جيئي پلمبر
مختصر ڪھاڻي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
يونيورسٽي
آڊيٽوريم ۾ تقريري مقابلو هلي رهيو هو. جنھن جو عنوان هو؛ ”عورت، مرد کان بھتر آهي“ يا ”مرد، عورت کان بھتر آهي.“ مقابلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۽ استادن جي وچ ۾ هو. حصو
وٺندڙن کي واري وٽيءَ سان سڏ ٿي رهيو هو، جن اسٽيج تي اچي پنھنجي خيالن جو اظھار
پئي ڪيو. اول شاگردن جو وارو هو. جن مان ڇھه، هن وقت تائين اسٽيج تي اچي چڪا هئا.
ٽن جو موضوع هو؛ ”عورت،
مرد کان بھتر آهي“ ۽ ٽن
جو؛ ”مرد، عورت کان بھتر آهي.“
