽ معاشرتي حالتن کي ”جيئن جو تيئن“ پيش ڪن ٿيون.
