اُجرو من
نسيم ٿيٻو
اڄ دل چاهيو هيو ته تو وٽ اچان، دل جا سڀ وهم وساري، سڀ جڳ جا ٻنڌڻ ٽوڙي
تو وٽ هلي اچان! ۽ تو ۾ سمائجي وڃان: تو وٽ اچي نه سگهان، ته اتي بيهي رهان، جتان تون
لنگهندو آهين. ائين به ڪري نه سگهان ته توکي ڪوئي سنيهو موڪليان پر ڊپ لڳم ته تون ڪاوڙجي
نه پوين ۽ مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳين، ان ڪري دل جا سور دل ۾ سانڍي ماٺ ٿي ويس. ان سانت
منهنجي اندر کي ڳاريو هو. مان ڏاڍي اداس ٿي وئي هيس. ڪوئي ته رستو به نه هو تو تائين
پهچڻ جو!
