Showing posts with label هٿ جي وڍي، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، افسانو، ڪھاڻي،. Show all posts
Showing posts with label هٿ جي وڍي، انجنيئر عبدالوھاب سھتو، افسانو، ڪھاڻي،. Show all posts

Saturday, December 3, 2011

هٿ جي وڍي - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

هٿ جي وڍي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ڏهن ڏينھن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ، جڏهن سنگتياڻيءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ “تو وارو پٽ لڌو آهي!” تڏهن پٽڻ ڪٽڻ بند ڪري، وائڙن وانگر، اشارن ۾ پڇيائينس؛ “ڪٿي آهي؟!”

مڙسھنس به تڏي تي حُقي ڦوڪ ڀريندي ڪن اپڙا ڪيا.

“واه تي!” آيل ٺھه پھه وراڻيندي، پويان پير ڪيا. نياپو آڻيندڙ مائيءَ جو گهر، سڏ پنڌ تي، واه جي ڪپر تي هئو.