Monday, February 5, 2018

مظاھرو - مٺل جسڪاڻي

مظاھرو
مختصر ڪھاڻي
مٺل جسڪاڻي
ڪاڄ ته وڏو ھو، پر مھمانن کي گڏ ويھاري، ماني کارائڻ جو بھترين انتظام ٿيل ھو.
آسائتن پھرين آيلن کي گڏجي ھڪ پنڊال ۾ ويھاريو ھو، ڪجھه دير کان پوءِ، ڄاڻي ٻجھي يا اڻ ڄاڻائي ۾، منھنجي خيال ۾ خاص حڪمت تحت، مھمانن کي مانيءَ جو عام سڏ ڏيڻ بدران، سندن پسند وارن کي اشارو ڪيو. اھي اٿيا ته اڳيان اھي، انھن جي پٺيان وري، انھن کي ڏسي ٻيا به روانا ٿيا.


جيڪي اشارو ڏسي روانا ٿيا ۽ جيڪي انھن جي پٺيان ويا، اھي ته ماني واري پنڊال ۾ وڃي پھتا. جن اشارو نه ڏٺو، اھي جنھن دروازي مان داخل ٿيا، ان دروازي مان ويندڙن کي ڏسي، ان طرف روانا ٿيا.
ماني وارو پنڊال کچا کچ ڀرجي ويو، پوءِ به ڪجھه ڪوٺيل ۽ ڪجھه اڻ ڪوٺيل مھمان، ماني ھلڻ جي خبر نه پوڻ سبب، نه ويھڻ واري ۽ نه ئي ماني واري پنڊال ۾ ھئا.
ماني واري پنڊال ۾ ھڪڙا پنھنجي پنھنجي مرضي جو جوڙ ٺاھي ويٺل ھئا، ٻيا وري، جتي جڳھه ملي، اتي ويھي رھيا. سڀني کي فصيلت سان ويھاري، آرام سان ماني کارائڻ جو بھترين انتظام ھو، پر ان انتظام کي خراب ان ڪري ٿيڻو پيو، جو ھڪ ته ڪوٺيل مھمان به اميد کان وڌيڪ اچي ويا ۽ ٻيو ته مفت جي ماني ٻڌي، اڻ ڪوٺيل به گھڻا اچي ويا. شايد ان ڪري ئي ماني جو عام، کليل اعلان نه ڪيو ويو. تنھنڪري ماني واري پنڊال ۾ جيترا ماني کائڻ لاءِ ويٺل ھئا، لڳ ڀڳ اوترائي، پر ھڪڙا ماني کارائڻ وارا ۽ ٻيا وري ماني کائڻ لاءِ خالي ڪرسي ڳولڻ وارا، ماني جي پنڊال ۾ ڦري رھيا ھئا.
ماني جي لاءِ ھڪ ٽيبل، ان جي ٻاھران چوڌاري اٺ ڪرسيون لڳل ھيون. ھڪ ٽيبل تي ٻه مرد ۽ ڇھه عورتون ويٺل ھيون. ان ٽيبل جي ٽن طرفن کان، اھڙيون ئي ٽي ٽيبلون ھيون، جن جي چوڌاري رکيل ڪرسين تي پڻ ماڻھو ويٺل ھئا. جڏھن ته چوٿئين طرف ڪافي ۽ چانھن رکيل ھئي، جتان ماني کائڻ کان پوءِ ڪنھن چانھن ته ڪنھن ڪافي پئي ورتي.
ڇھن ۽ ٻن جي گڏيل ٽولي ماني به کاڌي پئي، ڪچھري به ڪئي پئي، ان ڪري ئي، ڪنھن ڪنھن مھل آس پاس وارن جو ڌيان به انھن طرف ويو پئي. سندن ڳالھيون ٻڌي، پاڙي ۾ ويٺلن سندن ڳالھيون ٻڌڻ ۽ شڪليون ڏسڻ ثواب سمجھڻ شروع ڪيو.

پنڊال جو اھو ئي ماحول ھو. اتي ڀلجي پھتل ھڪ ھمراھه، ساڻس گڏ ويٺل مھمان کان پڇيو ”محقق، تاريخ نويس، شاعر ۽ اديب اھڙا ٿيندا آھن، جھڙا اھي آھن! منجھن جيڪو اخلاق آھي، اخلاق ان کي چئبو آھي! ھنن ماڻھن کي آزاد خيالي ۽ ڇڙواڳي ائين سمجھه ۾ آئي آھي، جيئن ھي ان جو مظاھرو ڪري رھيا آھن!“

No comments:

Post a Comment