Sunday, May 6, 2018

جيئڻ کان ته ڇُٽو - هيرو شيوڪاڻي

جيئڻ کان ته ڇُٽو
مختصر ڪهاڻي
هيرو شيوڪاڻي


منهنجي آفيس چيمبر جو ٻيڪڙيل در کولي، هو ڪيڏي مهل منهنجي ميز جي سامهون واري ڪرسيءَ تي اچي ويٺو هو، مونکي سمڪ ئي ڪا نه پيئي. مان پراجيڪٽ فائيل چڪاسڻ ۾ مشغول هوس. مون جڏهن هُن جي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ جو آواز ٻڌو ته ڪنڌ مٿي کنيو.
”اڙي ڪي سي  تون؟ ڇو خير ته آهي؟“


اسين صبح سويل جا جواءِ واڪرس اڪثر هڪ ٻئي کي نالن جي پهرين ٻن اکرن سان ئي مخاطب ٿيندا آهيون. هو مونکي ايڇ ايم چوندا آهن. مونکي پاڻ ڏانهن ڏسندي، هن اڃا به زور سان روئڻ شروع ڪيو. منهنجي لاءِ هن جو هي روپ نئون ۽ ڇرڪائيندڙ هو. مون ترت بيل وڄائي پٽيوالي کي گهرايو ۽ هن کي اندران فرج مان ٿڌي پاڻي جا ٻه گلاس آڻڻ لاءِ چيو. اڄ اونهاري جو شايد هي سڀ کان گرم ڏينهن هو، حالانڪ اڃا صبح جا ڏهه کن مس ٿيا هئا. آفيس چيمبر جو اي سي فل اسپيڊ ۾ هو، ته به ڏٺم ڪي سيءَ جي نرڙ تي پگهر مڙي آيو هو ۽ هو ڪجهه سهڪي به رهيو هو.
پٽيوالي ٽري ۾ ٻه گلاس آڻي. هڪ اول هن جي اڳيان رکيو ۽ ٻيو منهنجي سامهون رکي. ان تي  ڍڪ رکيو. ڪي سي هڪدم گلاس کڻي تڪڙو پاڻي پيئڻ لڳو. مون پٽيوالي کي چانهن جا ٻه ڪوپ تيار ڪري کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي. پيپر پاسيرا ڪري ڪي سي ڏانهن نهارڻ لڳس ته خالي گلاس ميز تي رکي هو وري ويتر زور سان اوڇنگارن ڏيئي روئڻ لڳو.
يار ڇو ڇا ٿيو؟ مون پنهنجو هٿ اڳيان وڌائي ميز تي رکيل هن جي ٻنهي هٿن تي رکي هلڪو دٻايو ته به هن جو روئڻ جاري رهيو مون به ڪجهه پل سانت ڪري هن کي من هلڪو ڪرڻ جو موقعو ڏنو هن به پوءِ ترت پاڻ سنڀالي رومال ڪڍي اکيون اگهيون ۽ ڪرسي تي سڌو ٿي ويهي ڄڻ پنهنجي اندر جي آنڌمانڌ تي قابو پائڻ جي ڪوشش ڪندو نظر آيو.
”ترس ٻڌايانءِ ٿو.“ هن وري منهنجي گلاس تان ڍڪ لاهي پاڻيءَ جا ٻه چار ٻيا ڍڪ ڀريا. لڳم هاڻ هن جو تن من ڪجهه تر ٿيو هو.
ڪالهه شام جو منهنجي گهر هڪ جوتشي اچي نڪتو ڪي سي ڌيري ڌيري پنهنجو من کولڻ شروع ڪيو.
هو هڪ ٻه دفعا ائين اڳي به پئي آيو آهي. جوتشيءَ منهنجو هٿ ڏسي چيو ته؛ تو اڃا ڏهه پندرهن سال ته واهه جا جيئندين. ۽ هن وري ڊگهو ساهه کڻي اوڇنگارون ڏنيون.
”دلبر چانڊواڻي اها ته سٺي خبر آهي. تو کي ته خوش ٿيڻ کپي. اڃا هٽو ڪٽو آهين، صحت به سٺي اٿيئي. اسين سڀ واهه جا  ڏهه پندرهن سال اڃا جيئينداسين. جيئڻ ماڻينداسين.“ مون هلڪو ٽهڪ ڏنو.
پٽيوالو تيستائين چانهن جو ڪوپ کڻي آيو. اسان ٻنهي چانهن جون سرڪيون به ڀريون. پر ڏٺم ڪي  سي اڃا به ملول نظر آيو.
”مون تو کي شايد نه ٻڌايو آهي ته گذريل ٽن چئن مهينن کان مان ڪهڙين حالتن مان گذري رهيو آهيان. مون کي توهان دوستن کي اهو ٻڌائيندي به شرم ٿو اچي يار. بس مون پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هنئي آهي.“
اسان پنجن ڇهن جوان ٻڍڙن جواءِ واڪرس جي گروپ ۾ ڪي سي عرف ڪيول چانڊواڻي عمر ۾ ڪجهه سال وڏو مگر سڀني کان وڌيڪ خوش اخلاق، چرچن گهٻن ۾ ماهر ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلڻ ۾ هاڪارو آهي. هن ننڍي ڍنگ سان ٺهيل شهر ۾ ڀرواري هڪ وڏي بندرگاهه جي چيف اڪائونٽنٽ جي پد تان رٽائرڊ، شهر ۾ جدا ٺهيل شاهي بنگلن مان هڪ جو مالڪ شروع کان پنهنجي وچولي عمر جي ڪئاليفائڊ انجنيئر پٽ ۽ گائنڪالجسٽ ڊاڪٽر ننهن سان رهندو آهي. سندس ننهن کي به بنگلي جي ڀر ۾ ٺهيل پنهنجي هاسپيٽل آهي.
اسين گروپ جا ٻيا ميمبر به گهڻوتڻو رٽائر ٿيل سرڪاري پينشن بردار آهيون. مان به گذريل ٽن سالن کان ممبئي ڪارپوريشن جي چيف سول انجنيئر جي عهدي تان رٽائر ڪري، پنهنجي ٻارن کي به اُتي آس پاس پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ ڪٽنب سان وسڻ ۾ واهه ڪري، هاڻ پنهنجي ٻڍي ونيءَ سان هن ننڍي پر صاف سٿري شهر ۾ پنهنجو گهر وٺي اچي رهيو آهي. هي شهر آديپور ڪڇ ۾ سنڌين لاءِ خاص اڏايل بستي آهي. هتي ئي هڪ وڏي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ۾ صبح جا صرف چار ڪلاڪ مليل آفر موجب ڪنسلسٽ سول انجينئر طور ڪم ڪندو آهيان.
اُتي ممبئيءَ ۾ ئي صبح جو سويل مارننگ واڪ جي عادت ڪري، جيڪا به گهر جي ويجهو قدري صاف سامونڊي ڪناري تي سالن کان پنڌ ڪرڻ جي هئي. هتي هن شهر ۾ گهر کان چار پنج ڪلوميٽرن فاصلي تي ٺهيل ليلا شام جي ڪٽي تائين اڃا به شانت پنڌ تي ٻين به اهڙين پنجن ڇهن جواءِ واڪرس جي گروپ جو حصو بڻجي ويس. ڪي سي شايد اسان کان به اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ اونداهي جو گهران هڪ هٿ ۾ لٺ ته ٻئي هٿ ۾ بسڪوٽن جي ٿيلهي کڻي ڪتن کي کارائيندو هلندو آهي. ائين هڪ دفعي هن جي هيريل ڪُتن مان اتفاق سان مون کي اڪيلو ڏسي. شايد بسڪوٽن جي لالچ ۾ مون تي اُلر ڪري ڊيچاري ڇڏيو. شڪايت ڪندي کيس چيو ته جواب ڏنائين ته؛ ”يار هي ڪتا چڪ نه پائيندئي. تو کي ته خبر آهي ته ڪتو ماڻهوءَ کان وڌيڪ وفادار آهي.“ ائين هن سان منهنجي وڌيڪ پنهنجائپ به وڌي. اسين سڀ روز صبح جو سوير اوٽ موٽ ڪلاڪ کن پنڌ ڪري، ليلا شام جي ڪٽيا ۾ ٿورو ساهه پٽي موٽندا آهيون. اڪثر هڪ نه ٻئي آرتوار تي واري وٽيءَ سان ڪنهن هڪ يار جي گهر وڃي ناشتو ڪندا آهيون. اُتي ڪي سي پنهنجن چرچن سان کلائيندي پاڻ به وڏا ٽهڪ ڏيندو آهي.
اهڙي ماڻهوءَ سان ههڙي ويڌن. اُن ڏينهن هن پاڻ سنڀالي اُن ويڌن جو جيڪو ذڪر ڪيو. تنهن جو تت ڪجهه هن ريت آهي ۽ پنج ڇهه مهينا کن اڳ هن جو انجنيئر پٽ هڪ آرتوار جي شام جو پيءَ کي سندس ڪمري ۾ اڪيلو ڏسي لنگهي آيو ۽ ڀر ۾ هن سان صوفا تي ويهندي چيائين ته؛ بابا مونيڪا (سندس ڊاڪٽر زال) جي هاسپيٽل ڪافي مشهور ٿي آهي پاسي واري بندرگاهه جي شهر مان آس پاس جي ڳوٺن مان به مريضن هن وٽ اچن ٿا ته هاسپيٽل ننڍي آهي ته هوءَ چاهي ٿي اُن جو ايڪسٽينشن اسانجي پاسي واري بنگلي ۾ ٺهرائي ويهي. ٽيهن بسترن واري ونگ سان ٺهرائجي. بنگلي جو اڌ حصو ئي ڪافي ٿيندو. هن ونگ جي بلو پرنٽ به ٺهرائي آهي ۽ ميونسپل اختياريءَ واري ۽ رجسٽرار سان اڏاوت جي منظوري لاءِ به ڳالهايو آهي. پر بنگلي جي اونرشپ جو مسئلو اڳيان آيو آهي. هوءَ چوي ٿي ۽ منهنجي مرضي آهي ته؛ توهين بنگلي جي اونرشپ منهنجي ۽ مونيڪا جي گڏيل نالي سان جيڪڏهن ٽرانسفر ڪري ڏيو.
ڪي سي اول ته چيو؛ بابلا منهنجي مئي کانپوءِ منهنجي سڀ ملڪيت توهان جي ئي ته آهي. ڀلي ونگ ٺهرايو. دستوري طرح اونرشپ ٽرانسفر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. هن اڌ ۾ منهنجو ڪمرو توهان جو ڪمرو ۽ ڪاريڊار رهڻ ڏيو. مونکي به سنڀالجو مونکي هونئن ته پينشن چڱي چوکي ملي پيئي. توهان جي ڪمائي وڌي ته مونکي ويتر سرهائي ٿيندي.
ان ڳالهه ٻولهه درميان مونيڪا ڪمري ۾ لنگهي آئي. سا چوڻ لڳي؛ ”ڊئڊي هيڏي وڏي بنگلي جو هيءُ اڌ هونئن ئي اجايو پيو آهي. توهان ڪو به فڪر نه ڪريو. اسان توهان کي بلڪل سکي رکنداسين ۽ اسان جو به آئيندو شاندار ٿي پوندو.“ هن تمام مٺڙي طرح  سهري کي اهو به ڀروسو ڏياريو ته بنا قانوني اونرشپ ٽرانسفر جي ونگ جوڙائڻ جي منظوري نه ٿي ملي. وغيره وغيره. پٽ ۽ ننهن جي ڳالهين ۽ قدرتي موهه ممتا اچي ڪيول چنديراماڻي آخر اونرشپ بدلي ڪرائڻ جي قانوني ڪارروائي ۾ ها ڪئي. ڪاغذ پٽ ٺهيا. ڪي سي پاڻ به هڪ ٻه دفعا وڃي تحصيلدار جي آفيس ۾ ملڪيت جي مالڪي پٽ ۽ هن جي نالي ڪرائي آيو.
بس اُن جي مهيني اڌ بعد، هڪ ڏينهن پٽ ننهن وٽس آيا ته ونگ جو ڪم شروع ٿيو. توهان جي آرام ۾ ان اڏاوت جي ڪم ڪري گوڙ شور ٿيندو. اسان توهان لاءِ بنگلي جي آئوٽ هائوس ۾ ڪمرو ٺهرايو آهي. پلنگ ۽ ٻيو ضروري سامان، ڪتاب بتاب ۾ لڳايا اٿئون ۽ ها اوهان کي ڪا به تڪليف نه ٿئي ته پلنگ جي ڀر ۾ هڪ ڪال بيل لڳائي هڪڙو نوڪر خاص توهان لاءِ اپائينٽ به ڪيو آهي. توهان جي هر ڪا ضرورت بس آواز تي هو هڪي حاضر ڪندو.
بس گذريل مهيني کان ڪي سي عرف ڪيول چنديراماڻي اسان جو خوش خلق، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ رٽائرڊ ٿيل اڪائونٽنٽ اُن ننڍي آئوٽ هائوس ۾ ٺهرايل ڪمري ۾ رهندو. ڇا چوان يار. توهان سڀني سان گڏجي فيصلو به ڪيو هو ته جيستائين جيئرا آهيون، پنهنجي مال ملڪيت ڪڏهن به ٻارن جي نالي نه ڪنداسين. اسان جي مرڻ کانپوءِ سندن آهي.
ڪي سي اهو سمورو قصو ٻڌائي پنهنجا ڪرم ڪٽيندي تمام مايوسيءَ مان ٻڌايو ته؛ هاڻ ماريو هي جوتشي چوي ٿو ته تون اڃا به ڏهه پندرهن سال جيئندين! يار ڇا چوان
I am passing through great trauma
۽ پوءِ آهستي لٺ جو سهارو وٺي، هو ڪرسيءَ تان اُٿيو. پٺ ڏيئي منهنجي چيمبر جي گيٽ طرف وڌيو. مان به ڀاري من سان هن کي ٻاهر تائين موڪلائڻ ويس!
ٻئي يا ٽئين ڏينهن شايد منهنجي گهر جو فون، صبح جو سوير وڳو. مان اهي ٻه ڏينهن صبح جي واڪ تي ڪو نه وڃي سگهيو هوس. فون جو وڳو؛ ”ڪي سي يار!“ آواز سڃاتو. اسان جي گروپ جو ساٿي بي ايڇ (ڀڳوان هاساڻي) جو هو. اڳتي چوڻ لڳو؛ ”ڇا ٻڌايانءِ! اسان جو ڪي سي اڄ صبح جو دل جي سخت دوري سبب گذاري ويو آهي. نيونرل ڏهين بجي آهي.“ هن فون رکي ڇڏيو.
منهنجي وات مان ٿڌو ساهه کڄي ويو. هن سان آخري ملاقات جوتشيءَ جي اڳڪٿي ۽ وات مان اوچتو ڪاليج جي وقت ۾ هڪ ڪتاب ۾ پڙهيل سنڌي شاعر نارائڻ شيام جي هڪ نظم جي آخري سٽ جيڪا هن به شايد اهڙي اذيت واري انبو مان لکي هوندي. نڪري ويئي؛ ”جيئڻ کان ته ڇٽو.“


No comments:

Post a Comment