Showing posts with label بدمعاش، جمال، ابڙو،. Show all posts
Showing posts with label بدمعاش، جمال، ابڙو،. Show all posts

Tuesday, December 6, 2011

بدمعاش - جمال ابڙو

بدمعاش
جمال ابڙو
هو وڏو بدمعاش هو، پهرئين نمبر جو. ڪوڙ، دغا، فريب، چوري، ڌاڙو هن جي ڏائي هٿ جو کيل هو. چپٽين ۾ ڏوهه ڪري وٺندو. حرام جو قياس پويس. خار ۾، ڇپ ڪيو، بيٺو ڏسندو. هڪ ڀروون هيٺ، اک چُنجهيل، ٻيو ڀروون مٿي، ڏند ڏندن سان مليل. ناسون ڦوٽاريون، چيتي وانگر شڪار کي تاڙيون بيٺو هوندو. بس بس ڪري، وٺي حملو ڪندو، آنڊا ٻاهر.
ڏائڻ جهڙي ڪهاڙي ڪلهي تي کنيو، شينهن وانگر جهنگ ۾ ڦرندو وتندو هو. شل نه ڪير کيس للڪاري. ماٺ ڪري ڳاٽ اوچو جهلي، کيس ڏسندو. پيرن کان مٿي تائين، ٻه ٽي دفعا. وٺي گجگوڙ ڪندو. واگهه وانگر ڇال ڏيئي، اچي شڪار تي ٽٽندو. ڪهاڙين جو شپڪو، سيڪنڊ ٿي ويندا.
چيلهه سنهي، سينو ويڪرو، ڪلها اڀا. مڇن کي تاءُ ڏيو اکيون ڪرڙيون ڪيو، پير پير ۾، مست ٿيو وتندو. ڪنهن تي فلڪ نه آڻيندو.