سيکت
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
نوشھرو
فيروز، اڃا نواب شاهه ضلعي جي ڪک مان نڪري، نئون ضلعو نه ٿيو هئو.
ضلعي آفيس جي ڪمن ڪارين لاءِ نواب شاهه ئي وڃڻو پوندو هو. سفر جو ذريعو ريل به هئي
ته بسون به.
سکر
جون بسون ٽين روپئي ۾، ڪنڊيارو کان مورو لاهينديون هيون. جتان ڇھين روپئي ۾ نواب
شاهه پھچبو هو. قاضي احمد کان نواب شاه وارو رستو هلندڙ نه هو ۽ نه وري نوشھري کان
پڊ عيدن- نواب شاهه وارو. هاڻي ته ٻنھي رستن سان ڪوچ ۽ ويگنون هلڻ ڪري، پنڌ به
گهٽجي پيو آ ۽ وقت به گهٽ ٿو لڳي.
