Tuesday, February 28, 2023

باجي - اعجاز - ننگر چنا

باجي

(پنجابي ڪھاڻي)

تخليق: اعجاز

پنجابيءَ مان ترجمو: ننگر چنا



مان اُنَ مھل پَنجَن نہ تہ سَتن ورهين جو هوندم، جڏهن پھريون ڀيرو منھنجي امان مون کي باجي وٽ پڙهڻ لاءِ سندس گهر ڇڏڻ وئي هئي.

هُنَ جو نانءُ تہ شڪيلا هو، پر اسان سڀئي ننڍا وڏا کيس باجي ئي سڏيندا هئاسين. رڳو اسان ئي نہ پر هُوءَ اوڙي پاڙي جي سڀني ننڍين، وڏين، اَڌَ وَهيءَ وارين، ڳڀرن ۽ جواڻ جماڻ ڇوڪرين جي باجي ئي هئي. شايد اِنَ ڪري ڪيترائي وڏي ڄمار وارا پرڻجڻ لائق ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ئي نہ پر ڪيئي پرڻيل بہ کيس باجي سڏيندا هئا. هُوءَ انهي سٺي زماني ۾ اسان جي ڳوٺ جي اڪيلي ڇوڪري هئي جيڪا عورت ذات هوندي بہ ‘بي اي’ تائين پڙهيل هئي. جيتوڻيڪ انهن ڏينھن ۾ اسان جي پاسي نياڻين نماڻين کي مورڳو اسڪول ئي نہ موڪليو ويندو هو.


اسان کان چار پنج ورهيہ اڳ جڏهن اڃا ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول نہ کليو هو، ڳوٺ جا سڀئي ٻار ڀَرِ واري ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهڻ ويندا هئا. اُنهن ڏينھن ۾ جنھن ٻار کي اسڪول داخل ڪرايو ويندو هو، تنھن جي ٽيوشن پڙهائڻ جي سموري ذميواري باجيءَ جي ڪُلَهن تي هوندي هئي. هُوءَ هڪ ئي مھل ٻہ ڪم ڪندي هئي، ساجهر ئي گهر آيل ٻارن کي قرآن مجيد جو سبق ڏيندي هئي. جيڪي ڇوڪريون اسڪول نہ وينديون هيون انهن کي هُوءَ ‘پڪل ماني’، ‘ڏهن بيبين جي ڪھاڻي’، ‘عھدنامو’، ‘نورنامو’ ۽ ٻيا ننڍڙا ننڍڙا مذهبي ڪتاب پڙهائيندي هئي. شام جو ٽيوشن پڙهڻ لاءِ ايندڙ ٻارن کي اسڪول جو ڪم ڪرائيندي هئي. هُوءَ انهن جو سبق ٻُڌندي هئي، اُنهن کي هدايتون ڏيندي ڪَڪِ نه ٿيندي هئي.

باجيِءَ جي شاگردن مان ڇوڪريون ڇوڪرا گهٽ ئي فيل ٿيندا هئا. ان ڪري سڄي ڳوٺ ۾ باجيءَ جي گُڻائتي ۽ پڙهيل هجڻ جي وڏي هاڪَ هئي.

امان پيار مان منھنجي مٿي جي وارن ۾ هٿ ڦيريندي هُنَ کي چئي رهي هئي، “ڏِسُ ڌيئڙي! منھنجو هڪڙو ئي تہ پُٽَ آهي، ڪھڙا چار پنج آهن. مان هِنَ کي تو وٽ ڇڏڻ آئي آهيان. هِنَ کي چڱيءَ ريت پڙهائجانءِ. تنھنجي جيڪا بہ فيس هوندي، دل سان ڏينديس. رَبُ ڪري هِيءُ لکي پڙهي ڪري ڪو وڏو آفيسر بڻجي تہ هِنَ جو پيءُ ڪو سُکَ جو ساھُ کڻي. هُو ويچارو اڪيلو ڪيستائين ....”

“آنٽي! توهان ڪا ڳڻتي نہ ڪيو. مان توهان کي شڪايت جو موقعو ڪڏهن نہ ڏينديس.” باجيءَ امان جي ڳالهہ اڌ ۾ ڪپيندي حامي ڀري.

“ڏِسُ، ڀيڻ ممتازِ! هيءَ تہ ٻارن تي پنھنجي پاران وڏي محنت ٿي ڪري. هاڻِ اِهو ٻار مٿان آهي تہ هُو ڪيترو تڪڙو هِنَ جي ڳالهہ کي هِينئين سان هَنڍائي ٿو. هيءَ ڪھڙو گهوٽي پياريندنِ، منھنجو تہ پنھنجو وڏو پڙهائي ۾ اڳتي وڌي ئي نہ پيو، پر جڏهن کان مون هُنَ کي هيڏي موڪلڻ شروع ڪيو آهي، هاڻ تہ هُو حساب تہ ڇا انگريچي بہ زرزر ڪري پڙهي ٿو وڃي.”

ناصر جي ماءُ منھنجي ڀيچِڻ پنھنجي ڀائٽي سِدرا ۽ ننڍي پُٽَ وليد جو سُڌ سَماءُ لھڻ آئي هئي، سا منھنجي ماءُ کي باجيءَ جا گُڻَ ۽ خوبيون ڳڻي ڳڻي ڏَسڻ لڳي. ايتري ۾ باجيءَ جي ننڍي ڀيڻ نيلم چانھن ۽ بسڪوٽ تَسَ ۾ رکي اسان ڏي وڌي آئي. باجيءَ وڏي پاٻوھ وچان منھنجي ساڄي ڳِٽي تي ٿَڦڪي هڻندي مون کي هڪ بسڪوٽ ڏيندي، مون کي سِدرا سان گڏ ٻوريءَ تي ويھڻ جو اشارو ڪيو.

هوري هوري منھنجو باجيءَ ڏي اچڻ وڃڻ ڏهاڙيءَ جي هيرَ بڻجي ويو. هاڻ مان پڙهائي ۾ اڳي کان وڌيڪ تکو ۽ تڪڙو سبق ياد ڪرڻ لڳي ويو هئس. هوري هوري منھنجي ڳڻپ باجيءَ جي لاڏلن شاگردن ۾ ٿيڻ لڳي هئي. منھنجي لڳاتار پھرين، ٻين ۽ ٽين جماعت ۾ پھرين پوزيشن اچڻ جو سڄو ڪريڊٽ باجيءَ کي ڏنو پئي ويو. امان هُنَ جي ساراھ ڪندي نہ ٿَڪبي هئي، هُوءَ باجيءَ کي دعائون ڏيندي، هُنَ جي سوڀيا ۽ لائقيءَ جا ڍُڪَ ڀريندي رهندي هئي. منھنجي هر ايندڙ جماعت جو نتيجو اچڻ شرط ئي امان هڪڙو دَٻو مٺائيءَ جو ۽ هڪ سُوٽ باجيءَ کي ضرور پيش ڪندي هئي. انهيءَ جي ڪري جو امان جو سمجهندي هئي تہ ائين باجي سندس لاڏلي کي اڃا وڌيڪ ڌيانَ ۽ هيجَ سان پڙهائڻ جو جتن ڪندي.

مون اُتي ئي پنھنجو اسڪولي سبق رَٽيندي ۽ ياد ڪندي، هڪ ٻيو سبق پڙهڻ بہ شروع ڪيو.

هِيءُ اُهو سبق آهي جنھن جي پڙهڻ مھل جڏهن استادَ قيسَ جي هٿن تي سوٽيون هَنيون هيون تہ اُنهن جا ڊَٻَڙ معصوم ليليٰ جي هٿن تي ٺھي پيا هئا. اِنَ بابت ڳالهه ڪندي اسان جي ڳوٺ جو بابا انور چوندو هو: “هي تہ اُهو سبق آهي، مَنڙا! جيڪو انسان کي قبر تائين ياد رهندو آهي. انهيءَ ئي ڄَٽَ (جَٽ) جي پُٽَ ڌيدُوءَ کي جهنگَ سيالَ جي ڇوڪرِي هِيرَ جي پويان رانجهو بڻجڻ تي مجبور ڪيو هو ۽ هُو ڪَنُ چيرائي جوڳي بڻيو هو. اِنَ ۾ پاس ٿيڻ وارن جي ڳڻپ اُڪو ئي نہ هجڻ جي برابر آهي. جڏهن تہ فيل ٿيڻ وارن جو تعداد ڳڻپ ۾ آڻي ئي نہ ٿو سگهجي.”

توهان صحيح اندازو لڳايو آهي، مان پنھنجي اَلهڙائپ واري پيار جو سبق بہ هتي باجيءَ جي گهر ئي رَٽيو. هِتي سُڌَ ناهي ڪڏهن، ڪيئن، ڪھڙي گهڙيءَ منھنجيون اکيون ڪنھن جي اکين سان چار ٿيون ۽ انهن دِل ڪَش اکين مون کي هڻي ڦَٽي وڌو. مون کي سِدرا پھرين ڏينھن کان ئي وڻي وئي هئي. هُنَ جون گول گول اکيون، ننڍڙا ننڍڙا هَٿَ، سُھڻا چَپَ، سنهڙو ڊگهو نَڪُ، صوفن جھڙا لال ڳاڙها ڳٽا ... هُنَ بابت تہ مون کي پڪ ناهي تہ مان کيس چڱو لڳندو بہ هيس جان نہ. پر مون کي هُنَ جي هڪ هڪ ادا، حرڪت ۽ ناز نخرو ڏاڍو چڱو لڳندو هو. تڏهن ئي تہ مان ڏهاڙي هُنَ کي پنھنجي ٻوريءَ تي گڏ ويھاريندو هئس. هُوءَ بہ پنھنجي پينسل ڪاپي لکڻ پڙهڻ لاءِ مون کي ڏيندي هئي. مان جيڪڏهن گهران ڪا کائڻ پيئڻ جي وَٿَ ساڻ کڻي ويندو هئس تہ ٻين کان لڪائي هُو ۽ مان پاڻ ۾ ونڊي کائي وٺندا هياسين.

سِدرا پڙهائيءَ ۾ ڪا گهڻي هوشيار نہ هئي. اِنَ ڪري باجي هُنَ کي مون سان گڏ هڪ ئي ڳوڻِ تي ويھڻ جو چئي مون مٿان ڏهاڙي هُنَ جو سبق پڪو ڪرائڻ جو ذمو رکيو هو. منھنجي گهڻي محنت ڪرڻ تي بہ جڏهن هُنَ کي سبق ياد نہ ٿيندو هو تہ مان لَڄي ٿي پوندو هوس. سُڌَ ناهي تہ ڇو مون کي هُنَ کي مارَ کائيندي ڏسي روئڻ اچي ويندو هو. باجي مون کي سمجهائيندي هئي، “هاڻ ڀلا اِنَ ۾ تنھنجو ڪھڙو ڏوھ، چَريا ڀُوڪَ ...”

مان پنھنجي لائقي ۽ معمولي حاضر دماغي جي ڪري باجيءَ جي ڪجهہ پيارن ۽ لاڏلن شاگردن مان هڪ هيس، اِنَ ڪري باجي مون کي موڪل کان پوءِ گهر جي ڪمن ڪارين لاءِ پاڻ وٽ جهلي ڇڏيندي هئي. هُوءَ منھنجي هٿان چاچي شوڪت جي دڪان تان سودو سامان گهرائيندي هئي جان وري ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي سنگتياڻي ماڇين جي ڇوڪري سميرا وَٽان ڪو ڊائجيسٽ جان ڪي ٻيا ڪتاب گهرائيندي رهندي هئي. باجي جي ننڍي ڀيڻ نيلم بہ گهڻو ڪري ٻاهران مون هٿان ڪجهہ نہ ڪجهہ گهرائڻ لاءِ تيار رهندي هئي. هُوءَ گدامڙي، سائي ڀاڄي جان وري سرخي پائوڊر لاءِ پيسا ڏيندي هئي. مان هُنَ جا سڀ ڪم تڪڙا تڪڙا ۽ وڏي چاھ سان ڪندو هئس، تہ جيئن هُنَن جي دل ۾ اڃا مٿانھين جاءِ ٺاهي، سندن ڀَروسو کٽي سگهان.

..........................

اُنَ ڏينھن باجي جي گهر ۾ جشن جي گهڙي هئي.

مان سياري جي موڪلن کان پوءِ ڪو اٺن ڏهن ڏينھن کان پوءِ اوڏنھن پڙهڻ وڃي رهيو هئس. مان سياري جي موڪلن ۾ پنھنجي ماءُ سان گڏ ناناڻي ڳوٺ ويو هئس. پر هتي تہ ڏهن ڏينھن ۾ دنيا ئي مَٽجي وئي هئي. مان باجيءَ وارن جي گهر ۾ وڏو بَدلاءُ ڏسي رهيو هئس. هُنَن جي سڄي گهر ۾ پوچي ڏني وئي هئي. ٻاهريون در جيڪو اڳ ۾ اُڏوهي کائي وئي هئي، تَنھن جي بدران نئون در گهر جي سُونھَن کي وڌائي رهيو هو. رڌڻي جي ڀت جا جيڪي ٺلهہ ڊَٺَل هيا، انهن جي بہ مرمت ڪئي وئي هئي. ڍورَ ڍَڳا جيڪي گهڻو ڪري ٻاهر ٻَڌا ويندا هئا، سي اڄ ڏسڻ ۾ نہ اچي رهيا هئا. اڳي اُنهن کي هُو عيدَ براتَ جي موقعي تي پنھنجي وڏي چاچي جي حويليءَ ۾ ٻَڌي ڇڏيندا هئا. رڳو اڱڻ ۾ ئي نہ پر در جي ٻاهران بہ صفائي ڪئي وئي هئي. مون کي ڪو بہ اندازو نہ هئو تہ اِهو سڄو بَدلاءُ ڇا جي ڪري آيو آهي؟ مان بہ دوڏا ڦاڙيون هيڏي هوڏي اکيون ڊوڙائي رهيو هئس، پر ٽيوشن پڙهڻ وارن ٻارن مان ڪو بہ ڏسڻ ۾ نہ آيو. مون کي ائين آڳر ۾ حيرانُ بيٺل ڏِسي رَڌڻي ۾ ڪم ڪندڙ باجيءَ جي ننڍي ڀيڻ نيلم چوڻ لڳي، “ادا ...! اڄ موڪل آهي توهان کي، تو کي ڪنھن ڏسيو نہ ڇا؟ اڄ اسان جي گهر ڪجهہ خاص مھمان اچي رهيا آهن.”

موڪل جو لفظ ٻُڌندي ئي مون ۾ ڄڻ تہ ساھ پئجي ويو. مان باجيءَ سان ملڻ کان سواءِ گهر موٽي آيس. اُنَ شام جو آس پاس اها خبر جهنگ جي باھ وانگر پکڙجي وئي تہ اڄ جيڪي خاص مھمان شاھ ڪوٽ کان باجي کي ڏسڻ آيا هئا، اهي هُنَ جي ننڍي ڀيڻ نيلم جي هَٿَ تي مٺائي جا ڏوڪڙَ رکي ويا آهن. اچڻ وارن مھمانن جي باري ۾ اهو بہ ڏَسيو پيو وڃي تہ اِهي مڇي ماني وارا ۽ سَکَر ماڻهو آهن، تڏهن ئي تہ باجي جو پيءُ ايڏو ڀلو رشتو هٿان نڪري وڃڻ جي ڊپ کان، هُنَن جو چَيو مڃيندي باجيءَ جي بدران نيلم جو هٿ سندن ڇوڪرَ کي ڏيڻ تي راضي ٿي ويو. ائين جيڪا مڱڻي باجيءَ جي ٿيڻي هئي، سا ٿيندي ٿيندي رهجي وئي ۽ نيلم بازي کٽي وئي.

اسان سڀ حيران هياسين تہ اهو ٿي ڇا ويو؟ پَريَنِ مڱڻي سان گڏ ئي وهانءَ جي تِٿِ ٻَڌي ڇڏي. منھنجي ماءُ باجيءَ لاءِ وڏي ڳڻتيءَ ۾ ورتل ڏسڻ ۾ پئي آئي. هُنَ کي باجيءَ جي سڄي ڌَراوَتَ، جيڪا هُنَ ڳوٺ جي ٻارن کي ٽيوشن پڙهائي گڏ ڪئي جان وري ماڻهن جا ڪپڙا سِبي ڪَٺي ڪئي هئي، سا نيلم جي وِهانءَ تي خرچ ٿيندي محسوس ٿي. پوءِ ٿيو بہ ڪجهہ ائين ئي .... جڏهن اها سموري رقم باجيءَ جي ڪنھن ڪم نہ آئي. تڏهن هن سڀئي ڏوڪڙ پنھنجي ننڍي ڀيڻ نيلم جي ڏاجَ لاءِ ماءُ کي ڏئي ڇڏيا. ائين ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ وڏي ڌام ڌوم سان نيلم جي ڄڃ وئي ۽ هُوءِ سدا جي لاءِ پنھنجي ساهرين هلي وئي.

....................................

باجي جي طبيعتَ، سَلوڪَ ۽ وَهنوارَ ۾ وِٿي پَوڻَ لڳي هئي.

اسان ئي نہ پر باجيءَ جي گهر وارا بہ حيران هيا تہ نھٺائي، سُلَڇڻائپ ۽ رلي ملي وڃڻ وارن گڻن جي مالڪياڻي باجي اڄ ڪلهہ چيڙاڪ، ڪُلڇڻي ۽ واتوڙي ڇو پئي ٿيندي وڃي؟ نيلم جي وهانءَ کان پوءِ هُنَ اسان کي ڪيئي ڏينھن تائين ٽيوشن پڙهائڻ ڇڏي ڏني. پوءِ پاڙي جي ڪجهہ مايُن جي چوڻ تي (جن ۾ منھنجي ماءُ بہ شامل هئي) هُوءَ اسان کي ٻيھر پڙهائڻ لاءِ تيار ٿي وئي.

اسان ٻئي ٽئين ڏينھن باجيءَ جي مٿي جي اَڇَن وارن جي وڌندڙ ڳڻپ ڏسي رهيا هياسين.. هُنَ جي اکين جي چوڌاري ڪاراڻِ وڌي رهي هئي، هُوءَ ڄڻ تہ رات ڏينھن پنھنجي ڀيڻ نيلم جي وڇوڙي جي باھ جي سيڪَ ۾ سَڙي رهي هجي.

باجيءَ جي مُکَ تي جتي اڳ چار ئي پھر هلڪي مرڪ ۽ رونق سَجيل هوندي هئي، هاڻ تَنھن جي جاءِ تي نِرڙ تي گُهنجَ، بي رونقي ۽ بيزاري جو هجڻ ڏهاڙي جي ڪِرت بڻجي وئي هئس. باجي جنھن سبق نہ اچڻ تي ڪڏهن بہ ڪنھن ٻار جي ڪَنَ پڪڙڻ کان سواءِ هٿ بہ نہ لاتو هو، سا هاڻ ٻارن کي پيار سان سمجهائڻ جي بجاءِ کائي وڃڻ وارين نگاهن سان ڏسندي هئي. هُوءَ ڏهاڙي ڪنھن نہ ڪنھن کي ڦيھَ ڪڍندي هئي. باجي ٻارن جي ننڍڙين ننڍڙين حرڪتن ۽ شرارتن تي باھ وانگر ڀَڙڪي پوندي هئي.

اُنَ ڏينھن جڏهن مان پاڻ سان گڏ ويٺل سدرا جي پير تي پنھنجي هٿ ۾ جهليل ڪَکَ سان ڪِتڪايون ڪڍي رهيو هئس ۽ هُوءَ مست ٿي پنھنجي پاڻ ۾ ويڙهبي پئي وئي، منھنجي دل ۾ هُنَ کي ڇُھَڻ جي سَڌَ ڪَرَ موڙيا تڏهن مان هُنَ جي هٿ کي پنھنجي هٿ ۾ وٺي پيار ڪرڻ لڳي ويس. باجيءَ مون کي هُنَ جو هٿ چُمَندي ڏسي ورتو. هُنَ بنان ڪجهہ پڇڻ جي مون کي ڪُٽڻ شروع ڪري ڇڏيو. اُنَ ڏينھن کان پوءِ سدرا پنھنجي ڳوڻِ مون کان ڌار ڪري ڇڏي ۽ باجيءَ سان ئي اُٿَڻ ويھڻ لڳي. مون کي پنھنجي پاڻَ تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي تہ ڪاش مون ائين نہ ڪيو هجي ها تہ شايد سدرا ائين مون کان ڌار ٿي نہ ويھي ها. اندر ئي اندر ڪٿي سُور جي سَٽَ اُڀري ٿي آئي ۽ مان پنھنجي پاڻ تي ڪَڙهڻ ٿي لڳس. مون ڪڏهن سوچيو بہ نہ هو تہ هُوءَ ائين باجيءَ جي ڀرسان ويھندي ۽ مان هُنَ جي ڀَرِ ۾ ويھڻ لاءِ، هُنَ سان ڪا ڳالهہ ونڊڻ لاءِ ائين سِڪي مرندس.

نيلم جي وڃڻ کان پوءِ هاڻ ڪجهہ بہ اڳ جھڙو نہ هو. پر هوري هوري گهڻو ڪجهہ بدلجي ويو هو. انهيءَ بَدلاءَ ۾ باجيءَ جي مٿي ۾ اڇن وارن جي وڌندڙ ڳڻپ کان سواءِ هُنَ جي طبيعت ۾ چِڙَ، ڪَوڙاڻِ ۽ بي رونقي بہ شامل هيون. ٻئي پاسي منھنجي ۽ سدرا جي جسمن ۾ حيرت ۾ وجهي ڇڏيندڙ بدلاءَ ظاهر ٿي رهيو هو.

سدرا باجيءَ جي ويجهڙائپ ۽ ٻاجهہ جو ڀرپور لاڀُ وٺندي اڳي کان وڌيڪ لائق، حاضر دماغ، تيز ۽ هوشيار ٿيندي پئي وئي. جڏهن تہ هُنَ جي اُبَتڙ مان وڌيڪ نالائق، سست ۽ ويسارو ٿيندو پيو ويس. مان ائين هر ويلي سدرا جي ڇاتيءَ تي آيلَ اُڀار جي باري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ سوچيندو رهندو هئس تہ نيٺ هُوءَ اڄ ڪلهہ ڇا کائي رهي آهي، جنھن جي ڪري ڏينھون ڏينھن تيز، ڦڙت، چالاڪ، شوخ ۽ سھڻي ٿيندي پئي وڃي. مان جڏهن بہ هُنَ ڏي پيار ڀرين نگاهن سان جهاتي پائيندو هئس تہ هُوءَ اڳيان نَڪَ کي موڙو ڏئي مون کي کائي وڃڻ وارين نظرن سان ڏسندي هئي. هُوءَ ائين مون کي جُوھَ وجهي ڏِسَندي ۽ پنھنجي مُنھِن بَڙبَڙ ڪندي رهندي هئي. هڪ ٻہ ڀيرا باجيءَ منھنجي اِنَ حرڪت کي نوٽ ڪندي مون کي ڪجهہ نہ چيو، پر جڏهن مان هُنَ کي پوئتي هٽندي نظر نہ آيس تہ پوءِ هُنَ مون کي سِڱَن تي کڻي ورتو: “هِنَ ڏي اکيون ڦوٽاري ڇا ٿو ڏسين ڙي بي لَڄا ڪٿان جا!... ڪيئن تہ جُوھ وجهي ٿو ڏسينسِ ڍڳي مُنھان!”

سدرا دل ئي دل ۾ منھنجي بي عزتيءَ تي خوش ٿي رهي هئي، هُوءَ بہ شايد اهو پئي چاهي تہ باجي مون کي هُنَ ڏي ائين ڏسڻ کان جهلي. ڇو تہ مان هاڻ نہ باجيءَ جي ڪم جو رهيو هئس ۽ نہ ئي سدرا جي ڪم جو. اهو ڪجهہ هِنَ ڪري بہ جو هاڻ مان باجيءَ جي لائق ۽ لاڏلن شاگردن ۾ نہ ڳڻيو ويندو هئس. ۽ نہ ئي باجي مون کي موڪل کان پوءِ گهر جي ڪمن ڪارين لاءِ روڪيندي هئي. مُنڍَ مُنڍَ ۾ مون کي لڳو تہ مان ڇوڪرو آهيان ۽ سدرا ڇوڪري، شايد اِنَ ڪري باجي هاڻ هُنَ کي وڌيڪ ۽ مون کي گهٽ پسند ڪرڻ لڳي آهي.

پوءِ اونهاري جون موڪلون ٿي ويون.

اُنَ ڏينھن مان پنھنجي امان جي چوڻ تي باجيءَ کي اِهو ڏَسڻ ويو هئس تہ مان موڪلن ۾ پنھنجي ناناڻڪي ڳوٺ ويندس. مان اڃا هنن جي در کان ٿورو پري ئي هئس جو مون سدرا کي سندس گهر گهڙندي ڏٺو. مان ڪجهہ دير لاءِ ٻاهر گهٽيءَ ۾ رِڇَ جو تماشو ڏسڻ بيھي رهيم. پر پوءِ ترت ئي اُتان باجيءَ وارن جي گهر هليو ويس. مون کي هنن جي آڳر ۾ ڪير بہ ڏسڻ ۾ نہ آيو تہ مان باجيءَ جي ڪمري ڏي وڌي ويس. مان ٻُڏَتَر ۾ هيس تہ مون هاڻ ئي سدرا کي هيڏي ايندي ڏٺو آهي ۽ اِتي جو اِتي هُوءَ ڪاڏي گم ٿي وئي. هُوءَ مون کي ڪٿي بہ ڏسڻ ۾ نہ اچي رهي هئي. مان ماٺ ميٺ ۾ اڳتي وڌي ورانڊي ۾ وڃي پھتس. اُتي مون کي باجيءَ جي ڪمري ۾ ٿيندڙ سُس پُس جا آواز ٻُڌڻ ۾ آيا. مان ٿورو ويجهو ٿيس تہ مون ٻڌو، ڪمري اندران ڪنھن جو سِيسراٽي ڀَريو آواز آيو.

ڇا اها سيسراٽي پِيڙَ ڀري هئي؟

منھنجي جبلت مون کي ٻڌايو تہ نہ اهو ڪجهہ ٻيو ..... مامرو ئي آهي. مان هڪدم انهن ئي پيرن تي ڄمي ويس. پوءِ مون کي اڳتي وڌي انهيءَ ڪمري جي هڪ دريءَ جي سنهڙي وٿيءَ مان اندر جهاتي وجهڻ تي ڄڻ تہ ڪنھن مجبور ڪري وڌو. اندر وڌل جهاتيءَ مون مٿان ڪائنات جي ازلي ابدي ڳجهہ کي عمر کان اڳ ئي ظاهر ڪري ڇڏيو.

وقت کان اڳ ڏٺل اِهو اندر جو ڏيکُ اڄ بہ منھنجين اکين ۾ پٿر بڻجي منھنجين سوچن کي چھبڪ هڻي رهيو آهي.

 

(ماھوار سنڌي ريکائون حيدرآباد جي جنوري ۲۰۲۳ع ۾ ڇپيل)

No comments:

Post a Comment