Tuesday, October 24, 2017

ڪچري وارو - امير عدنان

ڪچري وارو
پرڏيهي ڪهاڻي
سنڌيڪار: امير عدنان
ڏهه سال ڪچري کڻڻ وارو ڪم ڪرڻ کانپوءِ بندري قد، گهنجن سان ڀريل منهن واري پوڙهي قالو کي جنهن ڏينهن ڪم مان نيڪالي ڏني وئي هئي، ان جي ٻئي ڏينهن هو پهريون دفعو پاڙي ۾ بغير گھوڙي ۽ ڇَڪڙي جي داخل ٿيو هو. ڪنن کان به هيٺ سُرڪيل سرڪاري ٽوپي، هڪ وڏي سائيز جو ڪوٽ، جنهن جا ٻئين ڪلها هيٺ ڍُرڪيل، گسيل ڦِٽيل پينٽ ۽ کڙين وٽان گسيل ڳرا فوجي بوٽ پائي هو پاڙي جي وچ تي اچي بيهي رهيو هو.


ڏهه سال، ڏهه ڊگها سال هر صبح جو پنهنجي گهوڙي جي واڳ ڇڪيندي آهستي آهستي هن پاڙي ۾ داخل ٿيندو هو. پاڙي وارن جي ڪا به ڳالهه هن کان ڳجهي نه هئي. هو هڪ هڪ ڪري سڀني گهرن جا در کڙڪائيندي “آهي يا ناهي؟” جا آواز لڳائيندو هو.
جيڪڏهن هوندو هو ته کڻندو هو، نه ته انتظار ڪرائي کيس ڪجهه دير کان پوءِ چيو ويندو هو “ڪونهي، اسان جو گند ڪچرو ڪونهي!” چوڻ وارن تي ڪڏهن ڪاوڙ ڪونه ڪندو هو.
اهڙيءَ طرح هو سخت ڪاڙهيندڙ گرمين، اوٿر ۽ سخت پاري وارو سيارو گهاري چڪو هو. اهڙي ئي هڪ سياري جي موسم ۾ هن جي زال مري وئي هئي. هن جا ٽئي پٽ به هن کي سياري جي موسم ۾ ميونسپلٽي جي طبيلي ۾ ڇڏي روزي روٽي جي ڳولها ۾ پرڏيهه هليا ويا هئا ۽ ڪيترائي سال گذري چڪا هئا هن کي ڦٽوڙ طبيلي ۾ وساري چڪا هئا. پر هن کي ان ڳالهه جو صفا ڪو الڪو نه هو.
گرم گرم ڇيڻن جي ڌپ واري هن طبيلي کان اڄ هو الاءِ ڪيترين حسرتون سانڍي جدا ٿي رهيو هو. هن جي ٻارن جي پياري سهڻي به طبيلي ۾ هن جي هٿن ۾ پيدا ٿي هئي. هن جا ڏاڏرا کُر هن طبيلي ۾ وڏا ٿيا هئا.
هن کي “سهڻي” سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي. “بيهه رهه” چوڻ تي بيهه رهندي هئي، “واهه” چوڻ سان وري هلڻ لڳندي هئي. سهڻي جي ماءُ جو نالو ”نوري” هيو، نوري جي ماءُ “سهتي” هئي ۽ سهتي جي ماءُ “بيدان”. پر ڪابه سهڻي جهڙي نه هئي. “سهڻي” چويس ته بيهي، ڪنڌ ورائي ڏسندي هئي. جنهن رات هن جو پير سڄي ويو هو، ان رات هوءَ ڪئين فريادون ڪندي رهي، پنهنجي سرمئي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. سهڻي صفا ماڻهن جهڙي هئي.
هن جي دماغ تي هڪدم هڪ سوچ تري آئي. جيڪڏهن بولو واري (اناطوليه شهر هڪ ننڍو محلو) سهڻي کي ماريو ڪٽيو ته! هن جون ڀروون اڀيون ٿي ويون. هن سرڪاري ٽوپي مٿي تان لاهي ڦِٽي ڪري ڇڏي.“ماريندو هو پڪ سان ماريندو” هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
هن ڪاوڙ منجهان پاڙي طرف نهاريو. هن پاڙي وارا الاءِ ڇو سويل ڪونه ٿا اٿن؟ جيڪڏهن اهي جلد جاڳن ها ۽ انهن کي پتو پوي ها ته قالو کي ڪڍيو ويو آهي ته پاڻ ۾ صلاح ڪري ميونپلٽي جي ميئر وٽ وڃي چون ها “بولو واري کي ڪچري کڻڻ جو ڪهڙو پتو ڀلا؟ هن کي ته هٿ ۾ کرڙو به صحيح نموني ڪونه ٿو پڪرڻ اچي. قالو اسانجو 10 سال پراڻو ڪچري کڻڻ وارو آهي. سهڻي هن جي هٿن ۾ پيدا ٿيل آ. اسان هن کان علاوه ڪنهن کي ٻئي کي پنهنجو ڪچري کڻڻ وارو ٿيڻ نه ٿينداسين. ممڪن ئي ناهي...  ڪنهن ٻئي کي بڻجڻ نه ڏينداسين. ڪچري وارو هوندو  ته قالو هوندو نه ته ڪو ٻيو ڪچري وارو اسانکي ڪونه گهرجي.
جيڪڏهن هو پنهنجي ڳالهه تي ڄمي بيهندا ته ميونسپلٽي جو ميئر صفائي جي معاملن واري ڪاموري کي گهرائي ڪري چوندو ته “قالو کي تون ڇو هٽايو آهي. قالو هن پاڙي جو ڏهه سال پراڻو ڪچري کڻڻ وارو آهي. سهڻي هن جي هٿن ۾ پيدا ٿيل آ. بولو واري کي ته کرڙو پڪڙڻ به ڪونه ٿو اچي، سو بولو واري کي هٽائي قالو کي رک، جلدي ڪر هاڻي جو هاڻي... !!”
هن جي من ۾ هڪ اميد جنم ورتو، هن جي اکيون ٽمڪڻ لڳيون. هن جي گهنجن سان ڀريل منهن تي مرڪ وکري وئي. اهو سڀ ڪجهه ناممڪن به ڪونه هو. هو پاڙي جي سڀني گهرن جي چوکٽن، ڪنڊين، ڪچري جي دٻن، ايستائين جو ڪتن ۽ ٻلين کي به چڱي طرح سڃاڻيندو هو. ان صورت حال ۾ ڇا پاڙي وارا قالو جي بغير رهي سگهندا؟ هن پاڙي ۾ ته ايترا وڏا ماڻهون ٿا رهن جو ميونسپلٽي جو ميئر به انهن آڏو هٿ مهٽيندو رهجي ويندو.
“ٿورو بيهه تون” هن پنهنجو پاڻ کي چيو. هو چوندا آهن نه گرمي آهي ته سرءُ به ته آهي نه. جيڪڏهن بولو واري جي پٺ مضبوط آهي ته منهنجي به آهي”
سامهون ڪنڊ وٽ پاڙي جو ڀنگي نظر آيو، هو هڪ ڊگهي ڏنڊي واري ٻهاري سان پاڙي جي مٽي صاف ڪندي ڪندي گهٽي جي سرن تي ٻهاري ڏئي رهيو هو. قالو هن وٽ ويو ۽ چيو “ تنهنجو ڪم آسان ٿئي.”
“مهرباني قالو چاچا! تنهنجو ڇَڪڙو ڪٿي آهي... ؟” ڀنگي وراڻيو.
“انهن واپس وٺي ڇڏي” قالو ڪلها مٿي ڇڪيندي چيو.
“واپس وٺي ڇڏي؟ ڪٿي ڪم مان ڪڍي ته ڪونه ڇڏيو... ؟
“ڪڍي ڇڏيو آهي”
“پوءِ تنهنجي جاءِ تي ڪنهن کي رکيو آهي؟”
“آهي هڪڙو، پر تون ٿورو بيهه”
“ته پوءِ اها ڳالهه صحيح آهي، خالو اهو ٻڌايو پئي، پر مونکي يقين ڪونه آيو.  ڏاڍو ڏک ٿيو. چاچا قالو ڏاڍو ڏک ٿيو!”
“خالو توکي ٻڌايو هو”
“خالو ئي ٻڌايو هو، ويچاري ڏاڍي ڏک منهجان پئي ٻڌايو. هو گهڻو غمگين هيو. تمام گهڻو”
خالو پيارو ٻچڙو آهي، جوان ٻچڙو آهي”
“پوءِ هاڻي ڪهڙو ڪم ڪندين”
“مان ڪهڙو ڪم ڪندس؟ بيهه ٿورو، الله مالڪ”
هن وري پاڙي تي نظر ڦيرائي ۽ چيو “هن پاڙي جا ماڻهو... ڇا تون ڄاڻين ٿو هن پاڙي کي؟ هن پاڙي جا ماڻهون بولو واري کي ڪنهن به صورت ۾ گند ڪچرو کڻڻ ڪونه ڏيندا. توبه ڪر! خبر اٿئي ڇو؟... هو ته اڃان گهوڙي جو کرڙو به صحيح طرح پڪڙڻ ڪونه ٿو ڄاڻي! ڇا پاڙي وارن کي اها خبر ناهي. هن پاڙي ۾ منهنجا ايترا حمايتي ماڻهو آهن جو... ”
ايتري ۾ انهن جي ويجهو هڪ گهر جو دروازو کليو ۽ بند ٿي ويو. قالو چيو “اهو اسان جو وڪيل صاحب آ.” هن جي دل جي ڌڙڪ تيز ٿي وئي. هڪ اميد، هڪ مڪمل روشني جو ترورو. وڪيل صاحب وڏي مٺڙي زبان وارو کلڻو ملڻو ماڻهو اٿئي. عيد جي ڏڻ تي وڏي دل سان عيدي ڏيندو آ. هڪ عيد تي ته اهو سگريٽ به ڏنو هئائين جنهن جو هڪ پاسو سونهري هوندو آهي.
“هي جيڪو وڪيل صاحب آهي نه، اهو ايترو قابل ماڻهو آهي جو پاڻ وارو ميونسپلٽي جو ميئر به هن سان ادب سان پيش ايندو آهي.” قالو چيو.
ڀنگي: “ها اها ڳالهه آهي چاچا؟ اهي وڏا ماڻهون اهو سڀ ڪٿان سکندا آهن؟”
قالو جون اکيون روشن ٿي ويون “ڪمانڊرن جي اسڪول مان” هن وراڻيو.
هو فٽ پاٿ جي سامهون مٿانهين جاءِ تي وڃي بيٺو ۽ ادب مان مٿي تان ٽوپيون لاهي ڇڏيون.
ڊگهو قد، ويڪري ڪلهن وارو وڪيل هڪ سخت صوف وانگر چمڪي رهيو هو. ڪچري واري قالو ۽ ڀنگي جي آڏو گذرندي هُن ڪنڌ لوڏي هنن کي سلام ڪيو پر ڪجهه پڇڻ جي زحمت نه ڪئي. قالو وائڙو ٿي وڪيل صاحب کي پويان ڏسندو رهيو.
“هن جا بوٽ ڪئين کڙڪو ڪري رهيا هئا” ڀنگي چيو.
قالو ڪو جواب نه ڏنو. ڀلا پاڙي ۾ رڳو هڪ وڪيل صاحب ٿوري آهي. انهي ئي گھڙي هڪ ٻئي گهر جو دروازو کليو. قالو ان گهر مان ٻاهر ايندڙ ڪپهه جي ٿلهي متاري واپاري جو اميد ڀريو انتظار ڪرڻ لڳو. وري ساڳي نموني هو ڦٽ پاٿ وٽ مٿانهين جڳهه تي وڃي ٽوپي لاهي بيٺو. هو به وڪيل وانگر انهي ٻنهي جي سامهون گذري ويو. ان به هنن سان ڪو حال احوال نه ڪيو، ايستائين جو هنن طرف ڏٺو به ڪونه. دروازا کلندا ۽ بند ٿيندا رهيا، شاگرد ۽ ڪمن ڪارين تي ويندڙ اتان گذرندا رهيا پر ڪنهن به هن طرف ڌيان نه ڌريو.
“پنهنجو جيءُ نه جلاءِ. الله چاهيو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو” ڀنگي قالو کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
جڏهن اهو چئي هو وڃڻ لڳو ته قالو جي اميدون ٻڏڻ لڳيون. پنهنجي اداس ۽ اٻاڻڪي نظرن سان پاڙي طرف نهاريندو رهيو، فٽ پاٿ تي ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ويهي رهيو.
سج ڪافي چڙهي آيو هو. پاڙي جي اوڀاري پاسي جون دريون تپي ٽامون ٿيڻ لڳيون هيون. سوڙهيون گهٽين مان هڪ گهٽي مان هڪ ڪٻڙي پوڙهي نڪتي، ان جي هٿ ۾ هڪ وڏي ٽوڪري هئي. هوءَ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهي هئي ته ان جي نظر قالو تي وڃي پئي ۽ چيو “ها..، هي ڇا؟ هن جو ڇڪڙو ڪاڏي ويو؟”
هوءَ هن جي ويجهو آئي ۽ پڇيو “تنهنجي ڇڪڙو ڪاٿي آهي؟
قالو منهن مٿي ڪري پوڙهي کي ڏٺو ۽ چوڻ لڳو“ڪو به نه امان، ڪو به نه، هاڻي مون وٽ ڪوبه ڇڪڙو ڪونهي.”
“ڇو؟ ڇا ٿيو تنهنجي ڇڪڙي کي”
هنن مون کان واپس وٺي ڇڏيو، هنن مونکي ڪم مان ڪڍي ڇڏيو”
“ڇو ڪڍي ڇڏيو؟”
“منهنجي جاءِ تي هنن صفائي جي ڪمن جي ڊائريڪٽر جي ڪنهن ويجهي ماڻهون کي رکي ڇڏيو آهي” هن پوڙهي طرف آخري اميد سان نهاريو.
“ٺيڪ ٿو چوين! اها گھڻي طرفداري ناهي؟ ڇا انهن منهنجي سادات کي به ان جي ڪم تان هٽائي ان جي جاءِ تي ان ڳاڙهي چپن واري مائي کي ڪونه لڳايو هو؟ اهو ان لاءِ ڪونه ٿي چوان جو هو منهنجو پوٽو آهي، سادات جهڙو لائق ۽ شريف ٻچڙو ڪاٿي ٿو ملي هن دور۾؟ نه هو سگريٽ پئي ٿو، نه ڪنهن خراب جڳهن جي کيس ڄاڻ سڃاڻ. هو معصومڙو ته پنهنجي پگهار ۾ اضافي جي اميد ڪري رهيو هو ۽ مان چوندي هئس ته ان جي وڌيل پگهار مان ٻه ٻوريون ڪوئلي جون وٺي ڪنهن ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندس، ڇو ته لڳي ٿو هن سال ڪهر جو سيءُ پوڻ وارو آهي. ڇا توکي خبر آهي ڪهري سيءُ ڪئين هوندو آهي؟ جڏهن اهو پوندو آهي ته انسان جون رڙيون ڪڍرائي ڇڏيندو آهي.” هن جي اڳيان پلٿي هڻي ويٺل پوڙهي چيو.
ڪئين نه ٿو ڄاڻان؟ منهنجي “سهڻي” اهڙي ئي سخت پاري واري سيءَ ۾ پيدا ٿي هئي. ان سال ته چون ٿا ٽيليفون جون تارون به ٽٽي پيون هيون. زمين به ڏرا ڏئي وئي هئي. پر طبيلو مڪمل طور گرم هو، ڇو ڀلا؟  انهي لاءِ جو مان بيلچي سان ڇيڻن کي هٽائيندو ڪونه هئس، مان چوندو هئس ان کي اتي رهڻ ڏيو. ان سان طبيلو گهڻو گرم رهندو.  هڪ ڏينهن اڌ رات جو وقت هو ته ماءُ، اها منهنجي “سهڻي” آهي نه، ان جي ماءُ جي ڳالهه پيو ڪيان، “نوري” نالو هو ان جو. خدا جي حڪمت ڏس. اهي گهوڙا به حمل دوران عورتن وانگر چنگهن ٿا. ان رات ٻاهر گوڏن تائين برف پيل هئي، طوفان جو زور ايترو هو جو لڳي رهيو هو ته طبيلو به اڏاري کڻي ويندو. پر طبيلو اندران گهڻو گرم هو. آئون ماءُ کي ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اهو جيڪو نظر اچي پيو اهو “سهڻي” جو مٿو آهي. پر تون ويچاري “نوري” کان پڇي ها ته خبر پوي ها ته ڪهڙي حال ۾ هئي! هن جي اکين مان نار وهي رهيا هئا. ڪئين ڏسي رهي هئي، پريشان پريشان، مايوس مايوس!” هن وري ٻنهي هٿن ۾ پنهنجو مٿو جهلي جهڪائي ڇڏيو. هو پنهنجي ويڪرن ڪپڙن ۾ صفا ننڍڙو نظر پئي آيو.
“سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي” اهو چئي هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو “مان هن کي چوندو هئس بيهه ته بيهجي ويندي هئي، واه چوندو هئس ته هلي پوندي هئي، سهڻي صفا ماڻهن وانگر هئي، ڳالهه سمجهندي هئي. سهڻي چويس ته پوئتي نهاريندي هئي. سهڻي روئيندي به هئي، چنگهندي به هئي ۽ کلندي به هئي، بلڪل ماڻهن جهڙي هئي. واه منهنجي ٻچڙي واه!”

هن کي اهو محسوس ئي نه ٿيو پوڙهي ته الاءِ ڪڏهن جي اُتان هلي وئي هئي. هو فٽ پاٿ جي مدد سان اٿي بيٺو، گهنجن سان ڀريل، ننڍڙو بيحال قالو آهستي آهستي پاڙي مان نڪري ويو.

No comments:

Post a Comment