Showing posts with label دينا، داستي، انجنيئر، عبدالوھاب، سھتو،. Show all posts
Showing posts with label دينا، داستي، انجنيئر، عبدالوھاب، سھتو،. Show all posts

Friday, December 9, 2011

دينا داستي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

 دينا داستي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
جيئن طاق کي ڌڪو ڏنم، تيئن تاڪ لڳي ويا. در کي اندران ڪڙو چڙهيل هو. جنھنڪري سٽ ڏيڻ سان به نه کليو. پر ڇاکئون؟!!
“اڄ ڇو مون وارن سؤٽن جو در بند آهي؟! ڏينھن تتي پکي پکڻ کي به وائک کپي. هيءُ موراڳو در بند ڪيو، اونده ڪيو ستا پيا آهن. اندر ڪير آهي؟ در بند ڇو آهي؟” ايترا سمورا خيال، دل تي ترندا ويا.
نِوڙي ڏار مان ڏسڻ جي ڪوشش ڪيم. ڇت جي ڳڙکين مان ايندڙ روشنيءَ جي ترورن ۾ جيڪو نظر آيو، تنھن ٺَپَ ئي ٺاري ڇڏيا. سامھون واري کٽ تي، ٻه اڌ اگهاڙا جسم ليٽيل هئا. منجهن ساهه ۽ چرپر هئي. منظر ڏسندي ئي دل دهلجي وئي. بدحواسيءَ ۾ پوئتي موٽڻ لڳس.