Showing posts with label احساس، چهڪ، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts
Showing posts with label احساس، چهڪ، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts

Thursday, March 28, 2013

احساس جا چهڪ - نسيم ٿيٻو

احساس جا چهڪ
نسيم ٿيٻو
سوچ ڪيڏي نه عذاب ڏيندڙ شيءِ آهي. هر روز سج اڀري ايندو آهي، وڻي نه وڻي ڏينهن پر سورج ديوتا پنهنجا ڪرڻا هر شيءِ مٿان ڦهلائيندو آهي. سندس ڪرڻن جي ڇهاوَ تي ڪيتريون مکڙيون ٽڙي گل به ٿينديون آهن. سورج جا ڪرڻا جڏهن ڀنل ڀنل پنن ۽ پنکڙين تي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن ته انهن جي نمي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندا آهن. ائين جيئن نو ورني ڪنوار سندر سپنن کي جڏهن اهي ئي ڪرڻا سمنڊ جي مٿان ڪرندا آهن ته ڄڻ سوين ڪروڙين تارا آسمان ۾ ٽمڪندا آهن، جهل مل ڪندڙ ديپ لهرن جي مٿان وکري ويندا آهن ڄڻ سمنڊ، سمنڊ نه هجي. وشال گگن هجي، ڄڻ رڻ پٽ جي رڃ هجي. سمنڊ جي گهرائي ۾ ڇا هي سورج ديوتا جو ان سان ڇا؟