ناول ڊي ناڪ ۱۰۹ جو تجزيو
دادن ’ثقلين‘ لاشاري
سڄي دنيا ۾ جيڪي ڪتاب وڌ کان وڌ
پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ سوانح عمريون ۽ آتم ڪٿائون سڀ کان مٿي آھن. انھن ٻنھي صنفن
کان پوءِ جيڪي ڪتاب وڌيڪ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ ناول سڀني کان مٿانھون بيٺوآھي. سنڌي
نثري تخليقي ادب ۾ جيڪا صنف ڪافي پٺتي پيل ھئي انھي ۾ ناول ڪافي عرصي تائين مٿي
رھيو آھي. تمام گهٽ معياري ناول پئي لکيا ويا. پر پوئين ڏھاڪي کان وٺي سنڌي ادب ۾
ناول ڪافي لکجي رھيا آھن. ان جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جي ذريعي ملندڙ پذيرائي ۽ موٽ بہ
آھي تہ ساڳيي وقت انھن ۾ ٻہ مکيہ سبب ھي بہ آھن تہ ھڪ: شرح خواندگي پوين ويھن سالن
جي ڀيٽ ۾ ھن وقت وڌيڪ آھي ۽ ٻيو: سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجن ڪروڙن جي آبادي مان تقريبن 33 سيڪڙو
آباديءَ جوحصو نوجوان آبادي تي مشتمل آھي جيڪي عمومي طور ڪتابن طرف مائل ٿين ٿا.
سنڌي ادب ۾ ناول جو جهجي تعداد ۾ لکجڻ ھڪ خوش آئندہ ڳالھہ آھي پر اڪثر ڪري ناولن
جا موضو گهڻي ڀاڱي روايتي ڏٺا ويا آھن. اسان وٽ ناول جي صنف ۾ تجربا ڪافي حد تائين
گهٽ ڪيا ويا آھن. ڪنھن بہ صنف، خاص ڪري نثري صنف، جي جيئندان ۽ ترقيءَ لاءِ اھو
انتھائي ضروري آھي تہ ان ۾ مختلف تجربا ٿيندا رھن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ان ۾
نہ رڳو نواڻ آندي وڃي پر نيون تبديليون، نوان گهاڙيٽا، نوان اسٽائل پنھنجايا وڃن.
انگريزي زبان ۾ ناول لکڻ جا ڪي ويھہ کان مٿي قسم ٻڌايا ويا آھن جن ۾ ھيٺيان ڏنل
قسم ڪجھہ وڌيڪ مشھور آھن.
