Friday, March 9, 2018

گلاٿراپسٽ - منظور ڪوھيار


گلاٿراپسٽ
منظور ڪوھيار
پراڻي دوست ڪکو خان جا وڏا وڙ، جو ڪافي عرصي کانپوءِ قرب جو قدم ڀري منهنجي گھر اچي پهتو. ڪکو خان کي ڏٺي ڏينهن ٿيا هيا. ان ڪري خوب ڪچهري ٿي. ڪکو خان حالن احوالن ۾ شڪايتون ڪندي، سڀني دوستن جون عجيب و غريب حڪايتون ٻڌايون. ايستائين جو مئلن کي به نه ڇڏيائين. لاشڪ، ته ڪکو خان انهن دوستن منجھان هڪ آهي، جيڪي گڏ کائي، پوءِ به سنگت جي گلا ڪندا آهن. سندس چوڻ آهي؛ ”جيئن فزيوٿراپي، اروماٿراپي، پريشرٿراپي، ۽ ٻيون ڪيتريون ٿراپيون دنيا ۾ مشهور آهن، تيئن گلاٿراپي به اسان جو سماجي ۽ نفسياتي ورثو آهي.“


ان سلسي ۾ دليل ڏيندي وڌيڪ چوندو آهي؛ ”ماڻھو گلا کانسواءِ ڪهڙو آهي. ڄڻ جيئري ئي قبر جي پيٽ ۾ آهي. جتان نه ڪو ٻڌي ۽ نه ورائي“.
اڃا حڪمت آموز دليل ڏيندي گوھر افشاني ڪندو آھي ته چوندو آھي؛ ”گلا ڪرڻ سان پيٽ هلڪو ٿي وڃي ٿو. نظر وڌي وڃي ٿي. تور لھي ٿو ۽ هنيانءُ ٺري پوي ٿو. دل جو بوجھ ۽ غبار ھلڪو ٿيو پوي. طبيعت، سڄو ڏينھن، هشاش بشاش رهي ٿي. خاص ڪري هن پُر آشوب دؤر ۾ ته اهڙي ٿراپي جي اشد ضرورت آهي.“
ڪکو خان جو اهو به چوڻ آهي؛ ”گلاخور لفظ هاڻي مٽجڻ گھرجي. ان جي جاءِ تي ’گلاٿراپسٽ‘ لفظ استعمال ٿيڻ گھرجي. جيئن دائپو ڪندڙ دائيءَ کي گائناڪالاجسٽ سڏجي ٿو. ڀوتپو ڪندڙ ڀوپي کي سائڪوٿراپسٽ سڏيو وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح گلاخور کي وري ’گلاٿراپسٽ‘ سڏيو وڃي ته وڌيڪ اثرائتو رھندو.“
سندس خيال مطابق ته؛ ”هاڻي انهيءَ علم کي نظريه ضرورت مطابق، يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ شامل ٿيڻ گھرجي، جو اهو هر يونيورسٽيءَ جي، هر پروفيسر جو پسنديده موضوع پڻ آهي. ھو بنا ڪنھن تڪليف ۽ ھڻ وٺ جي، اھو علم عملي طرح پڙھائي ۽ سيکاري سگھن ٿا.“
سندس اهڙن علمي دليلن ۽ حوالن کان متاثر ٿي، مون کان به جيترو وس پڳو، اوترو سندس ساٿ ڏنم. پاڻ کي به ٻين جي گلا ڪندي، ڪافي عرصو گذري چڪو هو. سچ پڇو ته گلا ڪندي سڀني پراڻن ۽ نون دوستن کي دل سان ياد ڪيوسي، ۽ ڏاڍي فرحت آئي.
پڪ آهي ته ڪکو خان، هتان اُٿڻ کانپوءِ ٻين وٽ وڃي منهنجي گلا ضرور ڪئي هوندي. مالڪ کيس ڊگھو رسو ڏئي. ائين گلا جو گانگھو کيون گھمندو وتي. ٻين دوستن سان گڏ اسان کي به زنده رکيون اچي.

No comments:

Post a Comment