Monday, February 5, 2018

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري - مٺل جسڪاڻي

ھڪ سيءُ ٻيو شڪ جي بيماري
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
معمول جي ڪم تي وڃڻ لاءِ ھو گھر مان جڏھن ٽئين دفعي تيار ٿي روانو ٿيو ته جوڻس پڇيس؛ ”اڄ خير ته آھي! ساڳئي ڏينھن جي ساڳي صبح جو، ٽيون دفعو تيار ٿيو آھين. اڄ ڪو خاص مھمان اچڻو آھي، يا صفا ڪا خاص گڏجاڻي ٿيڻي آھي؟“.


”سيءُ آھي، سيءُ!!... ٿورو ٻاھر نڪر ته خبر پويئي...“ پنھنجو مُنھن سُڄائي وراڻيائين ۽ پنھنجي منھن ڀڻڪندي روانو ٿيو ۽ چوندو پئي ويو؛ ”سيءُ به خبر نه آھي ڪٿان ڇتو ٿي اچي اسان تي ڪڙڪيو آھي. نه ڪپڙا سولا، نه سواري سولي، نه پنڌ ٿورو...“

پوئتي لوڻو ھڻي چيائين؛ ”اٺن ٻارن جي ماءُ ٿي آھي ته به شڪ جي بيماري نه ويس!“

No comments:

Post a Comment