بُت بڻجي ويل شخص
رضوان گل
مان ان وقت پنهنجي آفيس جي شيشي
مان، ٻاهران جو من موهيندڙ منظر ڏسي رهيو هوس. ڪارا گھاٽا بادل برسات جون هلڪيون بوندون
۽ پکين جو آکيرن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ اڏامڻ .. موسم ۾ تبديلي اچي رهي هئي.. مان پنهنجي
روالونگ چيئر کي ڦيرائي، ٽيبل تي رکيل ليپ ٽاپ تي آڱريون ڦيرڻ لڳس..
دل چيو ته ڪو ئي خوبصورت گانو ٻڌجي.. هڪ دفعو ٻيهر موبائيل تي ميسيج جي رنگ وڳي. ميسيج پڙهڻ لاءِ کوليو ... ساڳئي اڻ ڄاتل
نمبر تان خالي ميسيج...
مان اڪثر اهڙن ميسيجز کي اهميت نه
ڏيندو آهيان.. پر نه ڄاڻ ڇو ان نمبر تي who r
u لکي سينڊ ڪري ڇڏيو.. ..
ترت ئي جواب آيو I m Anam and u r my Jaan مون اهو پڙهي .. پڇتايو .. سوچيو ته رپلاءِ ڏيڻ نه
گھربو هو مونکي..
مان آفيس جي ڪم ڪار سان لڳي ويس.. ٽيبل تي رکيل موبائيل تي ان اڻ ڄاتل نمبر تان ڪيترا
ئي ميسيج ايندا رهيا.. جڏهن آفيس کان واپس گھر آيس ته اهي سمورا ميسيج پڙهي اندازو
ٿيو ته جيڪو به آهي سندس ٽيسٽ ڏاڍي لاجواب آهي
..
