جيئڻ کان ته ڇُٽو
مختصر ڪهاڻي
هيرو شيوڪاڻي
منهنجي
آفيس چيمبر جو ٻيڪڙيل در کولي، هو ڪيڏي مهل منهنجي ميز جي سامهون واري ڪرسيءَ تي
اچي ويٺو هو، مونکي سمڪ ئي ڪا نه پيئي. مان پراجيڪٽ فائيل چڪاسڻ ۾ مشغول هوس. مون
جڏهن هُن جي اوڇنگارون ڏيئي روئڻ جو آواز ٻڌو ته ڪنڌ مٿي کنيو.
”اڙي ڪي سي تون؟ ڇو خير ته آهي؟“