Sunday, May 6, 2018

باسٽرڊ ايمبيشس - منظور ڪوھيار


باسٽرڊ ايمبيشس
منظور ڪوھيار
ڪکو خان ڪافي ڏينهن کان پوءِ اوطاق تي آيو هيو. پر پنهنجي بت کان بيزار بيزار پئي لڳو.
”ڪکو خان خير ته آهي؟“ مون پڇيو.
”ڪهڙا احوال ٿو پڇين، هن بي قدري سماج ۾ پنهنجي قد وڌائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪرڻو پوي؟“
”اڄڪلھ ڇا ڪري رهيو آهين؟“ مون کانئس پڇيو.


”جتي به ڪو ننڍو وڏو احتجاجي جلسو ٿئي ٿو، پهچڻو پوي ٿو. ادبي پروگرام ٿئي ٿو، وڃڻو پوي ٿو. ڪا ڪانفرنس ٿئي ٿي ته رَسڻو پوي ٿو، ڪو سيمينار ٿئي ٿو، ته اَٽينڊ ڪرڻو پوي ٿو.“
”ڪوٺئي يا اڻ-ڪوٺئي؟“
”ڪو ڪوٺ ڏئي يا نه، وڃڻو ته هر حال ۾ آهي. پنهنجو مؤقف ته پيش ڪرڻو ئي ڪرڻو آهي، پوءِ چاهي ڪجھ به ٿي پوي.“
”ڪکو خان! لڳي ٿو ته اڄڪلھ تون گھڻو ايمبيشس ٿي ويو آهين؟“ مون سندس پرجوش انداز کي ڏسندي چيو.
”اوهان مونکي ايمبيشس چئي، ڄڻ گار ڏئي ڪڍي آهي. ان کان ته مونکي باسٽرڊ ئي چئو ها، ته بهتر هيو.“ ڪکو خان ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
مون حيرت کائيندي کيس گذارش ڪئي ته؛ ”اوهان انگريزي ڊڪشنري اٿلائي ڏسو، اوهان کي ٻنهي لفظن جي معنى جي خبر پئجي ويندي.“
ڪکو خان وراڻيو؛ ”ڇا تو مونکي ايڏو ڄٽ سمجھيو آهي، جو ايتري به خبر ڪونهي ته ايمبيشس جي معنى حرامي ۽ باسٽرڊ معنى جوشيلو آهي“، ائين چئي ڪکو خان ڪاڙجي اوطاق مان نڪري ويو. مان سوچيندو رهجي ويس، ته شايد وقت جي تبديليءَ سان گڏ لفظن جي معنى ۽ مطلب به تبديل ٿي ويا هجن، ۽ ڪکو خان پنهنجي جاءِ تي صحيح هجي، ۽ مان غلط.

No comments:

Post a Comment