Showing posts with label اُجرو، من، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts
Showing posts with label اُجرو، من، نسيم، ٿيٻو،. Show all posts

Thursday, March 28, 2013

اُجرو من - نسيم ٿيٻو

اُجرو من
نسيم ٿيٻو
اڄ دل چاهيو هيو ته تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾ سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نه سگهان، ته اتي بيهي رهان، جتان تون لنگهندو آهين. ائين به ڪري نه سگهان ته توکي ڪوئي سنيهو موڪليان پر ڊپ لڳم ته تون ڪاوڙجي نه پوين ۽ مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳين، ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت منهنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي هيس. ڪوئي ته رستو به نه هو تو تائين پهچڻ جو!