Showing posts with label پــَتِ، ڪھاڻي، افسانو، فڪشن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts
Showing posts with label پــَتِ، ڪھاڻي، افسانو، فڪشن، انجنيئر عبدالوھاب سھتو،. Show all posts

Thursday, December 1, 2011

پــَتِ

پــَتِ
انجنيئر عبدالوھاب سھتو


عيد کي گذرئي، اڄ ٽيون ڏينھن آهي. شام جو حسين وقت، ڏينھن جهڙالو، شيرل بروهيءَ وارن جي لڏ، حاجي صادق جي اوطاق ڀيڙو ٿي آهي. لڏ لاهيندي ئي، خوشيءَ ۾ جهمرين هڻڻ ۽ نچڻ ڳائڻ ۾ کُپي ويا آهن. ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون آهن. واٽ ويندا، بيھي ڏسي رهيا اٿن.

جبل جا لاڏائو، غريب ۽ مسڪين، اونھاري ڌاري جبل مان نڪري، پتڻ پار ڪري، سانھرن جي مند ۾ هر سال هتي اچن. ٻنين ۾ سانھر ڏئي، پئسا ڪمائين ۽ وقت گذارين. ڪجهه هت کپائين، ڪجهه پاڇي ڪري، پوئتي لاءِ کڻي وڃن.