Saturday, August 24, 2013

سعادت حسن منٽو جون ڪجھ مختصر ڪھاڻيون - رياضت ٻرڙو

سعادت حسن منٽو جون ڪجھ مختصر ڪھاڻيون
ترجمو: رياضت ٻرڙو
1. حلال ۽ جھاٽڪو
”مون هن جي شهه رڳ تي ڇري رکي، هوري هوري گھمائي هن کي حلال ڪري ڇڏيو.“
”اهو تو ڇا ڪيو!؟“
”ڇو؟“
”هن کي حلال ڇو ڪيو؟“
”مزو ايندو آهي ان طرح.“
”مزو اچڻ جا پُٽ، توکي جھاٽڪو ڏيڻ گھرجي ها، هن نموني...“ ۽ حلال ڪندڙ جي ڪنڌ جو جھاٽڪو ٿي ويو.

2. عمل جي دعوت
باهه لڳِي ۽ سڄو پاڙو سڙي ويو سواءِ هڪ دڪان جي، جنهن جي مٿان لڳل بورڊ تي لکيل هو:
”هتي جاءِ سازيءَ جو مڪمل سامان ملندو آهي.“

3. رعايت
”منهنجي اکين اڳيان منهنجي جوان ڌيءَ کي نه ماريو!“
”چڱو، ان جِي ئي مڃو. ڪپڙا لاهي، ڪڍي ڇڏيوس ڪنهن پاسي.“

4. انڪساري
هلندڙ بَس روڪي وئي. جيڪي ٻئي مذهب جا هئا تن کي ڳولي ڳولي تلوارن ۽ گولين سان ماريو ويو. ان ڪم کان واندو ٿي، بس جي باقي مسافرن کي حلوو، کير ۽ ميوا کارايا ويا. بس هلڻ کان اڳ کارائيندڙن جي اڳواڻ مسافرن کي مخاطب ٿي چيو:
”ڀائرو ۽ ڀينرو! اسان کي بس جي اچڻ جو اطلاع ڏاڍو دير سان مليو. اهوئي سبب آهي جو اسان جنهن طرح سان چاهيون پيا، ان طرح اوهان جي خدمت ڪري نه سگھياسين.“

5. نقصان جو سودو
ٻن دوستن ملي ڏهن، ويهن ڇوڪرين مان هڪ ڇوڪري چُونڊي ۽ ٻائيتاليهه رپيا ڏئي هن کي خريد ڪيو. رات گذاري هڪ دوست ان ڇوڪريءَ کان پڇيو: ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
ڇوڪريءَ پنهنجو نالو ٻڌايو، ته هُو سڙي ويو: ”اسان کي ته چيو ويو هو ته تون ٻئي مذهب جي آهين.“
ڇوڪريءَ جواب ڏنو: ”هن ڪوڙ ڳالهايو هو.“
اهو ٻڌي هو ڀڄندو پنهنجي دوست وٽ ويو ۽ چوڻ لڳو: ”ان حرامزادي اسان سان ڊوهه ڪيو آهي. هن اسان جي ئي مذهب جي ڇوڪري اسان کي ڏئي ڇڏي. هل، واپس ڪري اچون.“

No comments:

Post a Comment